مالني اواسٿي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مالني اواسٿي
Malini Awasthi
پس منظري معلومات
پيدائش فيبروري 1967 (عمر 57 سال)
قنوج ڪنوج, اتر پرديش, ڀارت
تعلق لکنو, اتر پرديش, انڊيا
صنف هندستاني لوڪ موسيقي
پيشا لوڪ ڳائڻي
سرگرم سال 31 سال

مالني اواسٿي (انگريزي ٻولي: Malini Awasthi) (پيدائش 11 فيبروري 1967) هڪ هندستاني لوڪ ڳائڻي آهي.[1][2] هيءَ هندي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻولين جهڙوڪ اواڌي، بنديل کنڊي ۽ ڀوجپوري ۾ ڳائيندي آهي. هيءَ ٺمري ۽ ڪجري ۾ پڻ گيت پيش ڪندي آهي.[3] حڪومت هندستان کيس 2016 ۾ پدم شري سويلين ايوارڊ ڏنو هيو.[4]

شروعاتي زندگي[سنواريو]

مالني اواسٿي ڪنوج اترپرديش ۾ جنم ورتو هيو. هيءَ لکنو جي ڀٽڪنڊي يونيورسٽي منجهان هندوستاني ڪلاسيڪي موسيقي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ هئڻ سميت انهيءَ ئي يونيورسٽي منجهان سون جو ٻِلو (تمغو) پڻ کٽيو اٿس.[5] اهڙي ريت، هن لکنو يونيورسٽي منجهان وچولو دور ۽ جديد هندوستاني اڏاوتي فن (آرڪيٽيڪچر) ۾ مهارت (اسپيشلائيزيشن) سميت ايم اي ماڊرن هسٽري، ۾ سون جو ٻِلو (تمغو) حاصل ڪيو آهي. هيءَ بنارس گهراڻو جي ليجنڊ هندستاني ڪلاسيڪي ڳائڻي، پدم وڀوشن وڌوشي گريجا ديوي جي هڪ گاندا بنڌھ جي شاگردياڻي آهي. هن جي شادي سينئر آءِ اي ايس آفيسر اونيش اواسٿي (يوپي:1987) سان ٿي هُئي، جيڪو هينئر اترپرديش حڪومت جو پرنسپل سيڪريٽري طور خدمتون ڏئي رهيو آهي.

ماليني جا ماءٌ پيءُ چاهين پيا تہ سندس ڌيءٌ وَندُر انٽرٽينميٽ لاءِ راڳ ڳائڻ سِکي. هن رام پور گهراڻو جي شجاعت حسين خان ء۽ گورکپور جي راحت علي خان کان راڳ جي سکيا حاصل ڪئي.[6]

ڪيريئر[سنواريو]

ماليني اواسٿي مشهور ڪلاسيڪل ميوزڪ فيسٽيول جهان-ئي-خسرو ۾ ريگيولر اداڪار آهي.[7] سندس آواز تيز آهي ۽ ٺمري، تاري رهو بنڪي شيام، جي پيشڪش جي لاءِ مشهور آهي. هن اين ڊي ٽي وي اميجن'س جنون جي لاءِ ٽي وي تي حصو ورتو. کيس يوپي چُونڊون 2012 لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ 2014 جي برانڊ ايمبيسيڊر طور مقرر ڪيو ويو هيو.[8] هن 2015 ۾ ٺهندڙ فلم دم لگا ڪي هئيشا ۾ "سندر سوشيل" جو گانو ڳايو هيو، جنهن جي موسيقي انو ملڪ ترتيب ڏني هئي.

تعليمي اعزاز ۽ فيلوشپس[سنواريو]

ڀارت اڌيان ڪيندرا (هندستان اسٽڊي سينٽر)، بنارس هندو يونيورسٽي جي سئو هين ورسي چيئر پروفیسر[9]

ثقافتي پرفارمنس[سنواريو]

قومي[سنواريو]

  • اترپرديش ۾، ٺمري فيسٽيول ۽ راڳ-رنگ-ميلو، تاج ماهوتسو، گنگا ماهوتسو، لکنئو-ميلو، بود ماهوتسو، رامائڻ-ميلو، ڪجري-ميلو، ڪبير-اتسو وغيرہ۔
  • راجسٿان ۾ شروتي-منڊل-سماروهہ، ڪمڀل-گڙھ-تهوار، تيج-فيسٽيول-جئي پور۔
  • پنجاب ۽ هريانا ۾ سورج ڪُنڊ-ڪرافٽ ميلو ۽ هيريٽيج فيسٽيول پنجور۔

بين اقوامي[سنواريو]

مالني اوسٿي پنهنجي ڪارڪردگي کانپوءِ
  • پاراواسي ديواس، ٽرينيڊاڊ،[10]
  • 2017 ۾ ماريشيس، 2015 ۾ هندوستان جو ميلو [11]
  • آءِ سي سي آر 40 هون، 2011 ۾ فجي ۾ سالگرهہ جو جشن[12]
  • آزادي جي ڏِڻَ جي تقريب هيوسٽن، يو ايس اي 2004
  • پاڪستان ۾ ثقافتي ڪارڪردگي؛ 2007[13]
  • سائوٿ بينڪ سنيٽر، لندن، 2011 ۾ ثقافتي ڪارڪردگي[14]
  • نيڌرلينڊ ۾ هندوستاني ڏڻ جي تقريب: 2002، 2003، 2015 ۽ 2016[15]
  • وشوا ڀوجپوري ڪانفرنس، ماريشيس۔ 2000، 2004، 2016
  • فلاڊيلفيا ۽ لاس اينجلس ۾ ثقافتي ڪنسرٽ۔ 2016

فلمو گرافي[سنواريو]

صدر، شري پرناب مکرجي، 28 مارچ، 2016 تي نئي دهلي جي راشٽرپتي ڀون ۾، شهري سيڙپڪاري  جي هڪ تقريب ۾، شريمتي مالني اواسٿي  کي، پدما شري ايوارد ڏئي رهيو آهي
  • جئي هو ڇٺ مائيا۔ شيلندرا سنگھ، ماليني اواسٿي
  • ڀولي شيوا#شنڪر
  • بوم بوم بولي
  • ايجنٽ ونود
  • دم لگا ڪي هائيشا
  • ڀگان ڪي ريکان ڪي - اسساق (2013 فلم)
  • چارفوٽيا لڙڪا (1 فلم)

ايوارڊ[سنواريو]

اترپرديش سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي فيلوشپ نيشن سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي

حوالا[سنواريو]

  1. "Malini Awasthi mesmerises audience". =
  2. "It's the villages where folk music is disappearing faster". The Times Of India. 2011-09-19. http://timesofindia.indiatimes.com/home/opinion/edit-page/Its-the-villages-where-folk-music-is-disappearing-faster/articleshow/10032647.cms. 
  3. "Body Text Thumri, Kajri mark final day of music festival". The Times Of India. 2011-09-11. http://articles.timesofindia.indiatimes.com/2011-09-11/allahabad/30141658_1_raga-braj-tabla. 
  4. "Padma Awards 2016". Press Information Bureau, Government of India. حاصل ڪيل 2 February 2016. 
  5. "Low at Bhatkhande". The Times Of India. 2009-09-09. http://articles.timesofindia.indiatimes.com/2009-09-09/lucknow/28081491_1_classical-music-institute-ugc. 
  6. V.r.devika (2019-06-20). "Malini Awasthi: The folk singer who rocks" (en-IN ۾). The Hindu. ISSN 0971-751X. https://www.thehindu.com/entertainment/music/malini-awasthi-the-folk-singer-who-rocks/article28085114.ece. 
  7. Tripathi, Shailaja (2010-02-25). "Hues of Hori". The Hindu (Chennai, India). http://www.thehindu.com/arts/article113443.ece. 
  8. "Election Commission 'sveeps' polls in first phase". The Times Of India. 2012-02-09. http://economictimes.indiatimes.com/news/politics/nation/up-assembly-elections-2012-election-commission-sveeps-polls-in-first-phase/articleshow/11819521.cms. 
  9. http://www.bhu.ac.in/arts/bak/teaching.php
  10. https://www.hcipos.gov.in/event.php
  11. "Malini Awasthi Enthrals The Audience". Mauritius Times. 21 December 2015. http://www.mauritiustimes.com/mt/sarita-boodhoo-69. 
  12. http://www.eternalmewar.in/media/newsletter/templates/2019/nl212/mmfaa2019/index.htm
  13. http://www.newindianexpress.com/thesundaystandard/2019/jun/09/berlin-calling-for-malini-awasthi-1987935.html
  14. https://www.telegraph.co.uk/culture/music/worldfolkandjazz/8437627/Mystical-moment-please-switch-off-your-iPhone.html
  15. https://www.shethepeople.tv/news/sonal-mansingh-malini-awasthi-akademi-awardees
  16. https://www.bhaskar.com/news/UP-GOR-malini-awasthi-got-padma-shri-award-5285404-PHO.html
  17. https://www.hindustantimes.com/india/yash-bharti-to-13-personalities/story-6qSdMSJNYsBOjtntVAK6dO.html

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]