فوبوس ۽ ڊيموس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فوبوس ۽ ڊيموس Phobos & Diemos

ھي ڪھاڻي تڏھن جي آھي جڏھن اسان مريخ کي ھڪ عجيب راز نموني ڏسي رھيا ھئاسين. مريخ اسان جي خيالن کان لھي ڪري آھستي آھستي ڪتابن ۾ ڇپجڻ لگو ھو. اسان جي سوچ، فڪر، ناول ۽ ڪھاڻين ۾ مريخ تي خلائي مخلوق ھجڻ جون ڳالھيون ڪيون پئي ويون. مريخ کي ته اسان صدين کان سڃاڻون ٿا پر مريخ جا ٻه چنڊ به ھوندا ؟ اھو ڪنھن کي به خبر نه ھئي. اھو دور اسان جي اندازن جو دور ھو.

17ھين صدي جي شروعاتي ڏھاڪن تائين Kepler به Law of planetry motion گرھن جي چرپر جا قانون ڏئي چڪا ھئا. 1726ء ۾ ليکڪ جوناٿن سوفٽ پنھنجي ڪتاب Gulliver's Travels ۾ مريخ جي ٻن چنڊن جي اڳڪٿي ڪري سڀني کي ڏندن ۾ آنڱريون ڏئي ڇڏيون. جيتوڻيڪ ان وقت تائين مريخ جا چنڊن جي کوجنا اڃان نه ٿي ھئي. سوفٽ پنھنجي اڳڪٿيء ۾ ٻنھين چنڊن جي مفاصلي ۽ محوري گردش جي باري پڻ ٻڌايو. ھن اڳڪٿي ڪئي ته ھڪ چنڊ 10 ڏھ ڪلاڪن ۾ جڏھن ته ٻيو چنڊ 21.5 ڪلاڪن ۾ چڪر پورو ڪن ٿا.

مريخ جي چنڊن جي کوجنا کان پھرين ھڪ واري ٻيھر Voltaire به مريخ جي ٻه چنڊ ھجن جي ڳالھ ڪئي. Voltaire کي خبر ھئي ته مرڪري ۽ زھرا يعني وينس کي ڪو به چنڊ نه آھي . زمين کي ھڪ چنڊ آھي ۽ جوپيٽر وٽ چار چنڊ آھن. ڇو ته ان مھل تائين جوپيٽر جا رڳو چار چنڊن جي کوج ٿي ھئي . ٿي سگھي ٿو ته والٽيئر اندازو لڳايو ته مريخ زمين کان پوء آھي ۽ زمين وٽ ھڪ چنڊ آھي ته مريخ وٽ ٻه ھجڻ گھرجن. پر ان وقت تائين مريخ جو ڪوبه چنڊ جي کوجنا نه ٿي ھئي.

سن 1862ء ۾ اسان ھنن چنڊن کي باقاعدگي سان ڳولھا شروع ڪئي. انيڪ ماھرن پنھنجون نظرون ۽ دوربين مريخ تي ڄمائي ڇڏيا. موسم صحيح ۽ صاف ھجڻ باوجود ڪا به ڪاميابي نه ملي سگھي. نيٺ پندرنھن سالن کان پوء 10 آگسٽ 1877ء تي Asaph Hall کي مريخ وٽ ڪجهه نظر آيو. موسم خراب ھجڻ ڪارڻ ھي انھن جي سڃاڻپ نه ڪري سگھيو. 11 آگسٽ تي ھن مريخ وٽ ڪجهه نه ڏٺو ته ھن دل لاھي ڇڏيو ۽ چنڊن جي ڳولھا کي بند ڪرڻ چاھيائين پر گھرواري جي اسرار تي ھن ٻيھر سندرو ٻڌو ۽ 12 آگسٽ 1877ء تي مريخ جي پھرين چنڊ ڊيموس Diemos جي کوج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ۽ 18 آگسٽ تي فوبوس Phobos به کوجي ورتائين. خير ھن کوج کان پھرين ڪيل اڳڪٿين کي اسان Lucky Guess قسمتي ڌڪو چئي سگھون ٿا.

مريخ جي چنڊن جا نالا پراڻي طور تي ايريس جي پٽن جي نالن تي رکيا ويا . Phobos يعني خوف Diemos معني دھشت. مريخ جا چنڊ اسان جي نظام شمسي جي سڀني کان ننڍن چنڊن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. ڊيموس جو ڊائيا ميٽر 12.6 ڪلو ميٽر جڏھن ته فوبوس جو ايوريج ڊائيا ميٽر 22.2 ڪلو ميٽر آھي. ھي چنڊ مريخ سان مڪمل طور ڳنڍيل آھن . فوبوس ڏھ ڪلاڪن ۾ جڏھن ته ڊيموس 30 ڪلاڪن ۾ ھڪ چڪر پورو ڪندا آھن. يعني سوفٽ اھڙي اڳڪٿي ڪئي ھئي جيڪا سچائي جي بلڪل ويجھي ھئي.

فوبوس Phobos جي محور مريخ جي مٿاڇري کان رڳو 6 ھزار ڪلو ميٽر مٿي آھي نظام شمسي جو ڪو ٻيو چنڊ ايتري ويجھڙائيءَ کان ڪنھن گرھ جو چڪر ناھي لڳائيندو. انھن ٻنھين چنڊن تي ڪو به وايو منڊل نه آھي. ۽ ھنن جو جسم به ايترو نه آھي جو ھي پنھنجي طاقت سان پاڻ کي گول آڪار ڏئي سگھن . مريخ جا ٻئين چنڊ شھابين سان ڀريل آھن. فوبوس تي عجيب نموني ٺھيل ھڪ شھابيو ته ڏھ ڪلو ميٽر تائين ڦھيليل آھي ھي ويڪرائي لڳ ڀڳ فوبوس جي ڊائيا ميٽر جو اڌ کن آھي. جنھن کي اسٽڪني Stickny جي نالي سڃاتو وڃي ٿو . ھي نالو چنڊ جي کوجيندڙ Asaph Hall جي گھرواري جي نالي تي رکيل آھي.

فوبوس ۽ ڊيموس Phobos & Diemos اسان جي نظام شمسي جي سڀني کان اوندھ جسمن ۾ شمار ٿين ٿا. ڪن ماھرين جي خيال موجب ھي چنڊ ڪاربن سان ڀريل جبل ۽ برف سان ملي ٺھيا آھن. Phobos تي 85 ميٽر ڊگھي چوٽي آھي جنھن جو نالو فوبوس مونولٿ آھي.

ھنن چنڊن جي مطالعي لاء سن 1988ء ۾ ٻه مشن Phobos 1 ۽ Phobos 2 موڪليا ويا جيڪي پر حيرت نموني گم ٿي ويا. Phobos 1 سان ته رابطو مريخ تي پھچڻ کان اڳ ئي ٽٽي ويو تنھن ڪري ان کي محور ۾ داخل نه ڪري سگھيو ويو. Phobos 2 محفوظ طريقي سان محور ۾ داخل ٿي ويو جڏھن ته لھڻ کان اڳ ھن کان به رابطو ختم ٿي ويو. ڪھڙي ڪارڻ انھن کي بحفاظت لاھي نه سگھياسين؟ اھي حادثا مريخ جي تاريخ کي اڃان عجيب بڻائي ڇڏي ٿو.

ڪجهه سال اڳ مريخ تي پهچندڙ خلائي جھاز ڪيورسٽي پھرين ڀيري مريخ جي چنڊن جي گرھڻ جي عڪس بندي ڪئي. جنھن ۾ وڏو چنڊ فوبوس ننڍي چنڊ ڊيموس جي اڳيان کان لنگھي ٿو. جنھن سان ڊيموس سڄو ڍڪجي وڃي ٿو.

يورپ جي مريخ ايڪسپريس فوبوس جي 200 ڪلو ميٽر ويجھي کان تصويرون ورتائين. مزي جي ڳالھ اھيا آھي ته فوبوس ھڪ ڏينھن ۾ ٽي چڪر ھڻي ٿو.