مواد ڏانھن هلو

بنو اميه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(بنو اُميه کان چوريل)

بنو اميہ (عربي ٻولي: بَنُو أُمَيَّةَ) يا اُموي خاندان (عربي ٻولي: الأمويون) قريش قبيلي جو هڪ عرب قبيلو هو، جيڪو 661ع کان 750ع جي وچ ۾ خلافت جو حڪمران خاندان هو ۽ ان کان پوءِ، 750ع کان 1031ع تائين الاندلس ۾. اسلام کان اڳ واري دور ۾، اهي مڪي جي قريش قبيلي جي هڪ ممتاز شاخ هو، جيڪو اميه بن عبدالشمس جي نسل مان هو. اسلامي نبي محمد ﷺ جي سخت مخالفت جي باوجود، اموي سردار سال 630ع ۾ مڪي جي فتح کان اڳ اسلام قبول ڪيو. حضرت عثمان رضي الله عنه جيڪو اموي خاندان مان حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو شروعاتي ساٿي هو، ٽيون خليفي راشدين هو، جنهن 644ع کان 656ع تائين حڪومت ڪئي، جڏهن ته ٻيا ميمبر مختلف گورنرن جا عهدا سنڀاليندا رهيا. انهن گورنرن مان هڪ، شام جي امير معاويه رضي الله عنه، پهرين مسلم گهرو ويڙهه (656 کان 661) ۾ خليفي علي رضي الله عنه جي مخالفت ڪئي ۽ بعد ۾ اموي خلافت جو بنياد دمشق ۾ رکيو. هن اموي خاندان جي شروعات کي نشان لڳايو، اسلام جي تاريخ ۾ پهريون موروثي خاندان، ۽ پنهنجي وقت جي سڄي اسلامي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ وارو واحد خاندان.

بنو اميه خلافت جو جھنڊو

بنو اُميه جي حاڪميت کي ٻي مسلم گهرو ويڙهه ۾ چيلينج ڪيو ويو، جنهن دوران 684ع ۾ معاويه رضي الله عنه جي سفيانين لائين کي مروان بن الحڪم طرفان تبديل ڪيو ويو، جنهن اموي خليفن جي مرواني لائين جو بنياد وڌو، جنهن خلافت تي خاندان جي حڪمراني کي بحال ڪيو. اسلامي سلطنت اموي دور ۾ پنهنجي وڏي جاگرافيائي حد تائين پهچي وئي.[1] بنو اُميه مسلمانن جي شروعاتي فتوحات ڪئي، المغرب، هسپانيا، وچ ايشيا، سنڌ ۽ چيني ترڪستان جا ڪجهه حصا فتح ڪيا،[2] پر مسلسل جنگين رياست جا فوجي وسيلا ختم ڪري ڇڏيا، جڏهن ته علوي ۽ خارجينءَ جي بغاوتن ۽ قبائلي جهيڙن رياست کي اندر کان ڪمزور ڪري ڇڏيو. آخرڪار 750ع ۾ عباسين خليفي مروان ثانی جو تختو اونڌو ڪيو ۽ اڪثر خاندان جو قتل عام ڪيو. بچيلن مان هڪ، عبدالرحمان، خليفي هشام بن عبدالملڪ جو پوٽو، مسلمان اسپين ڏانهن ڀڄي ويو، جتي هن قرطبه جي امارت قائم ڪئي، جنهن کي سندس اولاد، عبدالرحمان سوم 929ع ۾ خلافت ۾ تبديل ڪيو.

اموي دور ۾، الاندلس اسلامي گولڊن ايج دوران سائنس، طب، فلسفو ۽ ايجاد جو مرڪز بڻجي ويو.[3] [4] قرطبه جي خلافت سال 1031ع ۾ ڪيترن ئي آزاد طائفي سلطنتن ۾ ورهائجي وئي، اهڙي طرح اموي خاندان جي سياسي پڄاڻي کي نشانو بڻايو ويو.

اصل ۾ حضرت عثمان رضی اللہ تعالٰی عنہ جي شهادت کان پوِءِ حضرت عثمان رضه جي قصاص جو معاملو زور پڪڙي ويو. امير معاويہ جيڪو حضرت عثمان جو مائٽ هو ۽ شام جو گورنر هو، ان حضرت عثمان رضه جي قاتلن جي گرفتاريءَ جي گُهر حضرت علي رضه کان ڪئي، جيڪو حضرت عثمان جي شهادت کانپوءِ خليفو ٿيو هو. بي بي عاعشه به حضرت عثمان جي قتل جي قصاص جي گُهر ڪئي. حضور صلعم جا صحابه سڳورا به بيبي عاعشه جو ساٿ ڏيڻ لڳا ۽ حضرت علي رضه ۽ بيبي عاعشه جي وچ ۾ جنگ ٿي، جنهن کي جنگ جمل سان ياد ڪيو وڃي ٿو. بيبي عاعشه جڏهن اُٽ تي ويٺي ته ان جون ٽنگون تلوار سان ڪٽي ڇڏيون ويو ۽ بيبي عاعشه جو پاکڙو ڪري پيو، جنهن تي اها ويٺي هئي. بيبي عاعشه کي باندي ڪري يا ڪن روايتن جي مطابق رنجيرن ۾ جڪڙي حضرت علي جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. حضرت عثمان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي امير ماويه بغاوت ڪري ڇڏي ۽ دمشق ۾ پنهنجي خلافت جو اعلان ڪري ڇڏيو. تنهن تي حضرت علي رضه لشڪر وٺي امير معاويه سان جنگ لاءِ روانو ٿيو ۽ امير ماويه ۽ حضرت علي رضه جي وچ ۾ جنگ ٿي، جنهن ۾ روايتن مطابق ٻنهي طرف جا لڳ ڀڳ نوي هزار مسلمان شهيد ٿيا. ان جنگ کي جنگ صفين جي نالي ياد ڪيو وڃي ٿو.

مسلمانن جي هڪ ٻئي گورهه، جنهن کي خارجي چيو وڃي ٿو فتوا ڏني ته امير معاويه ۽ حضرت علي رضه ٻئي ڪافر ۽ مرتد آهن ۽ مسلمانن جا قاتل آهن، تنهنڪري ٻئي واجب القتل آهن ۽ ان گروهه طرفان ٻنهي کي قتل ڪرڻ لاءِ جٿا مقرر ڪيا ويا ۽ صبح جي نماز جو وقت مقرر ڪيو ويو. انهن طرفان حضرت علي رضه شهيد ڪري ڇڏيو ويو. ٻئي دمشق ۾ امير معاويه مسيت ۾ نماز لاءِ نه آيو هو، تنهنڪري اهو بچي ويو.

حضرت علي جي شهادت کانپوءِ امام حسن اڳيان هلي خلافت جي حق تان هٿ کڻي ويو ۽ امير معاويه بيت المال مان حضرت امام حسن ۽ حسين جو وظيفو مقرر ڪري ڇڏيو، جيڪواهي وٺندو رهيا ۽ حضرت امام حسن ڪيترائي ڀيرا پنهنجو وظيفو وڌائڻ جي گُهر به ڪئي. امير معاويه پنهنجي پُٽ حافظ يزيد کي خلافت جو جانشين مقرر ڪيو ۽ حافظ يزيد، امير معاويه جي لاڏاڻي کان پوءِ خليفو ٿي ويو. جيستائين حضرت امام حسن حيات هو، تيستائين وظيفو وٺندو رهيو.

حضرت امان حسن رضه جي رحلت کانپوءِ ڪوفو، جيڪو حضرت علي عليه السلام جي خلافت جي گادي جو هنڌ هئو، اتان جي شهرين خطَ لکي مديني پاڪ ڏانهن حضرت امان حسين عليه السلام کي اُماڻيا. مديني پاڪ جي شهرين حضرت امام حسين کي روڪيو ته ڪوفي وارن تي اعتبار نه ڪري، ڇو جو انهن اوهان جي والد حضرت علي عليه السلام کي به شهيد ڪيو هو. حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي ويڳي ڀاءُ حضرت عقيل رضه کي ڪوفي ڏانهن اُماڻيو ته اهو ڪوفين جو حال ڄاڻي کيس احوال ٻڌائي. حضرت مسلم بن عقيل جي ڪوفي وارن ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي ۽ ان حضرٽ امام حسين کي خط لکيو ته حالتون ٺيڪ آهن، اوهان اچو. ياد رهي ته مديني وارن امام حسين جو صحيح نموني سان ساٿ نه ڏنو هو، ان ڪري حضرت امام حسين مدينو ڇڏي مڪي پاڪ هليو ويو هو. حضرت مسلم بن عقيل جا خط ملڻ کانپوءِ حضرت امام حسين روانو ٿيو ته ڪوفي ۾ اها ڳالهه پکڙجي وئي ته امام عليه السلام اچي رهيو آهي. ان وقت ڪوفي جو گورنر ابن ذياد هو، جيڪو پهريان حضرت علي رضه جي فوج جو ڪمانڊر به رهي چڪو هو. پر هاڻي يزيد جي طرفان ڪوفي جو گورنر هو ته ڪوفي جي شهرين تي سختي شروع ڪئي، تنهنڪري ڪوفي وارا حضرت مسلم بن عقيل کان ڦِري ويا. حضرت مسلم بن عقيل، حضرت امام حسين رضه کي خط لکيو ته ڪوفي وارا اسان کان ڦِري ويا آهن، تنهنڪري اوهان هتي نه اچو، پر حضرت امام حسين عليه السلام اڳ ۾ روانو ٿي چڪو هو. حضرت مسلم بن عقيل هڪ گهر ۾ پناهه ورتي پر ڪوفي وارن ابن زياد کي ان باري ۾ اطلاع ڏئي ڇڏيو ۽ حضرت مسلم بن عقيل کي شهيد ڪري ڇڏيو ويو.

حضرت امام حسين رضه کي جڏهن حضرت عقيل جي شهادت جي ڄاڻ ملي ته ڪوفي وڃڻ جي بدران ٻيو رستو ورتو ۽ فرات نديءَ جي هڪ شاخ جي ويجهو هڪ غير آباد ميدان ۾ پنهنجا خيما کوڙي ڇڏيا ۽ رات جو حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪير واپس وڃڻ چاهي ته ضرور واپس وڃي. جيڪي ماڻهو هئا رات جي اونڌاهه اهي سڀئي هليا ويا ۽ صبح جو رڳو ستر ڄڻا وڃي بچيا. ابن زياد کي ڄاڻ ملي ته حضرت امام حسين درياءِ فرات جي ڪناري تي اچي خيما کوڙيا آهن ته ان پنهنجي لشڪر سان حضرت امام حسين عليه السلام جي خيمن جو گهيراءُ ڪري ورتو. پوءِ ان مقام تي هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن کي دنيا ڪرب و بلا يعني ڏک ۽ الم جو نالو ڏنو. جنهن کي دنيا يوم عاشور جي نالي سان ملهائي ٿي. حضرت امام حسين عليه السلام امن ۽ صبر پيڪر هو. هن جنگ ۾ حضرت امام حسين دشمن تي نه ڪو وار ڪيو ۽ نه ئي ان سان وڙهيو. ڪجهه روايتن ۾ اهو به آهي ته پاڻ امن خاطر يزيد سان ملڻ لاءِ چيو ۽ ڪن روايتن ۾ آهي امام عليه السلام، ابن زياد کي چيو ته اهو سنڌ يا سيوستان وڃڻ ٿو چاهي.

امام حسين عليه السلام جي شهادت کانپوءِ به يزيدي نظام هلندو رهيو. اتان کان ئي حقيقت معنا ۾ بنو اميه جي خلافت جي شروعات هئي. حضرت علي عليه السلام کانپوءِ خلافت جون واڳون امير معاويه جي هٿ ۾ آيون. جنهن تحت عرب خليفن جي خاندان 661ع کان 750ع تائين حڪومت ڪئي. معاويه کانپوءِ سندس پٽ يزيد خلافت سنڀالي ۽ حڪومت سنڀاليندي ئي حضرت امام حسين عليه السلام کي سندس عزيزن ۽ دوستن سميت ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ڪرائي، سندن فرزند امام زين العابدين عليه السلام ۽ پاڪ بيبين کي قيد ڪرايائين. يزيد کان پوءِ سندس پٽ معاويه ثاني تخت تي ويٺو. جيڪو رڳو ٽي مهينا خليفو رهيو. ان کانپوءِ عبدالملڪ ايڪيهه سال، وليد ڏهه سال ۽ ان کانپوءِ سليمان بن عبدالملڪ ۽ پوءِ عمر بن عبدالعزيز، پوءِ يزيد ثاني، هاشم بن عبدالملڪ، وليد بن يزيد، يزيد ثالث ۽ ابراهيم بن وليد حڪمران ٿيا. بنو اميه جو آخري خليفو مروان بن محمد ٿيو، جنهن 132ھ (750ع) تائين خلافت ڪئي. اهڙي طرح بنو اميه جي نوي ورهين جي حڪمرانيءَ دؤر ۾ ڪل چوڏهن خليفا ٿي گذريا. بنو اميه جي عهد کانپوءِ 132ھ (750ع)۾ بنو عباس (عباسيه) گهراڻي جو دؤر حڪومت شروع ٿيو. بنو عباس جي گهراڻي 656ھ (1258ع) تائين حڪومت ڪئي.[5][6]

حوالا

[سنواريو]
  1. Nardo, Don (12 September 2011). The Islamic Empire. Greenhaven Publishing LLC. ISBN 9781420508024. https://books.google.com/books?id=D1tmDwAAQBAJ&dq=islamic+empire+largest+extent+umayyad&pg=PA63. Retrieved 12 April 2023. 
  2. Clot, André (February 2014). Harun al-Rashid: And the World of the Thousand and One Nights. Saqi Books. ISBN 9780863565588. https://books.google.com/books?id=EkghBQAAQBAJ&dq=qutayba+kabul&pg=PT5. Retrieved 2023-04-11. 
  3. Simon Barton (30 June 2009). A History of Spain. Macmillan International Higher Education. pp. 44–5. ISBN 978-1-137-01347-7. https://books.google.com/books?id=AeAcBQAAQBAJ&pg=PA44. [مئل ڳنڍڻو]
  4. Francis Preston Venable (1894). A Short History of Chemistry. Heath. p. 21. https://archive.org/details/ashorthistorych01venagoog. 
  5. انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  6. "بنو اميه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-11-14.