ڪونج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪونج
Common crane grus grus.jpg
ڪونج
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ڪونج
جنس: Template:Taxonomy/ڪونجڪ. 
حياتياتي نالو
ڪونج

ڪونج جو انگريزي جو Common Crane چئبو آهي.

سائينسي نالو (Grus Grus) اٿس.

جسم جي بناوٽ[سنواريو]

ڪونج 100 کان 130 سينٽي ميٽر ڊگهي ٿئي ٿي. هن جي ڳچي ڊگهي ٿيندي آهي. هن ڪونج جو نر، ماديءَ کان ٿورو وڏو ٿئي ٿو. هن جون ٽنگون سنهيون ۽ کنڀ اڇا هوندا آهن ۽ ان جي پرن جي پکيڙ 4.9 کان 8.6 ٿئي ٿي. اُن جي پير جون آڱريون ڳنڍيل، مُڙيل ۽ ڪُنڍيدار هونديون آهن، هن جا پر 27.3 کان 24 سينٽي ميٽر تائين ٿين ٿا.

هي سليٽي / سرمائي ڪونج جي سِسي اڌ ڳچيءَ تائين ڪاري ٿئي ٿي. هڪ ڳاڙهي چوٽي اکين جي پويان کان شروع ٿئي ٿي. ڳچيءَ جي پاسن کان هيٺ اڇو پٽو هوندو اٿس. چهنب پيلي، ٽنگون سرمائي ڪاريون ۽ ڪڪڙ وانگر مُچي دار وريل ٿئيس ٿو.ان جو پڇ ڪڪڙ وانگر وريل ٿيندو آهي.

کاڌ خوراڪ[سنواريو]

هي همئه خور پکي آهي. هي اناج، ننڍا ميوا، جيت، ڪيڙا، ڪوڏ، ڏيڏر ۽ ٻيا ننڍا جاندار پڻ آهن.

نسل جي واڌويجھ[سنواريو]

هي مئي ۾ آنا لاهيندا آهن. هي نر مادي مرڻ گھڻي هڪ ٻئي سان وفا ڪندا آهن. لڳ جي مند ۾ نر ڪونج خوبصورت لات لنوندو آهي. مادي گھڻو ڪري ٻه آنا ڏيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن 3 يا ڪن موقعن 4 آنا پڻ ڏيندي آهي. ڪونج 30 ڏينهن آرو ڪندي آهي ۽ مادي ۽ نر ٻئي گڏجي ڪندو آهي. ٻچا ڄمڻ کان پوءِ 9 هفتي ننڍيون اڏامون شروع ڪندا آهن.

سنڌ ۾ لاڏوڻي پکي ڪونج[سنواريو]

Distribution and migration

هي پکي سائبيريا ۽ اتر هندستان يا اپکنڊ طرف سياري ۾ ولر ڪري ايندا آهن. هي پکي صبح جو سوير يا شام جو فصلن ۾ غذا ڳوليندو آهي. هي ميداني علائقن ۾، پاڻياٺ ۽ ڍنڍن واري ماحول ۾ رهندو آهي، خاص ڪري منڇر، حمل، هاليجي ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي لهندو آهي.

سنڌ ۾ سڀ کان وڏا پکي پيڻ، ڪونجون ۽ ڳجهون آهن. سنڌ ۾ پکين جا کوڙ قسم ٿين ٿا، جيڪي ڇهن مختلف ماحولن ۾ رهن ٿا. اڳي سنڌ ۾ ٻن قسمن جون ڪونجون اينديون هيون، انهن مان هڪ سارس ڪونج، جيڪا ماڻهوءَ جيڏي ڊگهي ٿئي ٿي، اهي سياري جا لاڏوڻي پکي آهن. سارس هاڻي سنڌ جو رخ نه ٿي ڪري. باقي عام ڪونجون سنڌ جي ڏکڻ ڏانهن هليون وينديون آهن.

اها ڪونج هر سال سائبيريا کان چين جي ’پويانگ ڍنڍ‘، سنڌ جي منڇر ۽ لنگهه ڍنڍ ۽ هندستان جي صوبي راجستان ۾ موجود ڀرت پور ۽ سلطان پور جي ڍنڍن ڏانهن هجرت ڪندي آهي.

ڪونجون بُلنديءَ تي هڪ خاص نظم ۽ ضبط سان قطار ٺاهيو اُڏامنديون آهن. اهو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي.ڪي ڪونجون ڏورانهن ماڳن تائين سفر ڪنديون آهن ۽ ڪي وري هجرت بنهه ڪونه ڪن.

Flock of common cranes (Grus grus) flying over Castilla, Spain, during their winter migration

ورلڊ ڪرين فائونڊيشن، آءِ يو سي اين ۽ ڊبليو ڊبليو ايف پاران پڌري ڪيل هڪ رپورٽ مطابق، ’ڪونج پکي سنڌ ۾ هزارن سالن کان بنا ڪنهن وقفي جي ايندو ٿو رهي.

پراڻن وقتن کان وٺي دنيا جي ڪيترين ئي ثقافتن ۾ ڪونج پکيءَ کي پنهنجي حُسن ۽ وڻندڙ ناچ جي ڪري تمثيلي ۽ علامتي حيثيت حاصل پئي رهي آهي. چين، ڪوريا، جاپان، ويٽنام، اتر آمريڪا، عربستان جي ڏاکڻين علائقن ۽ سنڌ ۾ ڪونج پکيءَ جي ڏندڪٿائي ۽ ديومالائي حيثيت گهڻو مڃيل آهي.

شاعري ۾ ڪونج[سنواريو]

سنڌي ۽ پنجابي شاعريءَ ۾ سهڻي عورت ۽ وطن کان وڇڙيل ماڻهوءَ جي علامت طور گھڻي ڳائي وئي آهي. پکين ۾ سڀ کان حسين پکي ڪونج کي سمجهيو ويندو آهي.

شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي ڪونج جي سونهن جي ساراهه ڪئي آهي، اُتي ڪونجن لاءِ وڏي درد جو اظهار به ڪيو آهي، ڇو ته جيڪا ڪونج وڳر کان ڌار ٿي وئي آهي سا پنهنجن کي ياد ڪري روئي رڙي ٿي. اُن ڪري شاهه صاحب ان کي هوشيار ٿو ڪري ته ان ڄار کي سمجهه جيڪو ماري (شڪاري) تنهنجي لاءِ وڇايو آهي ، جيئن شاهه سائين هنن بيتن ۾ فرمائي ٿو ته:

  1. ”ڪُونجَ“ !نه پسين ڪَکَ، ڍَٻُ جنهن سين ڍَٻِيو،

مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَرَ هَڻِي ويڇُون ڪيا !

(سُر ڏهر)

2. ”ڪُونجَڙِيءَ“ ڪالهه لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَ مِ چِتِ،

آءٌ جنين رِيءَ هِتِ گهنگهرَ گهارِيان ڏينهڙا!

(سُر ڏهر)

3. ڪونج کي نه مار ڀاءُ، ڪونج کي نه مارِ،

ڪونج ويچاري ويٺي درياءَ جي هُن پار...!


نَٿَ نه ٿي کپي مون کي، نٿَ تون نه آڻ،

نٿ جي پئسن لاءِ ڪونجَ کي نه مار!


چُوڙيون نه کپن مون کي، چوڙيون نه آڻ،

چوڙين جي ڪري تون ڪونجَ کي نه مار!


چُني نه آڻ مون لئه، چُني نه آڻ،

چُني وٺڻ لئه تون ڪونجَ کي نه مار!

هڪڙي ڪونج نه مار، اڙي آهيڙي! شيخ اياز

ڪونج [نظم] شاعر سراج الحق ميمڻ ڪتاب تُنهنجي تند تَنوار

ڪاش، مان ڪائي ڪونج هجان ها

واٽھڙي تي ويٺو روئان ڪونج وڇڙيل وانگي سنڌي لوڪ گيت

صندوق مان بندوق ، ڪڍي ڪُونج نه مار. مشڪور ڦلڪارو

سنڌي نثر نويسي ۽ ادب ۾ ڪونج[سنواريو]

ولر ڪيو وتن (سفرنامو) الطاف شيخ

پکين جي ديس ۾ الطاف شيخ

آئي ڪونجن جي ڪسجڻ جي موسم - نواز ڪنڀر

ڪونج جو آواز[سنواريو]

ڪونج هڪ سهڻو، محبت ڪندڙ ۽ هر دل عزيز موسمي پرديسي پکيئڙو آهي. سنڌ جي لوڪ ادب ۽ شاعريءَ ۾ سڀ کان گهڻي جاءِ والاريندڙ ڪونج پکي، اصل ۾ روهه جو پکي آهي، جيڪو پهاڙن ۽ پٽن ۾ گذاري ٿو. ڳچي ڊگهي، آلاپ مٺو، سڄي سونهن آهي.

Common crane (Grus grus)

ڪونج جو شڪار[سنواريو]

ڪونج هميشهه شڪارين جي اک ۾ کٽڪندڙ ڪنڊو هوندي آهي. هميشهه شڪاري ڪونج جي شڪار لاءِ آتو هوندو آهي.