مانجهند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(مانجھند کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مانجھند
شھر
Manjhand
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
گوبندرام درٻار جا ڦٽل آثار
گوبندرام درٻار جا ڦٽل آثار
مانجھند is located in Sindh
مانجھند
مانجھند
گوبندرام درٻار جا ڦٽل آثار
مانجھند is located in Pakistan
مانجھند
مانجھند
مانجھند (Pakistan)
مڪانيت: Manjhand 25°32′N 68°08′E / 25.54°N 68.13°E / 25.54; 68.13مڪانيت: Manjhand 25°32′N 68°08′E / 25.54°N 68.13°E / 25.54; 68.13
ملڪFlag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبوFlag of Sindh.svg سنڌ
ضلعو ڄامشورو
اوچائي17 ميل (56 ft)
ٽائيم زونپاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)
فون ڪوڊڊائلنگ ڪوڊ

مانجھند(انگريزي: Manjhand) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڄامشوري ضلعي جو شهر ۽ مانجھند تعلقيجو صدرمقام آهي. سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري آباد هيءُ شهر صدين کان صفحه هستيءَ تي موجود آهي.

مانجھند نالو[سنواريو]

هن شهر ۽ تعلقي ۾ مانجهند قبيلو اڪثريت سان آباد آهي جنهنڪري هن شهر تي مانجهند نالو پيو.

تاريخ[سنواريو]

مانجهند شهر ٻه ڀيرا اڳ سنڌ درياھ جي اُٿل ميساريو. موجوده مانجهند شهر ٽيون ڀيرو آباد ٿيل شهر آهي. مانجهند شهر جي اوڀر-اتر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي بچاءُ بند جي اندر گوبندرام دربار جي موجوده قديم عمارت مانجهند جي ٻئين وجود يا آبد ٿيڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿي. مانجهند شهر ٽالپور دور (1943ع-1783ع) ۾ دنيا جي واپار جو مرڪز هو. مانجهند دريا جي ڪناري هجڻ ڪري سنڌ درياھ جو قديم پتڻ به رهيو. سنڌ درياھ جي ڪري مانجهند دنيا جي قديم سامونڊي واپاري رستن سان ڳنڍيل هو. مانجهند جا سنڌ ورڪي سڄي دنيا ۾ مشهور هئا. سندن واپار جاوا، سري لنڪا، گجرات، روم، ايران، عراق، آفريڪا ۽ يورپ جي ملڪن تائين ڦهليل هو. قديم مانجهند شهر ۾ وڏيون ۽ خوبصورت عمارتون جڙيل هيون.مانجهند شهر دادو ضلعي جي ڪوٽڙي تعلقي ۾ سنڌ درياهه جي اولهه واري ڪناري تي انڊس هاءِ ويز جي اوڀر ۾ هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي، جيڪو ٽالپري دور کان وٺي سنڌ جي نقشي تي اهم تجارتي منڊيءَ طور تي اڀريو. شروعات ۾ هن شهر کي مانجهند قبيلي جي ماڻهن آباد ڪيو، جنهن ڪري اڳتي هلي هي شهر انهيءَ قبيلي جي نالي پٺيان سڏجڻ لڳو. سمنڊ کي ويجهو هئڻ سبب هتان جي آب وهوا معتدل آهي. درياهي پتڻ هئڻ ڪري، شهر تيزيءِ سان ترقي جون منزلون طئي ڪندو انگريزن جي صاحبي ۾ پنهنجي عروج کي پهتو. ورهاڱي ۽ دريا جي مستين هن شهر کي نهوڙي، سندس حسن، زيب زينت کي مدهم ڪري ڇڏيو. مانجهند هڪ درياهي پتڻ هجڻ ۽ حيدرآباد کي ويجهي هئڻ سبب هتان جا هندو سيٺ ۽ واپاري سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ هالا، بوبڪ، جوهي، سن، سيوهڻ،دادو سڪرنڊ نواب شاهه، مورو، دولت پور، نصرپور وغيره مان سوٽي ڪپڙو، گربي، شالون، اجرڪ، ڇيٽون، برٿ جو ڪم، ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم نير، ميندي گهوڙن جا هنا، خرزينون چمڙي مان ٺهيل سامان سون چاندي جا زيورات وغيره خريد ڪري انگريز عملدارن وٽ اچي وڪرو ڪندا هئا. آهستي آهستي هتان جي سيٺين يا شاهوڪارن پنهنجون ڪوٺيون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قائم ڪيون. ٻاهرين ملڪن مان پنهنجن ڪوٺين ذريعي لونگ، گرم مسالو، ريشمي ڪپڙو، سڪل ميوو، قيمتي موتي، جديد مشينري، کنڊ، چيني جا برتن وغيره خريد ڪري پنهنجي گماشتن معرفت سنڌ، عرب ملڪن افغانستان، ايشا، آفريڪا يورپ جي منڊين ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمائيندا هئا. سيٺ ٻاهرين ملڪن جومال سڌي طرح نه گهرائيندا هئا پر هو پنهنجن ڀائيوارن ۽ گماشتن معرفت مال خريد ڪندا هئا. ان لاءِ وٽن هي سبب هئا:
1- متان وڏن شهرن جا واپاري مال موڪلڻ ۾ ڪا حرڪت نه ڪن.
2- گهڻن واپارين کان ڌار ڌار مال گهرائڻ ڪري رستي ۾ گهڻو خرچ اچي پئي ويو. ان ڪري سندن دلال گهربل مال جاچي جوچي ڪفايت سان خريد ڪري موڪليندا هئا.
مانجهندا جا سنڌ ورڪي پنهنجي ڪارخاني جو سڄو حساب ڪتاب خداآبادي واڻڪن اکرن ۾ ڪندا هئا. انهي آئيوٽيا م سراسري چاليهه اکر هوندا هئا. جن مان ڏهه حرف علت ۽ ٽيهه حرف صحيح جا هوندا هئا. واپارين يا سيٺين جي مقرر ٿيل مشين ۽ عاملن جو انهن لکڻين سان ڪو به واسطو ڪو نه هوندو هو. سيٺين کي جدا خدا آبادي اکرن ۾ پنهنجي ليکي چوکي رکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اسان جي نظر ۾ ان جا هي سبب ٿي سگهن ٿا.
1- سيٺ پنهنجن روزنا مچن ۾ پنهنجو حساب ڪتاب خاص آئيوٽيا ۾ لکي عام ماڻهو، پنهنجن ڀلاوڻن، منشين ڀائيوارن کان واپار ۾ ٿيل نفعي ۽ نقصان کي راز ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
2- کين اهڙي لپي استعمال ڪرڻ سان ڦيري وارن کان وٺي ڀائيوارن تائين حساب ڪتاب ۾ دوکي ڏيڻ، وياج، مسافري جو خرچ، اوڌر وغيره جي نالي ۾ استحصال يا ڦرلٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي هئي. هندو عاملن کي به جعلسازي ڪري ڏيڻ ۾ سولائي ٿيندي هئي.
وقت جي تبدلي ڪري ڪيترائي سيٺ ۽ انهن جو اولاد انگريزي تعليم حاصل ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪئي. اتي پنهنجي ڪارخاني جون آفيسون کولي ڪاروبار کي تمام گھڻو وڌايو. مانجهندن جون ڪيتريون ئي مشهور سنڌ ورڪي شخصيتون هيون جن جي محنت سان ٻاهرين مڪلن جو ڪمايل ناڻو سنڌ جي خوشحاليءَ جو سبب بنيو. هتان جي سماجي زندگيءَ تي خوشگوار اثر پيا. حيدرآباد، ڪراچي مانجهند شڪارپور لاڙڪاڻو سکر ۾ فلڪ بوس عاليشان محل عمارتون باغ باغيچا تفريح گاهون قائم ٿيون.
جڏهن ڄامشورو کي ضلع بڻايو ويو ته ماجهند کي تعلقي طور شامل ڪيو ويو.

مردم نگاري[سنواريو]

هن شهر جي آبادي لڳ ڀڳ 40 هزار آهي.

معيشت[سنواريو]

هت ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ داليون وڌيڪ پوکيون وڃن ٿيون.

موسم[سنواريو]

هتان جي موسم خوشگوار آهي.

قديم آثار[سنواريو]

ماجهند شهر توڙي تعلقي ۾ کوڙ قديم آثار موجود آهن. 32 ڪلوميٽر ايراضيءَ تي ڦهليل رني ڪوٽ قلعو به ماجهند تعلقي ۾ آهي جيڪو ديوار سنڌ جي نالي سان به مشهور آهي ۽ موجوده دور ۾ سير تفريح ۽ سياحت جو اهم مرڪز بڻيل آهي.

اويس قرني جي درگاھ[سنواريو]

مانجهند شهر جي اولهه ۾ 4 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي شاھ اويس قرني جی درگاھ آهي جنهن لاءِ مقامي ماڻهن جي روايت آهي ته شاھ اويس قرني هت آيو هو. مانجهند

سن ۽ ٻيا ننڍڙا شھر[سنواريو]

تعلقي جو سن شهر به قديم آهي. مخدوم بلاول شهيد جو پيروڪار سيد حيدر سنائي ۽ سندس پونير عظيم مفڪر سيد غلام مرتضى شاھ المعروف جي.ايم سيد جي جنم ۽ مدفن وارو شهر سن به تعلقي مانجهند ۾ آهي.[1]

مشھور شخصيتون[سنواريو]

مانجھند جي انهن مشهور سنڌ ورڪين جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

حوالا[سنواريو]