معراج محمد خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

معراج محمد خان (Meraj Muhammad Khan) اتر پرديش جي ضلعي فرخ آباد ۾ پيدا ٿيو. هو 1949ع ۾ ان وقت تائين ڀارت ۾ رهيو جيستائين سندس گهر کي اويڪيو پراپرٽي قرار نہ ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ هو ڪوئيٽا ۾ اچي آباد ٿيو. سندس وڏو ڀاءُ منهاج برنا پڻ ناليوارو صحافي ۽ مزدور اڳواڻ هو.

معراج محمد خان پاڪستان جو سوشلسٽ اڳواڻ هو، جيڪو شاگرد سياست ذريعي سياست ۾ اڀري آيو هو. 1959ع سندس سياسي زندگيءَ جي ٽرننگ پوائنٽ هئي، جڏهن شاگرد سياست تي پابندي هنئي وئي ۽ معراج محمد خان سميت کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. هي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن آمريڪي صدر جي پاڪستان اچڻ جي موقعي تي کاٻي ڌر جي شاگرد اڳواڻن ۽ صحافين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. ان دوران ئي لاهور جي شاهي قلعي ۾ مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر جي مرتئي جو واقعو ٿيو هو.

1960ع ۾ جڏهن کاٻي ڌر جون پارٽيون ماسڪو نواز ۽ چين نواز ڌڙن ۾ ورهائجي ويون ته انهن جو اثر شاگرد تنظيمن تي به ٿيو ۽ معراج محمد خان چين نواز ڌڙي ۾ شامل ٿي ويو.

ايوب خان جڏهن جمهوريت بحال ڪئي ۽ شاگرد تنظيمن تان پابندي ختم ڪئي ته 1962ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پولو گرائونڊ ۾ ايوب خان جي حامي مسلم ليگ ڪنوينشن جي ميڙاڪي ۾ شاگرد اڳواڻ داخل ٿي ويا ۽ انهن اسٽيج تي قبضو ڪري پنهنجا مطالبا پيش ڪيا، جنهن کانپوءِ معراج محمد خان سميت ٻارنهن شاگرد اڳواڻن کي لاهور بدر ڪيو ويو ته اها هڪ ملڪ گير تحريڪ بڻجي وئي.

قافلو جڏهن حيدرآباد پهتو ته سڄو شهر اٿلي پيو ۽ تنهنڪري تڪڙ ۾ اتان به کيس ڪڍيو ويو، ايئن هو پنجاب ۾ داخل ٿي ويو، جيڏانهن ويو ٿي اتي ڪاليجن ۾ موڪلون ٿي وينديون هيون، هڪ جوش ۽ جزبو هو، جنهن جي سڀ کان وڏي علامت معراج محمد خان هو. 1965ع ۾ جڏهن پاڪ-ڀارت جنگ ٿي، ان وقت معراج محمد خان جيل ۾ هو، حڪومت کيس گذارش ڪئي ته ماڻهن کي ريڊيو تي خطاب ڪري ۽ قومي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪري، جيڪو هن ڪيو.

ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڳاپن ۾ جڏهن ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ ڀٽو استعيفيٰ ڏئي جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته اين ايس ايف (NSF) سندس مان ۾ رات جي مانيءَ جي دعوت ڪئي، جتي ڀُٽي سوشلزم کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو، جنهن جي ڪري معراج محمد خان، ڀُٽي جي ويجهو ٿيو ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو.

ڊاڪٽر جعفر احمد جو چوڻ آهي ته جڏهن پيپلز پارٽي ٺهي ته کاٻي ڌر جا ڪيئي ماڻهو ان ۾ شامل ٿي ويا. ڇو جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته کين پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي اڳين مورچي طور استعمال ڪرڻ گهرجي. تنهنڪري خيال اهو ڪيو وڃي ٿو ته معراج محمد خان ڪميونسٽ پارٽي جي اشاري تي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.

تجزيا نگار ڊاڪٽر توصيف احمد جو چوڻ آهي ته ڀُٽي کي اين ايس ايف پليٽ فارم ڏئي، ڪراچيءَ جي مزدورن ۽ شاگردن ۾ تعارف ڪرايو هو.

پيپلز پارٽي جي قيام ۽ نظريي ۾ معراج محمد خان جو اهم ڪردار هو، پيپلز پارٽيءَ جو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو جيڪو بنيادي نعرو هو ان کي عام ڪرڻ ۾ به هن جو اهم ڪردار هو.

پيپلز پارٽيءَ ۾ هن شروعات ۾ تنظيمي ذميواري سنڀالي، پر پوءِ کيس وفاقي وزير جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. پر هن جلد ئي ان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سندس اختلافن جو هڪ سبب مولانا ڪوثر نيازي به ٻڌايو وڃي ٿو.

ڊاڪٽر جعفر احمد جو چوڻ آهي ته معراج محمد خان جا جيڪي خيال ۽ نظريا هئا، سي پ پ پ جي سياست سان مطابقت رکندڙ نه هئا، تنهن ڪري هن پارٽي ڇڏي ڏني، جنهن جي ڪري کيس ڀُٽي جي ڪاوڙ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ کيس جيل ڀيڙو ڪيو ويو. سياسي پارٽين کي ٺاهه ڪرڻا پوندا آهن، جيڪي نظرياتي سياست ڪن ٿا، تن لاءِ ٺاهه قبول ڪرڻ جوڳا نه ٿا ٿين، تنهن ڪري انهن جو اهڙين پارٽين ۾ هلڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.

پيپلز پارٽيءَ کانپوءِ هن قومي محاذ نالي پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهي ۽ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا هنئي وئي ته هو اڳين مورچن تي هو. اهڙي طرح هو جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ يعني ايم آر ڊي جو به اهم حصو رهيو.

عمران خان جڏهن تحريڪ انصاف جو بنياد وڌو ته معراج محمد خان پنهنجي سوچ ۽ فڪر سميت ان ۾ شامل ٿي ويو ۽ کيس پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل بڻايو ويو، تجزيا نگار ۽ صحافي مظهر عباس موجب عمران خان، جڏهن جنرل مشرف جي حمايت ڪئي، تڏهن کان سندس عمران خان سان نظرياتي اختلافن جنم ورتو، عمران خان سان گڏ هو جنرل مشرف سان ملاقات لاءِ هليو ويو.

تحريڪ انصاف ڇڏڻ کانپوءِ هو مزدور ڪسان پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو پر ان ۾ ڪو به اهم ڪردار ادا ڪري نه سگهيو.

21 جولاءِ 2016ع تي معراج محمد خان ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ 77 ورهين جي عمر ۾، اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي، هن دنيا ۾ لاڏڻو ڪري ويو.[1][2][3]

حوالا[سنواريو]