ميان دين محمد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ميان دين محمد ڪلھوڙو 1103ھ 1692ع ۾ پنھنجي پيءُ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي گاديءَ تي ويٺو. ھن پنھنجي وڏن جو طريقو جاري رکيو. اُھي زميندار، جيڪي ميان ميان نصير محمد جي زماني ۾ ناڪام ٿي، خاموش ٿي زندگي گذاري رھيا ھئا، سي ھاڻي موقعو ڏسي، ميان دين محمد سان وڙھڻ لاءِ تيار ٿي ويا. مير پنھور، جنھن جو شھر ”فتح پور“ فقيرن جي قبضي ۾ ھو، سو دھليءَ جي بادشاھه وٽ فريادي ٿي ويو ۽ مرزا خان پني پٺاڻ جي نالي شاھي حڪم وٺي آيو ته اُھو مير پنھور جي مدد ڪري. پر مرزا پني فقيرن جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيو. آخر درٻار شاھيءَ مان انھيءَ مھم لاءِ امير شيخ جھان مقرر ٿيو ته اُھو فقيرن کي ختم ڪري. ان حڪم پٽاندر امير شيخ جھانَ، مير پنھور جي ڏَس تي فقيرن تي حملو ڪيو. ڪلھوڙن طرفان سندن مريدن، ڏيري جي قلعي مان نڪري، مغلن جي لشڪر جو مقابلو ڪيو ۽ ڳوٺ ڳيريلي وٽ مغلن جي فوجن تي راتاھو ھنيو، جنھن مغلن جي لشڪر جا اوسان خطا ڪري ڇڏيا. ھيڏانھن ميان دين محمد مرڪزي ڳوٺ ڳاڙهيءَ مان ھڪ لشڪر فقيرن جي مدد لاءِ موڪليو. ٻنھي لشڪرن گڏجي، امير شيخ جھان جي لشڪر تي وڏو حملو ڪيو، جنھن ۾ امير شيخ جھان مارجي ويو ۽ بکر جي حاڪم ڀڄي جان بچائي. ٻئي دفعي قنبر بروھي وڏو لشڪر وٺي، فقيرن تي ڪاھي آيو، پر ان کي به سخت ناڪاميءَ جو مُنھن ڏسڻو پيو.

امير شيخ جھان جي قتل ۽ بکر جي حاڪم الله يار جي ڀاڄ جي خبر ٻُڌي، شھزادي معزالدين (جيڪو عالمگير جو پوٽو، لاهور ۽ ملتان جو گورنر ۽ سنڌ جو نگران ھو) سِڌو سنڌ جو رخ ڪيو. جڏھن ميان دين محمد، شھزادي معزالدين (Prince Muizuldeen) جي اچڻ جي خبر ٻُڌي، تڏھن ميان صاحب پنھنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي ٻن وڪيلن سان گڏ بکر موڪليو. جن شھزادي کي سڀ حالتون سمجھائي، سندس دل صاف ڪري ڇڏي، جنھن ڪري ھو مطمئن ٿي، لاھور واپس روانو ٿي ويو. پر اوچتو ئي اوچتو، انھيءَ وچ ۾ عجيب واقعو پيش آيو. ٿيو ھيئن جو شھزادي جي واپس وڃڻ کان پوءِ ڪلھوڙا خاندان جي نامياري سپھ سالار شاھه بھارا جي وڏي ڀاءُ مقصود فقير جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته شھزادي اسان جي بھادريءَ جا جوھر ته ڏٺا ئي ڪو نه، ان ڪري کيس پنھنجي طاقت جو اندازو ڏيکاري. اھو خيال ايندي ئي ھن لشڪر تيار ڪري، ميان دين محمد کي ٻڌائڻ کان سواءِ ماٿيلي تي حملو ڪري ڏنو ۽ پوءِ اڳتي وڌي، اُچ ۾ مغلن جي لشڪرين جو قتلام شروع ڪري ڏنائين.

شھزادي معزالدين کي جڏھن ڪلھوڙن جي لشڪر جي ھن ڪاروائيءَ جي خبر پئي ته ھُو سخت ڪاوڙ ۾ واپس آيو. شاھي فوجن سيوھڻ ۾ ترسي، ميان دين محمد جي علائقن ۾ لُٽ مار شروع ڪري ڏني. مغل فوج ڇھ مھينا سيوھڻ ۾ رھي. نيٺ ميان دين محمد صلح جي لاءِ درخواست ڏني ۽ پاڻ شھزادي وٽ ھلي آيو. شھزادو معزالدين، ميان دين محمد کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو، باقي ميان صاحب جي رھيل ماڻھن جي نگرانيءَ لاءِ ھڪ فوج ڇڏي ويو ته اھا باقي ماڻھن کي گرفتار ڪري وٺي اچي.

ميان دين محمد جو ننڍي ڀاءُ ميان يار محمد ھاڻي ميان دين محمد جو قائم مقام ھو، سو اُن لاءِ تيار نه ھو ته ڪو پنھنجي ماڻھن ۽ واسطيدارن کي مغل فوج جي حوالي ڪيو وڃي. ھن مغل فوج سان جنگ جو اعلان ڪيو ۽ ڏاڍي ثابت قدميءَ سان مغل فوج جو مقابلو ڪيو. ٻنھي ڌرين ۾ وڏي جنگ لڳي، جنھن ۾ تاريخدانن جي مطابق رت جون نديون وھي ھليون. ميان يار محمد جي طرفان تاجي فقير، جادي فقير ۽ بختيار فقير پنھنجن پنھنجن جٿن سان گڏجي واھه جو پاڻ ملھايو. انھيءَ جنگ ۾ مغل فوج جا ٻه زبردست بھادر، راجا گجا سنگھ ڀٽي (Raja Ganjaa Singh Bhatti) ۽ سورج مل (Sooraj Mal)، اوڌيپوري ميدان جنگ ۾ مارجي ويا ۽ نئين گاج جي ڪناري تي ڪلھوڙن جي لشڪر مغل فوج (Mugul army) کي وڏي هار ڏئي سوڀ ماڻي. اھا جنگ 1799ع ۾ ٿي. شھزادي انھيءَ هار کان بي پرواھه ٿي، ميان دين محمد کي 28 ساٿين سان گڏ ملتان ۾ شھيد ڪرائي ڇڏيو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ، ليکڪ: عبدالواحد آريسر