لئو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Tamarix articulata.jpg

لئو (انگريزي نالو : Red Tamarisk، سائنسي نالو: Tamarix articulata  ٽَيماريڪس آرٽيڪولاٽا) وڻ آھي جيڪو سموري سنڌ ۾ ملندو آهي.

قدبُت ۽ جسامت[سنواريو]

جيڪڏھن ھن کي وڌڻ ڏنو وڃي تہ 40 کان 50 فوٽن تائين اُوچو ٿي سگهي ٿو، لئي جي ٿڙ جي گولائي يا ٿولھ  5-6 فوٽن تائين ٿي سگهي ٿي. ھن جي واڌ ويجھ ڪنهن بہ ٻئي وڻ جي ڀيٽ ۾ تڪڙي ٿيندي آهي. لئي جا پن پکي کنڀن وانگر نرم ۽ ڏسڻ ۾ سوئين وانگر ھوندا آھن. لئي جي ڪاٺي نرم ۽ خوبصورت ھوندي آھي. لئي تي نوان گُلابي گل مئي مھيني ۾ ايندا آهن. جيڪي جون کان جولائي تائين رھندا ۽ نومبر کان جنوري تائين پورا ڇڻي پوندا. لئي جا ٻج تمام تمام سنھڙا ھوندا آھن، جيڪڏهن جُڳائيندڙ حالتون ھجن تہ لئي جي ٻج جو ڦوٽھڙو جام سٺو آهي.

لئو سنڌ ۾[سنواريو]

لئي جو وڻ لڳ ڀڳ سنڌ جي سڀني ڀاڱن ۾ ملي ٿو. لئو ھر قسم جي سخت موسم منھن ڏئي سگهي ٿو. ھيءُ وڻ سنڌو درياءَ جي ڪچي کان وٺي ٿر جي ڀٽن ۽ کيرٿر جي جابلو علائقن تائين ھر ھنڌ ملي ٿو. لئو هر قسم مٽي ۾ ٿي ويندو آهي. هي پاڻي جي کوٽ ۽ ٻوڏ کي پڻ منھن ڏئي ويندو آھي.

لئو جو ڪارج[سنواريو]

سنڌ ۾ لئو جو ڪارج تمام گهڻو ٿئي ٿو جنهن ۾ باھ ٻارڻ کان وٺي دُھل ٺاھڻ ۾ لئو جو ڪارج ٿئي ٿو ان کان سواءِ لئو مان ڪيتريون ئي شيون ٺهن ٿيون. لئو جي وڻ مان کنئور بہ جام ملندو آهي جيڪو ڦڪين ۽ ٻين دوائن ٺاھڻ ۾ ڪم ايندو آهي.

لئي جو وڻ سنڌي جي جهنگلي جيوت لاءِ[سنواريو]

لئي جي وڻ  تي جڏھن ڦولهار جي مند ۾ سنهڙن گلن سان ٽمٽار ٿي ڀرجي ويندو آهي تہ ماکيءَ جي مکين لاءِ سنجونِي ٻوٽي وانگر ٿي ويندو آهي.

ان سواءِ لئي جو وڻ سڀني سنڌ جي پکين لاءِ واھيرو ۽ آکيرو آھي.

لئي جي ڪاٺي نرم ٿيندي آهي تنهنڪري هن جا ڏار ڀڄندا ٽٽندا رهندا آهن ۽ پوء انهن ڀڳل ڏارن جي جاء تي قدرتي سوراخ ۽ خال ٺهي پوندا آهن. انهن قدرتي سوراخن کان علاوه هن جي نرم ڪاٺيء ۾ ڪاٺ ڪٽو پکي بہ پنهنجي آکيري لاءِ سوراخ ڪندو رهندو آهي، جنهن ڪري لئي جو وڻ طوطن، چٻرن، ڪاٺ ڪٽن، ڳيرن، ڪٻرين، بلبلن سميت ڪيترن ئي قسمن لاڀائتو آھي.

ٻين ٻولين ۾ نالا[سنواريو]

انگريزي ۾ Red Tamarisk

اردو ۾ فراش يا لال جهاڙ

عربي ۾ أثل

سنسڪرت ۾ جهوڪا مچيڪا

حوالا[سنواريو]