فقير امداد علي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فقير امداد علي

فقير امداد علي (انگريزي: Fakir Imdad Ali) سنڌ جو سگهڙ شاعر آهي جنهن سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

فقير امداد علي ٻٻر 2 فيبروري 1955ع تي غلام حيدر ٻٻر جي گهر ۾ دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاھ تعلقي جي ڳوٺ آدم خان ٻٻر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم صرف هڪ درجو پرائيمري آهي. هيءُ سنڌ لوڪ ادب سنگت ضلعي دادو جو صدر بہ رهيو آهي. هن ننڍپڻ ۾ سگهڙائپ جو فن پنهنجي ناني کان سکيو. وڌيڪ تربيت سگهڙ استاد خدا بخش مشوري کان ورتائين. هن باقاعدي سگهڙائپ جي شروعات 1975ع ۾ ڪئي. هن لوڪ ادب جي ڏور بيت، سينگار ۽ ٻين صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. هيءُ ڳجهارت، هنر، ڏٺ ۽ پرولي ڏيڻ، جوڙڻ ۽ پڃڻ جو ماهر سگهڙ آهي. هن سگهڙ طور پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي جي پروگرامن ۾ پڻ شرڪت ڪئي آهي.[1][2][3]

حوالا[سنواريو]