ڪيمپ ڊيوڊ معاھدا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيمپ ڊيوڊ معاھدا

ڪيمپ ڊيوڊ جي معاھدن واري تقريب ۾ مناحيم بيگن، جمي ڪارٽر ۽ انور سادات
قسم باھمي معاھدو
صحيح ڪرڻ جي تاريخ 17 سيپٽمبر 1978 (1978-09-17)
مقام واشنگٽن، ڊي.سي.، آمريڪا جون گڏيل رياستون
اصل صحيح ڪندڙ
صحيح ڪندڙ
توثيق ڪندڙ
  • مصر
  • اسرائيل
ٻولي


'ڪيمپ ڊيوڊ معاھدا(انگريزي: Camp David Accords ) اھي معاھدا مصر جي صدر انور سادات، اسرائيلي وزيراعظم مناحيم بيگن ۽ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي صحين سان 17 سيپٽمبر 1978 ۾ ڪيا ويا جن ذريعي ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ باھمي امن معاھدي ذريعي مصر جي سينائي اپٻيٽ مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي جو عام پروگرام طئي ڪيو ويو جيڪو 1967 کان وٺي اسرائيلي قبضي ۾ ھيو[1]. ڪيمپ ڊيوڊ ۾ آمريڪا جي ٽياڪڙي سان تيرھين ڏينھن مسلسل ڳالھين ٻولھين جي نتيجي ۾ معاھدا عمل ۾ آيا[1]. انور سادات ۽ مناحيم بيگن کي ان معاهدي جي ڪري امن جو نوبل انعام مليو پر وچ اوڀر ۾ ان معاھدي جي خلاف وڏو ردعمل ٿيو[1]. ان معاھدن ذريعي سينائي اپٻيٽ مان اسرائيلي فوج جي مڪمل واپسي 1982 جي بھار واري موسم ۾ پوري ٿي[1]. ان معاهدي جي نتيجي ۾ ان معاھدن جي اسلامي مخالفن انور سادات کي 6 آڪٽوبر 1981 ۾ قتل ڪيو ۽ عرب ملڪن مصر جو سفارتي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ھن معاھدن سان مصر ۽ اسرائيل وچ ۾ امن قائم ٿي ويو[1].

محمدانور السادات ، جمي ڪارٽر ۽ مناحيم بيگن ڪيمپ ڊيوڊ ۾
انور السادات ، مناحيم بيگن ۽ انھن جا وفد ڪيمپ ڊيوڊ ۾

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 128,129,