مريخ
چنڊَ | ٻہ (ڊائيموس)، (فوبوس) |
قطر | 6780 ڪلو ميٽر |
نيم قطر | 3389.5± ڪلو ميٽر |
ايراضي | 144789500 ايسڪوئر ڪلو ميٽر |
گرمي پڊ | 35 ڊگري(؟) |
گردش | 24 ڪلاڪ ۽ 40 منٽ |
چڪر | 687 ڏينھن |
ماحول | 95.97 سيڪڙو ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ |
سج کان فاصلو | 228 ملين ڪلو ميٽر |
مريخ (علامت: ) نظامي شمسي جو ڇوٿون گرھ آھي ۽ ٻيو ننڍي ۾ ننڍو گرھ آھي مشتري کان پوء . مريخ جو نالو روم جي جنگي ديوتا جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي هن کي ڳاڙو گرھ بہ چئبو آهي ڇاڪاڻ تہ مريخ جو مٿاڇرو آئرين آڪسائيڊ جي مٽي سان ڍڪيل آهي جيڪو ان کي ڳاڙو ڪلر ڏي ٿو. مريخ ڌاتو ۽ پٿريلي مادو جو ٺهيل گرھ آھي جنهن جو ماحول ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي تھ سان ڍڪيل آهي. هن جو مٿاڇرو زمين سان مشابهت رکي ٿو . مريخ تي ريگستان واديون قطبن تي برف سان ڍڪيل پهاڙ موجود آهن هن جي گردش ۽ موسم جو چڪر پڻ زمين سان ملندڙ آھي . مريخ تي جبل اولمپس موجود آهي جيڪو نظامي شمسي جو ٻيو وڏو جبل ۽ وڏو ولڪينو پڻ آهي. مريخ تي موجود واڌي مرينرز نظامي شمسي جي وڏي گهري واڌي آهي. مريخ کي ٻہ قدرتي چنڊ آهن ڊائيموس ۽ فوبوس جيڪي ننڍا ۽ بيڍولا آهن.
مريخ تي هلندڙ تحقيق اتي ماضي ۾ انساني آبادڪاري ۽ زندگي جا آثار تلاش ڪرڻ ۾ مصروف آهي جڏهن تہ مريخ جي مٿاڇري تي اڃا تائين پاڻي پاڻياٺ واري حالت ۾ نہ مليو آهي ڇاڪاڻ تہ مريخ تي زمين جي ڀيٽ ۾ گهٽ داٻ آهي . پر مريخ جي ٻنهين قطبن تي برف جي تھن سان ڍڪيل آهن. ان جو ڏکڻَ وارو برف تھ اگر پگرجي تہ لڳ ڀڳ سموري مريخ جي مٿاڇري کي ڇهن فوٽن سان ڍڪي ڇڏيندو. ناسا وارن 2016 ۾ يوٽوپيا پلينٽيا واري علائقي ۾ زير زمين برف جو هڪ وڏو تھ دريافت ڪيو هو جنهن جي پاڻي جو مقدار ليڪ سوپيرير جي برابر آهي. مريخ کي کليل اک سان زمين تان آساني سان ڏسي سگهجي ٿو.
مريخ تي سج گرهن
مريخ سياري کي ٻہ چنڊ آهن جنھن ۾ فوبس چنڊ ۽ ڊائيموس چنڊ مريخ جا اهوئي ٻہ چنڊ مريخ تي ٿيندڙ سج گرهن جي مقدار کي گهٽائيندا آهن جنھن سبب سج گرهن جو نظارو پاڇي ۾ ڏسڻ لاءِ ملندو آهي مريخ تي سج گرهن جي ان منظر جو اصل ڪارڻ فوبس نالي چنڊ بڻبو آهي هاڻي تائين جي فلڪياتي تحقيق ۾ خالي اهو چنڊ اي مريخ تي سج گرهن جو ڪارڻ بڻجي ٿو جڏهن فوبس چنڊ پنھنجو چڪر لڳائيندي سج ۽ مريخ جي ويجھو اچي ويندو آهي تہ ان صورت ۾ فوبس چنڊ سج جي سامھون هڪ ننڍو ٽٻڪو جھڙي شڪل ۾ ڏيکاربو آهي تہ ان وقت سج گرهن جي شروعات ٿيندي آهي فوبس چنڊ جي سج جي سامھون اچڻ سبب ڪنھن ريت حصو سج ۾ لڪي ويندو آهي خالي ان ريت اي مريخ تي سج گرهن جو منظر ڏيکاربو آهي گهڻو ڪري اهو گول روشن ئي هوندو آهي ڪڏهن اڌ ڪڏهن پورو ڪڏهن گول روشن انھن گڏيل سبب جي ڪري سج گرهن نٿو ٿي سگھي انجو ڪارڻ فوبس چنڊ جي عراضي 18 کان 27 ڪلوميٽر جي ويجھو آهي جيڪو ننڍي هجڻ سبب ڪڏهن بہ سج کي لڪائي نٿو سگھي فوبس چنڊ خالي 7 ڪلاڪ 39 منٽن ۾ مريخ جي ويجھو پنھنجو چڪر پورو ڪري وٺندو آهي
جڏهن تہ مريخ پنھنجي مدار ۾ محوري گردش 24 ڪلاڪ 37 منٽ ۾ پورو ڪري وٺندو آهي گول روشن سج گرهن ۾ فوبس چنڊ سج جي سڌ ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ هلندي ھيٺائي ڏا اڌ سج گرهن جي شڪل ڌاري ختم ٿي ويندو آهي، جڏهن تہ ڊائيموس نالي چنڊ جي عراضي 12.39 ڪلوميٽر آهي جڏهن اهو سج جي سامھون کان مريخ ۽ سج جي ويجھو گذرندو آهي تہ هڪ ٽٻڪي جي نشان کان سواءِ نظر ناهي ايندو انکان سواءِ اهو مريخ جي مدار کان گھڻي وٿي تي گذرندو آهي جنھن سبب ڊائيموس چنڊ مريخ تي سج گرهن جو سبب نٿو بڻجي.
چنڊَ
[سنواريو]مريخ جا چنڊ
مريخ سياري جا ٻہ چنڊ آهن جنھن مان فوبس نالي وڏو آهي فوبس مريخ جي سطح کان ڇھ هزار ڪلو ميٽر جي مٿاڇري تہ موجود آهي هي چنڊ سولر سسٽم جو واحد چنڊ آهي جيڪو اسانجي پاڙيسري مريخ سياري جي ايترو ويجھو آهي حقيقتن اهو مريخ جي جيو سٽيشنري مداري کان بہ ويجھو آهي مريخ جي گهڻي گهٽ مٿاڇري تي هجڻ سبب ان چنڊ کي پنھنجي مدار ۾ رهڻ جي لاءِ مريخ جي ويجھو تيز چڪر لڳائڻو پوندو آهي هي هڪ ڏينهن ۾ مريخ جي ويجھو پنھنجا ٻہ چڪر پورا ڪندو آهي خالي چار ڪلاڪ پندرهن منٽن ۾ هي مريخ جي مٿاڇري تي اولھ کان ٿيندي اوڀر ڏا هليو ويندو آهي فوبس هر سال هڪ ڏهائي اٺ ميٽر مريخ جي ويجھو ٿيندو رهي ٿو ماهرن موجب تقريبن ٽيھ کان پنجاھ ملين سال کانپوءِ هي يا تہ مريخ جي سطح سان ٽڪرائبو يا وري مريخ جي ڪشش انکي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندي جيڪي زحل جي رنگن جيان مريخ جي ويجھو رنگ ٺاهي ڇڏيندا فوبس جي ڪشش گھڻي گھٽ آهي جيڪڏهن اوهان ستر ڪلو گرام جا آهيو تہ فوبس تي اوهان جو وزن هڪ ڪلو گرام بہ مس ٿيندو ناسا ان چنڊ کي مريخ جي مشنن جي لاءِ اسٽيشن طور استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو گھڻي گهٽ ڪشش ڪارڻ ان تي لينڊنگ لھڻ مشڪل ڪم نہ ھوندو جنھن جو اتي لھندڙ گاڏي کي فائدو حاصل ٿيندو ياد رهي تہ فوبس چنڊ ناسا جي وائڪنگ سيٽلائيٽ پاران 1978ع ۾ دريافت ڪيو ويو هئو