مواد ڏانھن هلو

سنڌ ورڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سِنڌُ وَرِڪِي (انگريزي ٻولي: Sindhi workies)، سنڌ جا وڻجارا هيا جيڪي برٽش انڊيا جي سنڌ واري علائقي جا امير ۽ شاهوڪار سنڌي هندو واپاري يا سوداگر ۽ وڻجارا هيا.[1] هي واپاري يا مرچنٽ ڪلاس برٽش انڊيا دوران وڏي ترقي ڪئي، جِن پنهنجو ڪاروبار مالٽا، سنگاپور، ڏکڻ آفريڪا سميت ٻين پرڏيهي ملڪن ۾ پکيڙيو.[2] سنڌ ورڪيز منجهان ڪيترائي ڀائيبند (مرچنٽ) ذات جا هئا[3] جيڪي اصل حيدرآباد سنڌ جا رهاڪو هيا، سنڌ ورڪيز ۾ ڪجهه آمل ذات جا پڻ هيا جيڪي پڻ اصل حيدرآباد سنڌ جا رهاڪو هيا.


موهن جي دڙي واري واري وقت ۾ سنڌ جي قديم ذات مهاڻو جا ماڻهو سنڌ ورڪي ليکيا ويندا هيا.[4]

سنڌ ورڪين بينڪنگ نظام هُنڊي جو رواج وڌو.[5]


نالي جو بنياد

[سنواريو]

پرڏيهه ۾ سنڌ منجهان آيل وکر يا شين کي سنڌ ورڪ سڏيو ويندو هيو،[6] سنڌ ورڪي جو اصطلاح سنڌ ورڪ مان نڪتل آهي[7] ۽ سنڌي ورڪ يعني سنڌي هنر وارين شين جو واپار ڪندڙن کي سنڌ ورڪي سڏيو ويو.[1][6] جڏهن انگريزن هندستان تي قبضو ڪيو ان مهل سنڌ جي راڄڌاني حيدرآباد هئي،[1] ۽ حيدرآباد سنڌ جي هنري ڪاريگرن جو مُکيا مرڪز هئي.[1] سنڌ ورڪي جو اصطلاح برطانوي هند ۾ 1843ع کانپوءِ استعمال ٿيڻ لڳو.[1]

مشھور شخصيتون

[سنواريو]

مانجھند جا سنڌ ورڪي

[سنواريو]

مانجھند جا مشهور سنڌ ورڪي هيٺ ڏيجن ٿا.[8] [9]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 "سنڌ ورقي ورڪي : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 28 آگسٽ 2020۔
  2. "نيچ نوڪري جي نشي ۾ ورتل نوجوان!" (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 28 آگسٽ 2020۔
  3. "جنهن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جا ڇپيل ڪتاب ٽيڪسٽ جي حساب سان رکيا ويا آهن. جلد ئي اي پب ۽ تمام ڊجيٽائزڊ پروگرامنگ تي اليڪٽرانڪ ڪتاب رکيا ويندا.", library.sindhila.org (ٻولي ۾ sd-pk), حاصل ڪيل 28 آگسٽ 2020۔
  4. سون سريکيون عورتون. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=17070&BookTitle=Son-Sarikiyon-Aurton.
  5. Pathan, Dr, "شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد", drpathan.com (ٻولي ۾ en-gb), حاصل ڪيل 28 آگسٽ 2020۔
  6. 1 2 "خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي( سنڌ ورڪي)", SindhSalamat, حاصل ڪيل 28 آگسٽ 2020۔
  7. "سنڌ ورق ۽ سنڌ ورڪي : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 28 آگسٽ 2020۔
  8. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 28 آگسٽ 2020۔
  9. مانجهند جا سنڌ ورڪي-- عبدالله مگسي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]