مريم مختيار
| مريم مختيار | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| تاريخ ڄم | |
| موت | |
| رهائش | |
| شھريت | |
| عملي زندگي | |
| مادر علمي | |
| راند | ايسوسيئيشن فٽبال |
| ويب سائٽ | |
| ويب سائٽ | |
| ترميم | |
| Mariam Mukhtar (اردو: مریم مختار) | |
|---|---|
| پيدائش | 1993 |
| رھائش | ڪراچي |
| قوميت | |
| پيشو | Flight Lieutenant,Pilot officer |
| شھرت جو ڪارڻ | Pakistan's first female pilot to have died on mission |
| مذھب | اسلام |
مريم شيخ a.k.a (مريم مُختيار شيخ انگريزي ٻولي: Marium Mukhtiar Shaikh; اردو: مریم مختیار) شهيد پاڪستاني ويڙهاڪ جنگجو هواباز (Fighter Pilot) پاڪستان هوائي فوج (PAF) ۾ پهرئين سنڌي عورت پرواز آفیسر(Flying Officer) هئي. مريم شِيخ روايتي مرداڻي سماج ۾ پنهنجي سفر ۽ خواهش جي باري ۾ 15 جنوري 2014 تي بي بي سي کي انٽرويو ۾ چيو هيو ته "هوءَ ڪجهه مختلف ڪرڻ چاهي ٿي"[1]. 2006ء ۾ ست پاڪستاني عورتن سنديافتا ٿيڻ جي لاءِ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ خصوصي مردن جي ڪلب (بزم) (Male Clubs) ۾ عورت ويڙهاڪ هواباز جي طور تي شامل ٿيون.
ذاتي زندگي
[سنواريو]مريم شيخ اصل پنوعاقل، سنڌ جي هئي ۽ ڪرنل ريٽائرڊ مختياراحمد شيخ جي ڌيءُ هئي.۽ هينئر ڪراچيءَ جي ملير ڇاوڻيءَ جي علائقي جي رهائش پذير هئي
پيشو
[سنواريو]مريم مختيار شيخ پاڪستان هوائي فوج ۾ ويڙهاڪ هواباز طور شموليت اختيار ڪئي. هيءَ انهن 20 خوشنصيب ويڙهاڪ هواباز آفيسر عورتن مان هڪ هئي جن پنجن ڏهاڪن کانپوءِ مرداڻي غلبي واري سماج ۾ طاقتور فوج جو حصو بڻيون هيون.
شهادت (موت)
[سنواريو]هواباز آفيسر مريم شيخ ۽ سندس ساٿي-هواباز اسڪوائڊرن ليڊر ثاقب عباسي پي اي ايف(PAF) جو جهاز ايف ٽي-7 پي جي(FT-7PG) اُڏاريو ۽ هو معمول جي مطابق عملي تربيتي مشق تي هياته سندن جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو[2].مريم شيخ پاڪستان هوائي فوج جي پهرئين عورت پائليٽ هئي جنهن فرض دوران شهادت ماڻِي آهي[3].اڱارو 24 نومبر 2015 تي پرواز ۾ ہنگامي حالت (in-flight emergency) سبب سندس جهاز ڪُنديان ويجهو ميانوالي ضلعي، پنجاب ۾ حادثي جو شڪار ٿيو[4][5][6]. هيءَ ۽ سندس ساٿي هواباز پائليٽ جهاز مان نڪتا، بعد ۾ هيءَ زخمن سبب اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.
اعزاز
[سنواريو]ڊيفينس بابت سينيٽ جي اسٽِنڊنگ ڪاميٽِي مريم مختيار لاءِ اعزاز جي سفارش ڪئي، ۽ حڪومت پاڪستان کيس فوجي اعزاز تمغهءِ بسالت سان نوازيو.[7][8][9][10].
پڻ ڏسندا
[سنواريو]Mariam Mukhtar انگريزي وڪيپيڊيا تي مضمون پڻ ڏسندا.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Fighting stereotypes: Pakistan's female fighter pilot - BBC News
- ↑ Female co-pilot dies as training jet crashes in Mianwali - The Express Tribune
- ↑ First Pakistani female fighter pilot Marium Mukhtiar killed in air force plane crash - IBTimes India
- ↑ Pakistan female fighter pilot Marium Mukhtiar mourned after crash - BBC News
- ↑ Female pilot dies as PAF trainer jet crashes near Mianwali - Pakistan - DAWN.COM
- ↑ Female pilot Marium martyred as PAF training aircraft crashes near Mianwali | Pakistan | thenews.com.pk |, اصل نسخو مان 2015-11-26 تي محفوظ ڪيل, 2015-11-25 تي حاصل ڪيل
- ↑ Web Desk (December 4, 2015). "Senate body recommends state award for martyred pilot Maryam Mukhtar". Daily Times Pakistan. 30 January 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "SSCD recommends state award for martyred pilot Mariam Mukhtar". Dunya News Network. Dunya News TV. December 4, 2015. 30 January 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "SSCD recommends state award for martyred pilot Mariam Mukhtar". onlineindus news. December 4, 2015. اصل نسخو مان 4 February 2016 تي محفوظ ڪيل. 30 January 2016 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Faizan Ahmed Rana (January 30, 2016). "Govt. to award 'Tamgha-e-Basalat' to martyred PO Maryam Mukhtar". Baaghi TV, Pakistan. اصل نسخو مان 2 August 2018 تي محفوظ ڪيل. 30 January 2016 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- راند وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- Articles containing Urdu-language text
- سانچا
- Articles containing انگريزي-language text
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 errors: redundant parameter
- پاڪستاني شخصيتون
- پاڪستاني عورتون
- سکر ضعلو جا ماڻھو
- سنڌي ماڻھو
- ڪراچي جا ماڻھو
- هوابازي
- 1992ع جون پيدائشون