فتح الدارين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فتح الدارين (انگريزي: Fateh Al Dareen ) مخدوم جعفر بوبڪائي جو لکيل ڪتاب آھي. مخدوم صاحب، فارسي زبان ۾ وظائف ۽ اخلاقيات جي موضوع تي هيءُ هڪ بهترين ڪتاب تاليف ڪيو آهي[1]. هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ حديث نبويءَ جي روشنيءَ ۾ اوراد ۽ وظائف ڏنا ويا آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ انساني اخلاق جي سڌاري لاءِ علامه سيوطيءَ جي مشهور ڪتاب ”جامع صغير“ تان چاليهه حديثون ڏنيون ويون آهن[1]. هن ڪتاب جو قلمي نسخو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي[1][2].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 [ ڪتاب جو نالو؛ مقالات خانائي؛ مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي؛ ايڊيشن: پهريون 2006ع؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ]
  2. {قاسمي غلام مصطفيٰ علامه، “مخدوم محمد جعفر بوبڪائي(مضمون)، ڏسو ماهوار ”الرحيم“ حيدرآباد سنڌ، نومبر - ڊسمبر 1988ع، ص 30}