ڪٻر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ ۾ ڪَٻر نالي پکي ۽ ڪُٻر نالي ذات پڻ موجود آهي.

Common myna
Indian Myna.JPG
ڪٻر
Acridotheres tristis00.jpg
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Animalia
تقسم: Chordata
درجو: Aves
ترتيب: Passeriformes
خاندان: Sturnidae
نسل: Acridotheres
جنس: A. tristis
حياتياتي نالو
Acridotheres tristis
(Linnaeus, 1766)
Subspecies

Acridotheres tristis melanosternus
Acridotheres tristis naumanni
Acridotheres tristis tristis
Acridotheres tristis tristoides

Common Mynah distribution map.png
Distribution of the common myna. Native distribution in blue, introduced in red.
هم معنيٰ

Paradisaea tristis Linnaeus, 1766

هن کي انگريزي ۾ Myna چئبو آهي. هن جو سائينسي نالو Acridotheres آهي.

هن کي ڪٿي ڪٿي لالي پڻ چوندا آهن اردو ۾ مينا چئبو آهي.

سنڌ ۾ ڪٻر جا قسم[سنواريو]

نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 ڪٻر Common Myna Acridotheres tristis
2 ننڍي ڪٻر Bank Myna Acridotheres ginginianus

ڪٻر جي جسامت[سنواريو]

ڪٻر جي جسامت 23 سينٽي ميٽر آهي.
پيمانو/جنس نر مادي
سراسري وزن گرامن ۾ 109.8 120-138
پر ملي ميٽرن ۾ 138-153 138-147
پيٽ ملي ميٽرن ۾ 25-30 25-28
پڇ ملي ميٽرن ۾ 81-95 79-96

ڪٻر (نر) ۽ ڪٻرِي (مادي) هڪ جھڙا ٿيندا آه. گھڻو ڪري گاهير ۽ هيٺانهن علائقن ۾ رهي ٿي. رنگ جو چمڪدار ناسي آهي. مُنڍي، پڇ ۽ پرن جا پاسڙا ڪاسرا گھرا ناسي هوندا اٿس. پر جي وچ ۾ اڇو ٽڪو ٿئيس. جيڪو اڏامڻ مهل صاف نظر ايندو آهي. چهنب هيڊي رنگ ۽ اک جي پويان سهڻو هيڊو نشان اٿس. ٽنگون ۽ پير به هيڊا هوندا اٿس. پير ۽ چنبا مضبوط ٿين ٿا ۽ پڇ ڪي قدر ننڍو هوندو اٿس.

کاڌ خوراڪ[سنواريو]

ڪٻر ٻج، ميوا، جيت، ڪينئان ۽ گهريلو اوبر کائي ٿو.

رهائش[سنواريو]

هي سنڌ کان علاوه پوري هند اُپکنڊ، افعانستان، ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان، ميانمار(برما)، ملائيشيا، ٿائيلينڊ ۽ چين ۾ پڻ ڪٻر ملي ٿي.

ڪٻر مقامي پکي آهي لڏپلاڻ ڪونه ڪندو آهي. ان پاڻ ۾ انساني آبادين جي ويجھو رهڻ جي همت پيدا ڪري ورتي آهي ۽ عام طور تي بي خوف آهي.

ڪٻر وڻ جي پور يا عمارتن ۾ سادو پيالي نما آکيرو ٺاهي ٿي. جيڪو گاھ، پاڙن ۽ تيلين جو هوندو آهي.

سنڌي ادب ۾[سنواريو]

بادشاھ ۽ ڪٻر- ڪتاب لوڪ ڪهاڻيون-6 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

جھرڪي ۽ ڪٻر- ڪتاب لوڪ ڪهاڻيون-6 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

گيلري[سنواريو]

ڪٻر فصلن ۾ کاڌ خوراڪ حاصل ڪندي.

طب[سنواريو]

خاصيت: هن جو گوشت خفقان، دل هول ۽ چريائيءَ لاءِ مفيد آهي، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو. هن جي وٺ ۽ رت ڪوڙهه، چٽي ۽ ڇانئن جي داغن تي مکجي ته انهن کي ڇٽائيندو، اکين جي ڌنڌ ۽ ڦلي لاءِ فائديمند آهي..

ڪٻر جي ٻولي[سنواريو]

Calls

هي پکي صنح جو سوير وڻ تي هڪ ولر ڪري جمع ٿيندا آهن ۽ زور زور سان ٽِيڪو ڪندا آهن.


نسل جي واڌويجھ[سنواريو]

ڪٻر پنهنجي آکيري ۾
ڪٻر جا آنا

هي سڄي عمر لاءِ جوڙو ٺاهيندا آهن. ڪٻرِي 4 کان 6 آنا لاهيندي آهي. آني جي ديگھ 30.8 ملي ميٽر ۽ ويڪر 21.99 ملي ميٽر عمومي هوندي اهي. 17 کان 18 ڏينهن آرو ڪندي آهي. 22 کان 24 ڏينهن تائين ٻچي جا پر نڪري ايندا ۽ اڏام جي تياري ڪندو آهي.

ڪٻر ٻئي پکي جا آنا ٽوڙيندي.


  1. سانچو:IUCN

ننڍي ڪٻر[سنواريو]

ننڍي ڪٻر جي جسامت[سنواريو]

هي ڪٻر عام ڪٻر ڪجھ ننڍي هوندي آهي. 20 سينٽي ميٽر جسامت واري هيءَ ڪٻر ڌسڻ ۾ عام ڪٻر کان گھڻو مختلف نه هوندي آهي. انڪري اڪثر ماڻهو هن کي به عام ڪٻر سمجھندا آهن. پر ٿورو ئي ڌيان ڏبو ته هن ڪٻر جون جدا وصفون ڏسي سگھبيون. هيءَ ڪٻر رنگ ۾ عام ڪٻر کان ڪجھ مختلف آهي. قد بت به عام ڪٻر کان ڪجھ ننڍو ٿيندو آهي. بالغ ننڍي ڪٻر جي اک واري پاپڙيءَ ڳاڙهسري نارنگي ۽ چهنب به نارنگي ڳاڙهي هوندي آهي. پرن جي ڪناريءَ وارن کنڀن تي نارنگي ۽ ڀورو چٽو ٿئيس ٿو. پڇ جي پڇڙي به نارنگي ۽ ڀوري هوندي اٿس. مٿو ۽ ڳل چمڪيلو ڪارو ناسي اٿس. ڄڻڪ نقابي ڪن ٽوپ پاتل هجيس. جسم ميرانجھڙي سرمائي ٿيئس. ڳچي، ڇاتي ۽ باقي اندريان کنڀ عام ڪٻر وانگر اٿس. ۽ پيشاني تي ننڍڙو پر تمام نمايان مُچو ٿئيس ٿو. پڇ جي هيٺان ۽ اندريان کنڀ ڀورا اٿس. ٻچي جو رنگ سادو ۽ ڦٽل ڦٽل ٿئي ٿو، مٿو ۽ ڪنپٽي گھري ناسي ٿئيس ٿي.

عام طور تي سياري ۾ وڏن وڳرن (ولرن) ۾ گھمندي آهي.

ننڍي ڪٻر جي ٻولي[سنواريو]

ننڍي ڪٻر جون ٻوليون عام ڪٻر جھڙيون اٿس پر آواز اوترو اوچو ڪونه ٿئيس.

ننڍي ڪٻر جي رهائش[سنواريو]

هن جون عادتون به عام ڪٻر جھڙيون آهن پر عام ڪٻر کان وڌيڪ گروھ پسند آهي. آباد پوکن ۾ رهندي آهي، واھ جي ڪپرن، سم نالن ۽ گھميل چراگاهن ۾ ۽ اتي رهي ٿي جتي مال ۽ ڳوٺ هجن. سهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏسبي آهي. هي ڪٻريون 50 کن جي تعداد ۾ گڏيل ڪالوني ٺاهي رهن ٿيون، آکيرو اُڀ ڪپرين ڀِڪن ۾ سوراخ کوٽي ٺاهين ٿيون يا وري ڪڏهن ڪڏهن درياھ ، ندي، واھ، بند، يا روڊ جي ڀِڪ ۾ قدرتي ڏرڙ ۾ آکيرو ڪري ٿي.

سنڌ ۽ پنجاب کان علاوه گجرات (انڊيا) کان مهاراشٽرا تائين ۽ بنگلاديش ۾ جام ملي ٿي. اڪثر ڪري ساريلن علائقن ۾ تمام گھڻي ٿيندي آهي.

ننڍي ڪٻر جي نسل جي واڌويجھ[سنواريو]

لڳ جي مند ۾ ننڍن وڳرن ۾ گھمنديون آهن. مارچ کان اپريل ۾ آنا لاهنديون آهن. باقي هي به 3 کان 6 آنا لاهنديون آهن. ۽ 17 کان 18 ڏينهن آوري جو وقت اٿس.