مواد ڏانھن هلو

حاصل النھج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حاصل النھج

حاصل النهج

ليکڪ مخدوم جعفر بوبڪائي
مترجم عبدالرسول قادري (سنڌي ترجمو)
ٻولي فارسي
موضوع تعليم، تدريس، علم ۽ معلم
صنف تعليمي ادب
ڇاپيندڙ

سنڌ يونيورسٽي (1969ع، فارسي متن)
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (1993ع، سنڌي ترجمو)

اشاعت جي تاريخ 976هه/1568ع
وسيلو ڪتاب



حاصل النھج (فارسي: حاصل النهج) مخدوم جعفر بوبڪائي جو فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل تعليمي ڪتاب آهي. هي ڪتاب سندس عربي تصنيف نهج التعلم جو خلاصو آهي، جيڪو هن 976هه/1568ع ۾ خاص طور استادن جي رهنمائي ۽ تدريسي اصولن جي وضاحت لاءِ تيار ڪيو.[1]

ڪتاب ۾ علم، معلم، تعليم ۽ تدريس جي اصولن ۽ فلسفي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ان کي سنڌ جي قديم تعليمي ادب جي اهم تصنيفن مان شمار ڪيو وڃي ٿو.[2] محققن موجب، تعليمي فلسفي ۽ تدريسي طريقن بابت هي ڪتاب جديد دور ۾ پڻ علمي اهميت رکي ٿو.[2]

ڪتاب جو فارسي متن، انگريزي مقدمي ۽ خلاصي سان گڏ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ تصحيح هيٺ 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽي شايع ڪيو.[2] بعد ۾ ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ان جو سنڌي ترجمو ڪيو، جيڪو 1993ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ {بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، ٽيون ڇاپو، 1990ع، ص. 339.}
  2. 1 2 3 4 قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر: مقالات خانائي، پهريون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع.