نھج التعلم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نھج التعلم(انگريزي: Nahaj ul Taalam) مخدوم جعفر بوبڪائي جي تصنيف جو نالو آهي. مخدوم جعفر، هيءُ ڪتابُ هڪ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾، عربي ٻوليءَ ۾ تصنيف ڪيو. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ ان وقت جي مدرسن ۾ عربي ٻوليءَ جي جيڪا تعليم ڏني ويندي هئي، اُن جي سکڻ، پڙهڻ ۽ اصولن تي هڪ ڪامياب مدرس ۽ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ نهايت ئي عالمانه انداز ۾ مفصل بحث ڪيو آهي. عربي زبان پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي طريقن ۽ اصولن تي برصغير هند و پاڪ جو هيءُ پهريون معلم ڪتاب آهي[1]. ساڳئي وقت، شاگردن ۽ استادن جي ذهني ۽ نفسياتي صلاحيتن، تعليمي طريقن ۽ اصولن متعلق، هن ڪتاب ۾ تفصيل سان ڄاڻ ڏني ويئي آهي. مخدوم صاحب، هيءُ ڪتاب ڪهڙي سن ۾ تصنيف ڪيو، ان جي معلومات حاصل ٿي ڪانه سگهي آهي[1]. ليڪن ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آهي ته مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب سن 973ھ/1565ع ۾ لکيو هو[2][1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 [ ڪتاب جو نالو؛ مقالات خانائي؛ مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي؛ ايڊيشن: پهريون 2006ع؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ]
  2. {بلوچ نبي بخش خان ، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو سنڌ، ڇاپو ٽيون 1990ع، ص 339}