مروان ابن حاڪم
| مروان ابن حاڪم | |
|---|---|
| (عربي ۾: مروان بن الحكم) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | 28 مارچ 623 مڪو |
| موت | 7 مَئي 685 (62 سال) دمشق |
| شھريت | خلافت اموي |
| ٻار | عبد المالڪ ابن مروان |
| ڪٽنب | بنو اُميه |
| عملي زندگي | |
| پيشو | والي ،سياستدان ،خليفو |
| ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
| عسڪري خدمتون | |
| ترميم | |
| مروان ابن حاڪم Marwan I | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| بنو اُميه جو ڇوٿون خليفو | |||||
| جون 684 – 12 اپريل 685 | |||||
| پيشرو | معاويہ ابن يزيد | ||||
| جانشين | عبد الماڪ | ||||
| جيون ساٿي | امه هاشم فخيته | ||||
| نسل | عبد الماڪ 'عبدالعزيز عبد الرحمان بِشر محمد عمر عثمان عبيدالله | ||||
| |||||
| گهراڻو | مروند | ||||
| شاھي گھراڻو | اميه | ||||
| پيءُ | الحڪم ابن ابي العاص | ||||
| ماءُ | امينا بنت القامه ال ڪنيها | ||||
| جنم | 28 مارچ 623 طائف، جزيره نما عرب | ||||
| لاڏاڻو | اپريل/مئي 685 (عمر 63 سال) دمشق | ||||
مروان بن حڪم بني اميه خاندان جو چوٿون خليفو آهي . انتهائي ظالم ۽ فاسق شخص هو . سندس پيء حڪم رسول الله صلي الله عيه وسلم جن جو نقل ڪندو هو ۽ کين تڪليفون ڏيندو هو، جنهن ڪري پاڻ سڳورن کيس ۽ سندس پٽ کي مديني مان جلاپطن ڪري ڇڏيو , ابتدائي ٻن خليفن جي دور ۾ به هو مديني ڪونه اچي سگهيا . حضرت عثمان رضي الله عنه مائٽي جو لحاظ رکندي کيس مديني اچڻ جي اجازت ڏني ۽ مروان کي پنهنجو مهرر مقرر ڪيو . مروان ان عهدي جو ناجائز فائدو وٺندي خليفي جي نالي تي عوام کي آزارڻ لڳو , نتيج ۾ بغاوتن جنم ڏنو ۽ انهن دوران حضرت عثمان رضي الله عنه جي شهادت ٿي .
خلافت علي عليه السلام جي دور ۾
[سنواريو]حضرت علي رضي الله عنه جڏهن خليفا ٿيا ته پاڻ مروان جي تلاش ۾ ماڻهو موڪليا , پر هو روپوش ٿي ويو
خلافت معاويه ج دور ۾
[سنواريو]مديني مان نڪرڻ بعد مروان شام ۾ حضرت معاويه وٽ آيو ۽ کيس حضرت علي رضي الله عنگ خاف ڀڙڪايائين .
مروان ۽ حسين بن علي
[سنواريو]معاويه جي وفات بعد جڏهن يزيد جي بيعت جو وقت آيو ته مروان مديني جي گورنر کي حضرت حسين بن علي رضي الله عنه خلاف سخت قدم کڻڻ جو چيو . پر مديني جو والي محب اهل بيت هجڻ ڪري سندس ڳاله نه مڃي , هڪ دفعي جڏهن حسين بن علي ۽ گورنر مدينه پاڻ ۾ مليا ته مروان وچ ۾ ٽپو ڏيندي گورنر کي چيو ته
"هي سٺو موقعو آهي . هتي ئي کيس قتل ڪري ڇڏيو ."
خلافت
[سنواريو]معاويه جي استعفي بعد ملڪ خانه جنگي ۽ وڳوڙ ۾ داخل ٿي ويو , اموين جي ئختکف گروهن ۾ اقتدار لاء ڪشمڪش شروع ٿي وئي . آخرڪار مروان سڀني کي مات ڏئي ملڪ جو بادشاه ٿي ويو . سندس خلافت تي ويهڻ سان اسلامي سلطنت ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ خانه جنگي گهڻي قدر ختم ٿي وئي . البته هو هڪ ظالم ۽ جابر حاڪم هو .