فقير قادر سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فقير عبدالقادر سومرو (انگريزي:Fakir AbdulQadir Soomro) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو صوفي شاعر هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

فقير قادر سومرو جو پورو نالو عبدالقادر سومرو پٽ الھرکيو سومرو هو هن دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي ڳوٺ سوڀو دولتاڻي لغاري ۾ پيدا ٿيو. هن صوفي شاعر چئن ٻولين فارسي، اردو،سرائيڪي ٻولي ۽ سنڌي ٻولي ۾ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري ۽ شعرن جو گھڻو حصو سنڌي ٻولي ۾ آهي. شاعري ڏاڍي اثرائتي اٿس. قدرت طرفان شاعري جي ڏات عطا ڪيل هئس جو ڪا ڳالهه پڙهندو هيو يا ڪنهن الله واري کان ٻڌندو هيو يا ڪو واقعو ڏسندو هيو ته ان کي شعرن ۾ قلمبند ڪري ڇڏيندو هيو.[1]

تعليم[سنواريو]

ان وقت پرائمري تعليم ست 7 درجا فائنل هوندي هئي، پاڻ تعليم ڳوٺ کان 2 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ڳوٺ ٽوڙ ۾ پنج درجا پاس ڪيائين، ۽ اتي استاد عبدالمجيد لغاري وٽ ناظرہ قرآن مجید به پرهيو

شادي ۽ اولاد[سنواريو]

فقير عبدالقادر سومرو کي ٽن پٽن ۽ پنج نياڻين جو اولاد هو جن جا نالا هي آهن، سراج الدين سومرو، شهاب الدين ۽ ٽيون فرزند نظام الدين سومرو

شاعري[سنواريو]

پاڻ شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. جيئن: بيت، دوهيڙا، غزل ، ڪافيون، مداحون، مناجاتون وغيره. پاڻ پنهنجو شاعراڻو تخلص ”سومرو“ رکيو اٿس. يا وري پنهنجو نالو ”عبد القادر“ بطور تخلص جي استعمال ڪيو اٿس. سندس شاعري ۾ محبت ۽ پيار نماڻائي ۽ نهٺائي نمايان نظر اچي ٿي. ٻولي ڏاڍي سهل ۽ من موهيندڙ اٿس. تصوف جا نڪتا ڏاڍي دلڪش انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس شاعري جي ڪتاب “گوندر گهاريان ڏينهڙا” جنهن کي مرشد ڪريم محبوب دلبرسائين مدني پنهنجي خوشبودار قلم سان سنواري منظرِ عام تي آندو آهي ان ۾ فقير صاحب هڪ جاءِ تي فرمائي ٿو: ٻوڙو ٿي تون ٻڌ، اندر جي آواز کي، ڏس بنا ڏسڻ جي، ته سارِي پوَئي سُڌ، چئي ”عبدالقادر“ اندر ۾، خالق اٿئي خود، ڪري جوانَ جُهد، مالڪ ساڻ ملي ويا.

ڪتاب[سنواريو]

سندس ڪتاب گوندر گھاريان ڏينهڙا پير محمد ڪرم الله الاهي نقشبندي قادري المعروف مرشد دلبرسائين مدني ڇپرايو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "ڪاڇي جو شاعر فقير عبدالقادر قادر سومرو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-09-05. 
  2. "Gondar Ghariyan Deenhdra". Scribd. حاصل ڪيل 2020-09-04.