عجالت الطالبين في انتقاد الحافظين في بيان الحاديث الموضوعات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عــُـجالته الطالبين في انتقاد الحافظين في بيان الاحاديث الموضوعات(انگريزي: Ujalat al Talibeen fi Intiqad al Hafizeen fi Bayan al Hadith Al Maudhooaat) مخدوم جعفر بوبڪائي جو لکيل ڪتاب آھي. مخدوم جعفر هيءُ ڪتاب علم حديث ۾ موضوعات، يعني جــُـڙتو روايتن ۽ مشهور ڪــُـوڙين حديثن جي باري ۾ لکيو آهي[1]. اصل ۾ هيءُ ڪتاب علامه محمد بن طاهر پٽنيءَ (المتوفي: 986ھ/1578ع) جي ڪتاب”تذڪره الموضوعات“ جو خلاصو آهي[1]. علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ ”المتانـته“ جي مقدمي (ص 34 کان 40) ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 [ ڪتاب جو نالو؛ مقالات خانائي؛ مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي؛ ايڊيشن: پهريون 2006ع؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ]