استاد عاشق علي خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد عاشق علي خان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو بادشاهه گويو دهليءَ جي تان رس خان واري انداز جي گائڪيءَ جو ماهر هو. سندس اصل وطن پٽيالا هو، هو پٽيالا گهراڻي جو سرواڻ هو. مگر سنڌ ۾ موسيقارن جي قدردانيءَ جي واکاڻ ٻڌي، هتي ڪهي آيو ۽ جڏهن پاڻ سنڌين جي فراخ دلي، مهمان نوازي ۽ سخاوت جو مشاهدو ڪيائين ته هميشه لاءِ هتان جو ٿي ويو. استاد عاشق علي خان، نامياري موسيقار فتح علي خان جو پٽ ۽ استاد امير خان جو ڀاڻيجو هو، موسيقيءَ ۾ سندس تربيت به استاد امير خان ڪئي هئي. خيال جي گائڪيءَ ۾ سندس مرتبو نهايت اوچو هو. ڳائڻ وقت سرتال ۾ اهڙو گم ٿي ويندو هو، جو کيس پنهنجي وجود جي به خبر نه رهندي هئي. سندس خاص ڪارنامو هي آهي ته هن ڪافيءَ کي به سولي ۽ آسان نموني ڪلاسيڪي انداز ۾ پيش ڪيو، جنهن کي هتان جي عوام ۾ مقبوليت جو درجو مليو. سندس ڪافي ’جادو لائي ويا جيءَ ۾‘ اڃا تائين ماڻهن کان نه وسري آهي. استاد عاشق علي خان ڪافين کي ڪلاسيڪي نموني ڳائڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ ڏاڍو نالو ڪڍيو. سندس ٻي مقبول ڪافي آهي، ”دلبر ملسين ڪهڙي وار“، سندس ايجاد ڪيل هن انگ کي استاد اميد علي خان- توڙي استاد منظور علي خان به قائم رکيو ۽ مشهوري ماڻيائون. استاد بڙي غلام علي خان ۽ استا اميد علي خان ٻئي وڏا گويا هئا، مگر سندس بي انتها عزت ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ساڻس گڏ ڳائيندا به هئا. استاد بڙي غلام علي ته سندس شاگردي به قبول ڪئي ۽ ان ۾ فخر محسوس ڪندو هو. استاد نٿو خان به سندس پرستارن مان هو، استاد بڙي غلام علي خان جا ٽيئي ڀائر استاد برڪت علي خان، استاد امانت علي خان سندس شاگرد هئا. فريده خانم، شمشاد ٻائي ۽ زاهده پروين به سندس شاگردياڻيون هيون. استاد فتح علي خان پٽيالا گهراڻي وارو پڻ سندس شاگرديءَ تي فخر محسوس ڪندو هو. استاد عاشق علي خان ڪجهه وقت هز هائنيس مير علي نواز خان وٽ خيرپور ۾ رهيو ۽ مٽيارين جي سيد محمد زمان شاهه وٽ پڻ. هو هڪ آزاد طبيعت فقير منش ۽ قلندري قسم جو ماڻهو هو، گهڻو ڪري فل سوٽ ۽ فيلٽ هيٽ ۾ ملبوس رهندو هو ۽ لٽي ڪپڙي پائڻ جو شوقين هو، مگر ڪڏهن اهڙو خيال به اچي ويندو هئس، جو گودڙي پايو گهمندو وتندو هو. دل جو سخي مرد به اهڙو، جو اڪثر بدن جا ڪپڙا به لاهي خيرات ۾ ڏئي ڇڏيندو هو. سنڌ جو هي ناميارو موسيقار سال 1948ع ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]