بلبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

بُلبُل يا بربل، پکيءَ جو هڪ قسم. سنڌ ۾ هن پکيءَ کي ”ڀوري“ بہ چوندا آهن. هيءُ جهنگ جو هڪ ننڍڙو، جهرڪيءَ جيڏو ۽ اُن سان ملندڙ شڪل وارو پکي ٿئي ٿو. هن جي کنڀن ۽ پَرن جو رنگ ڪارسرو ۽ اڇاڻ تي مائل ٿئي ٿو. عام طرح سان هيءُ پکي باغن ۽ پوکن ۾ ملندو آهي، مگر سياري جي مند ۾ جهنگ ۾ به مليو وڃي. ٻوليون ڪندڙ پکين ۾ شمار ٿيندو آهي.[1]

مشھوري[سنواريو]

هن کي ماڻهو پاليندا آهن ۽ ”ٽپا“ سيکــاري، هٿ تي ويهاريــندا آهــن. بلبل لاءِ چـوڻي مشهور آهي: ” چپي تي ويهارڻ“ يعني هٿ وس ڪرڻ، پنهنجي حڪم تابع ڪرڻ وغيره. بلبل مسافر پکين ۾ شمار ٿيندي آهي. سنڌ ۾ سياري جي موسم ۾ ايندي آهي. ايراني ۽ ترڪي ٻوليءَ جي شاعرن، هن رنگين ۽ سهڻي پکيءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ڳايو آهي. سنڌ جي شاعرن به بلبل کي ايراني شاعريءَ جي لوازمات سان ٺهڪائي ڳايو آهي. ايران واريءَ بلبل جا پٺا ڳاڙها ۽ پيٽ اڇو ٿيندو آهي ۽ مٺو راڳ ڪندي آهي. جڏهن ته سنڌ واريءَ بلبل جا کنڀ ڪارسرا ۽ پيٽ اڇاڻ تي مائل ٿيندو آهي. انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته ايران واري بلبل ٻي آهي، جنهن کي اتي جي شاعرن ”بلبل هزار داستان“ ڪري ڳايو آهي. اها بهار جي مند ۾، ايراني گلاب جي خوشبوءِ تي مست ٿي وڃي ڪرندي آهي ۽ گل جي پاڙ ۾ موجود ڪنڊو (خار) سندس جسم ۾ چُڀي ويندو آهي ۽ مري ويندي آهي. بلبل چار يا پنج آنا ڏيندڙ پکي آهي. اُن جي خوراڪ ننڍا ننڍا جيت آهن ۽ ان سان گڏ اَن جا داڻا به چڳندي آهي. هن پکيءَ جي خوبين ۾ سندس مٺو آواز ۽ مٺيون لاتيون آهن. بهار جي موسم ۾ ان جو پرسوز آواز سڄي رات گونجندو رهندو آهي. پرهه ڦٽيءَ کان اڳ پهر کن لاءِ هن جي ٻوليءَ ۽ لات ۾ ڄڻ خوشيءَ جو اظهار ٿيندو آهي. هيءُ پکي گلاب جي گل جو عاشق آهي ۽ عاشق وانگر هن جي سرشت ۾ محبت جو جذبو سمايل آهي. تصوف جي ڪتابن ۾ بلبل جي خاص وصف بيان ڪئي وئي آهي ته هوءَ مست آهي ۽ گل جي عشق ۾ پنهنجو وجود فنا ڪريو ڇڏي. سعدي شيرازيءَ جو چوڻ آهي ته ”بلبل انهيءَ ڪري فريادي آهي، جو هن تازو هاڻي محبت ڪرڻ سکي آهي.“ سعديءَ جي نظر ۾ ”بلبل دراصل بهار جي نقيب آهي“. اهو به خيال آهي ته ”بلبل کي سندس مٺڙين لاتين جي ڪري پڃري ۾ بند ڪيو ويندو آهي.“، ليڪن ٻئي شاعر جي خيال ۾ ”بلبل کي پنهنجي فرياد ۽ آزين جي ڪري قيد ڪبو آهي، ته جيئن هوءَ پنهنجي آزاديءَ کان محروم ٿي وڃي.“ عبدالحق ”حامد“ جي خيال ۾ ”بلبل صبح جو اذان ڏئي ٿي. هن جو آکيرو اونداهيءَ ۾ حب الوطنيءَ جي علامت آهي. هن جون لاتيون عشقيہ قصيدن لاءِ نموني طور ڪم اچن ٿيون. هيءَ خدا جو شاعر آهي. هن جا قصيدا فطرت جي ورقن مان پڙهيا ويندا آهن“[1]

ويڙھ[سنواريو]

سنڌ ۾ هن ننڍڙي پکيءَ کي افغانستان جي ٻٽير وانگر وڙهڻ سيکاريندا آهن. ان ڪم لاءِ نر پکي چونڊيو ويندو آهي. پهريان ان کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا آهن، پوءِ ان کي اٺ- ڏهه ڪلاڪ بک ڏيندا آهن، ته جيئن سڏ تي اچڻ سکي. ان بعد ڪوڏيءَ کي ٿورو اٽو لائي بلبل کي شيون جهٽڻ سيکاريندا آهن. انهيءَ وقت ان کي چورمو يا چٻاڙيل ڀڳڙا کارائيندا آهن. ويڙهائڻ وقت ٻن بلبلين جي وچ ۾ ڪا کاڌي جي شيءِ اڇلائيندا آهن ته هو هڪٻئي سان ڳنڍجي وينديون آهن. سندن مالڪ کين آڱر ڏيئي ڀڙڪائيندا آهن. بلبل ويڙهو پکي نه آهي. هو فقط چهنب ڪم آڻيندو آهي، جنهنڪري اهي ورلي مرنديون آهن. بلبل جي ويڙهه تي شرطون قسمت سان رکندا آهن. کٽڻ واري کي، فقط هار وارو پکي ملندو آهي. ڇوڪرا انهيءَ رونشي جا ڪوڏيا هوندا آهن. هنن مختلف پکين ۽ انهن جي وڙهڻ ۽ ٺونگي هڻڻ جي نموني وغيره کي سڃاڻڻ لاءِ ڪيترائي خاص لفظ ۽ محاورا ايجاد ڪيل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "بلبل". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو،حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)