قدرتي ماحول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قدرتي ماحول مان مراد اھي جڳھون يا حالتون جتي ڪو انسان، جانور يا ٻوٽو ھجي يا جتي ھو پنھنجا ڪم ڪري. ماحول ۾ سڀني جاندارن، آبھوا، موسم يا قدرتي وسيلن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ھجي ٿو جيڪو انساني جياپي ۽ معاشي سرگرمي تي اثر انداز ٿئي ٿو. ماحول جا چار جزا آھن، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿاذ:

  • ليٿو اسفيئر: ھي ڌرتيءَ جو سڀ کان ٻاھريون حصو آھي، جيڪو مختلف معدنيات مان ٺھيل آھي. ان جي اونھائي 100 ڪلوميٽرن تائين ٿي سگهي ٿي. ۽ اھو زمين ۽ مھا ساگرن تي ھجي ٿو.
  • ھائڊرو اسفيئر: ھن ۾ پاڻيءَ جا سڀ ذخيرا ھجن ٿا، جن ۾ مھا ساگر، سمنڊ، درياءَ، ڍنڍون، تلاءَ، نديون، وغيره شامل آھن. اھو ڌرتيءَ جو %70 تھ والاري ٿو. گهڻو پاڻي مھا ساگرن ۾ لوڻياٺي پاڻيءَ جي شڪل ۾ آھي. ڌرتيءَ تي رڳو %2.5 پيئڻ جو پاڻي آھي. پيئڻ جو پاڻي زمين، ڍنڍن ۽ برفاني ڇپن ۾ ھجي ٿو.
  • ايٽمو اسفيئر: ھي ھڪ گيسن جو تھ آھي جيڪو ڌرتيءَ کي ڍڪي ٿو. ايٽمو اسفيئر ۾ آڪسيجن گيس ھجڻ ڪري ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي بقا آھي. ان ۾ نائٽروجن، آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ۽ ٻيون گيسون ھجن ٿيون. ان ۾ پاڻيءَ جا ذرڙا پڻ آھن.
  • بايو اسفيئر : ھن مان مراد اھي سڀ خطا آھن جتي زندگي وجود رکي ٿي، جنھن ۾ مٽي، ھوا، پاڻي ۽ زمين شامل آھي. زندگيءَ ۾ انسان، جانور، جيت، ٻوٽا وغيرہ شامل آھن.

حوالا[سنواريو]