استاد بيبو خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

استاد بيبو خان نامياري ڪلاڪار استاد شادي خان جو پوٽو، استاد گامڻ خان جو پٽ ۽ استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان ۽ استاد علي محمد خان جو ننڍو ڀاءُ هو. استاد بيبي خان جو اصل نالو محمد ابراهيم هو. استاد بيبو خان 1904ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن فن موسيقيءَ جي سکيا والد ۽ ڀائرن کان پرائي ۽ پنهنجي خانداني ورثي يعني ڌرپڌ ۾ ڪمال حاصل ڪيو. ڌرپڌ کان علاوه ٺمريءَ، دادري توڙي خيال جي گائڪيءَ ۾ ماهر هو. سندس ساٿاري، گوالياري گائڪي جو مشهور موسيقار استاد غلام رسول خان هو، پر استاد عاشق علي خان، استاد پيارو خان، استاد اميد علي خان ۽ استاد الھڏنو نوناري به ساڻس گڏ سنگت ڪندا هئا. استاد بيبي خان جو آواز ڏاڍو مٺو، لچڪيدار ۽ سُريلو هو. هو اڪثر سنڌي ڪافيون ڪلاسيڪي رنگ ۾ ڳائيندو هو. پنهنجي وقت جو هي ناميارو موسيقار 25 مارچ 1952ع تي حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ مدفون آهي. سندس ڳايل مشهور ڪلامن مان هيٺيان آهن:

دلبر پرينءَ جو مون سان، منهن تي نقاب آهي
ريڌو وتين ٻين سان، مون سان حجاب آهي.

”نه منهنجي وات مان سهڻا ٿو اهڙو ڪو قسم نڪري،
الاهي عشق ۾ تنهنجي يا غم نڪري يا دم نڪري.“

هن جي سڃاڻپ راڳ سهڻي ۾ خيال ”سخي ڪيوڙا“ ۽ راڳ سُگهُرئي جو ترانو هو. خانصاحب جي شاگردن ۾ استاد قدرت الله خان، استاد نياز حسين، استاد فدا حسين خان، مٺو ڪڇي، محمد هاشم ڪڇي، هادي بخش خان، مائي الهوسائي، محمد صالح ساند ۽ الهڏنو نوناري خاص هئا.[1]

حوالا[سنواريو]