مواد ڏانھن هلو

لوڪ شاعري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لوڪ شاعري (Folk Poetry) مان مراد اهڙي شاعري آهي جيڪا ڪنهن به ملڪ جي مڪاني رنگ، تهذيب ۽ ثقافت جي عڪاسي ڪري ٿي. لوڪ ادب جي هيءَ خوبي آهي ته ان ۾ شاعر يا ان جي موجد جي شخصيت پردي پويان هوندي آهي، يعني اها عوامي ملڪيت سمجهي ويندي آهي.

خاصيتون

[سنواريو]

لوڪ شاعريءَ ۾ ڪا به بناوٽ يا تڪلف نه هوندو آهي. هيءَ شاعري ادبي ۽ لسانياتي نقطي نگاهه کان تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. ان جا مکيه پهلو هي آهن:

  • سادگي: هن ۾ ڪا به ٺاهه ٺوهه يا مصنوعي پن نه هوندو آهي.
  • عوامي رنگ: هيءَ شاعري ملڪي حالتن ۽ مڪاني ماحول جي خوشبوءِ سان واسيل هوندي آهي.
  • موضوعن جي وسعت: ان ۾ زندگيءَ جي هر شعبي، جهڙوڪ ريتن رسمن، بهادري (سورهيائي)، سچائي، سخاوت، ۽ جانورن (گهوڙا، ٻيڙا وغيره) جو ذڪر ملي ٿو.

سنڌي لوڪ شاعري

[سنواريو]

سنڌي لوڪ شاعريءَ جو دائرو تمام وسيع آهي. سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو سمورو دفتر هن شاعريءَ ۾ محفوظ ٿيل آهي. سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ اهڙيون ته گهڻيون صنفون ملن ٿيون، جن جو مثال دنيا جي ٻين ٻولين جي لوڪ ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي. هن ۾ انساني جذبات جهڙوڪ عشق، حسن، ڏک، درد ۽ سماجي جهيڙن کي عام شاعرن پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.[1]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد