محمد رفيع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد رفيع
پيدائش 24 ڊسمبر 1924(1924-12-24)
ڪوٽلا سلطان سنگھ، پنجاب، هندستان
وفات 31 جُولاءِ 1980 (عمر 55 سال)[1]
ممبئي, مهارشٽر, هندستان
قوميت هندستاني
پيشو
  • پلي بيڪ سنگر
  • موسيقار
  • قوال
سَرگَرمُ سالَ 1944–1980
اعزاز فلم فيئر ايوارڊ، قومي فلمي ايوارڊ، پدما شري ۽ ٻيا
'Musical career'
صنف
سڃاڻپ نشان

محمد رفيع (انگريزي: Muhammad Rafi]، جنم: 24 ڊسمبر 1924ع ــ 31 جولاءِ 1980ع) هندستان جو مشهور فلمي گيت ڳائيندڙ راڳي ۽ سنگيت جي دنيا جو هڪ چمڪندڙ تارو هو. هو ننڍي کنڊ جي انتهائي مايه ناز راڳيندڙن مان هڪ هو جنهن هندستاني فلمن لاءِ هزارين گانا ڳايا[2]. سندس آواز جو ميٺاج، سر جي سڃاڻپ ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ هن کي سر ۽ سنگيت جي دنيا ۾ مٿاهون مقام ڏياري ٿو[3]. هن ڇھ فلم فيئر ايوارڊ ۽ هڪ قومي فلم ايوارڊ حاصل ڪيو. 1967ع ۾ هندستان جي سرڪار کيس پدما شري ايوارڊ سان نوازيو. 2001ع ۾ هن کي هيرو هنڊا ۽ اسٽار ڊسٽ مئگزين پاران ”ملينيم جو بهترين راڳي“ جو اعزاز ڏنو ويو. هن هڪ هزار کان به وڌيڪ فلمن ۾ هندي، اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ گانا ڳايا آهن. هن هندستان جي ڪيترين ئي مقامي ٻولين ۾ به پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي. انهن ٻولين ۾ ڪونڪاني، آسامي، ڀوجپوري، مرهٺي، سنڌي، گجراتي، تامل، تيلگو ۽ ٻيون مقامي ٻوليون شامل آهن. هن انگريزي، فارسي، عربي، سنهالي ۽ ڊچ ٻولين ۾ پڻ ڳايو آهي[4].

ننڍپڻ[سنواريو]

محمد رفيع امرتسر ضلعي جي هڪ ڳوٺ ”ڪوٽلا سلطان سنگھ“ ۾ اکيون کوليون. هن جي والد جو نالو حاجي علي محمد هو. محمد رفيع پنهنجن ڇهن ڀائرن مان ٻيو نمبر ڀاءُ هو. 1935ع ۾ محمد رفيع جو پيءُ لاهور ۾ لڏي اچي ويٺو ۽ اتي حجامڪو دڪان کوليائين[5]. محمد رفيع لاهور ۾ موسيقيءَ جي تربيت استاد عبدالوحيد خان، پنڊت جيوڻ لال ۽ فيروز نظاميءَ کان حاصل ڪئي[6]. 1941ع ۾ هن پهريون ڀيرو هڪ عوامي ميڙ آڏو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان وقت هن جي عمر 13 سالن جي لڳڀڳ هئي. لاهور ۾ هن پهريون ڀيرو 1944ع ۾ هڪ پس پرده راڳيءَ جي حيثيت سان پهريون گانو پنجابي فلم گل بلوچ لاءِ رڪارڊ ڪرايو. هيءُ هڪ دوگانو هو جيڪو هن زينت بيگم سان گڏجي ڳايو. هن گاني جي موسيقي شيام سندر ترتيب ڏني[7] . ساڳئي ئي سال کيس آل انڊيا ريڊيو لاهور تي ڳائڻ جي آڇ ٿي. محمد رفيع جي پهرين هندي فلم ”گائون ڪي گوري“ هئي جيڪا 1945ع ۾ رليز ٿي[8].


ممبئي ۾ فني سفر[سنواريو]

محمد رفيع 1944ع ۾ لاهور ڇڏي بمبئي (جنهن کي هاڻي ممبئي ڪوٺيو وڃي ٿو) اچي وسايو. مشهور شاعر تنوير نقوي کيس مختلف فلم پروڊيوسرن سان ملايو. ستت ئي کيس فلم ”گائون ڪي گوري“ لاءِ هڪ دوگانو ڳائڻ جو موقعو مليو. ان بعد مشهور نوشاد جي مدد سان هن کي فلمي گيت ڳائڻ جا موقعا ملڻ لڳا ۽ هن جي سنگيت جي ميدان ۾ سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هن ان وقت جي وڏن وڏن موسيقارن ۽ پروڊيوسرن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي لافاني فلمي گيت ڳايا.

  1. Mohammed Rafi Biography – Facts, Life History & Achievements. Culturalindia.net. Retrieved 6 November 2018.
  2. To, As Told (2010-07-25). "Remembering Rafi" (en-IN ۾). The Hindu. ISSN 0971-751X. https://www.thehindu.com/todays-paper/tp-features/tp-sundaymagazine/Remembering-Rafi/article16209117.ece. 
  3. "Mohd Rafi: The Rough Guide to Bollywood Legends: Mohd Rafi". PopMatters. حاصل ڪيل 2020-02-20. 
  4. "35 things you should know about Mohammed Rafi". OnManorama. حاصل ڪيل 2020-02-20. 
  5. "The Tribune, Chandigarh, India - Amritsar PLUS". www.tribuneindia.com. حاصل ڪيل 2020-02-20. 
  6. "Log in ...Tribune: IT supplement of The Tribune, Chandigarh, India. Web Jingle". www.tribuneindia.com. حاصل ڪيل 2020-02-20. 
  7. "The Sunday Tribune - Books". www.tribuneindia.com. حاصل ڪيل 2020-02-20. 
  8. Hoiberg, Dale (2000) (en ۾). Students' Britannica India. Popular Prakashan. ISBN 978-0-85229-760-5. https://books.google.com.pk/books?id=ISFBJarYX7YC&pg=PA236&lpg=PA236&dq=mohammed+rafi,+britannica+encyclopedia&redir_esc=y&hl=en#v=onepage&q=rafi&f=false.