چٻرو
چٻرو | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Bubo |
جنس: | Template:Taxonomy/Bubo{. bubo |
حياتياتي نالو | |
Bubo bubo (Linnaeus, 1758) | |
Subspecies | |
See text. | |
Range of Eurasian eagle-owl |
چِٻرو (انگريزي: True Owl ) جنھن کي عربي ۾ قطاط ، فارسي ۾ سنگ اشڪنگ ، ھندي ۾ سوانا، طبطات، دباسي ۽ باقيرھہ چوندا آهن. چِٻرو ھڪ پکي آھي. هن جو مٿو ويٺل ۽ اکيون وڏيون، ڪن نوڪدار ۽ وڏيرا ٿيندا آهن. پري کان ڏسڻ ۾ ٻِلو پيو معلوم ٿيندو. ٻيا پکي جي کيس ڏسن تہ ڏاڍو ڦانڦوڙيندا آهن، تنهنڪري ڏينهن جو ٻاهر نہ نڪرندو آهي ۽ گوشائتن هنڌن تي وڻن ۾ لِڪيل رهندو آهي. هي ڪم همت آهي. ڪو ماڻهو بہ جيڪڏهن ڪم همت ۽ ماڻهن کان پري اڪيلائي پسند هوندو تہ ٿري چوندا آهن، ”ادا فلاڻو ته چِٻري جهڙو آهي“. هيءُ رات جو ٻاهر نڪري پنهنجو گذران ڪندو آهي. هن کي ٿري نِڀاڳو پکي سمجهندا آهن. رات جو پاڙي ۾ اچي ٻوليو تہ بدسوڻ سمجهن. ڪٿي ٻاهر مسافريءَ تي اُسهڻ وقت بہ رات جو ساڄي پاسي هن جو ٻولڻ بلڪل بدسوڻ سمجهندا آهن[2].
جِسامت
[سنواريو]هن جي جِسامت 21 سينٽي ميٽر يعني 8.3 انچ آهي. هن جو رنگ سُرمائي ناسي ۽ کَنڀن تي اَڇا ٽُٻڪا ۽ پيٽ جا کَنڀ ڌاريدار لڳندا اَٿس. اکيون گول ۽ هيڊيون اَٿس. نر ۽ مادي ٻئي هڪ جھڙا ٿيندا آهن.
رهائش
[سنواريو]هي عام طور تي ڳوٺن، باغن ۽ ويرانن ۾ وڻن جي پورن ۾ نظر ايندو آهي.
نسل جي واڌ ويجھ
[سنواريو]هي نومبر کان اپريل تائين آنا ڏيندا آهن. 3 کان چار آنا جن جي جسامت 26 کان 30 ملي ميٽر ۽ وزن 11 گرام هوندو آهي. مادي هڪ نر سان پوري عمر نہ گذاريندي آهي ۽ نر مَٽائيندي رهندي آهي. مادي 31 کان 32 ڏينهن آرو ڪندي آهي ڇو تہ آنن لاهڻ ۾ 8 ڏينهن جو فرق ٿي سگھي ٿو. 1 مهيني کانپوءِ ٻَچو آکيرو ڇڏي هليو ويندو آهي.
کاڌ خوراڪ
[سنواريو]هي گوشت خور آهي. هي نوريئڙا، ڪوئا، جيت، ڏيڏر ۽ ننڍا پکي پڻ کائيندو آھي.
-
چٻرو وڻ جي ڏرَ مان
-
چٻرن جي جوڙي
-
چٻري جو آواز
-
چٻرو اُڏامندي
-
چٻرو شڪار لاءِ ويندي
-
چٻري جي ٻولي
چٻري جا قسم
[سنواريو]نمبر شمار | سنڌي نالو | انگريزي نالو | سائينسي نالو |
---|---|---|---|
1 | چٽڪمرو چٻرو | اسپاٽيڊ آئوليٽ | ايٿني براما |
2 | يوريشيائي باز جھڙو ڇٻڙو | يوريشين ايگل آئول | بوبو بوبو |
3 | يورويشائي ننڍو گُگھ / چٻرو | يوريشين اسڪاپس آئول | آٽس اسڪاپس |
چٻرو | |
---|---|
چٻرو | |
چٻرو | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Athene |
جنس: | Template:Taxonomy/Athene{. brama |
حياتياتي نالو | |
Athene brama (Temminck, 1821) | |
طِب
[سنواريو]ھن پکي جو گوشت گرم خشڪ آھي ۽ دير هضم آھي. هن جو گوشت معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، سدن کي تحليل ڪري ٿو. جلندر، فالـج، وائي بادي وڃائڻ، قوت باھہ وڌائڻ لاءِ مُفيد آهي. هن جو گرم رت اک ۾ وجهجي ته ڦُلي ۽ ڌُنڌ کي فائدو ڪري ٿو، هن جا هڏا ساڙي تِرن جي تيل ۾ ملائي وار چري ۽ گنج تي لائجي، تہ وار تڪڙو پيدا ٿيندا.[4]،
European scops owl | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Otus |
جنس: | Template:Taxonomy/Otus{. scops |
حياتياتي نالو | |
Otus scops (Linnaeus, 1758) | |
Summer Resident Winter |
حوالا
[سنواريو]- ↑ BirdLife International (2016). "Bubo bubo". IUCN Red List of Threatened Species (IUCN) 2016: e.T22688927A86872241. doi:. http://oldredlist.iucnredlist.org/details/22688927/0. Retrieved 1 February 2017.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شور ظلمو
- ↑ بقرة
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ بقرة
ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.