فريڊرڪ اينگلس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فريڊرڪ اينگلس

اينگلز 1877ع ۾ برگٽن ۾ (وليم ھال پاران ٺاھيل تصوير)
پيدائش 28 نومبر 1820
بارمين، پروشيا جي بادشاھت
وفات 5 آگسٽ 1895 (عمر 74 سال)
لنڊن، انگلينڊ
قوميت جرمن
مشھور ڪم انگلينڊ ۾ مزدور طبقي جي حالت, اينٽي ڊيوھرنگ, سوشلزم : يوٽوپيا ۽ سائنٽيفڪ, جرمن آئڊيالاجي
عهد اوڻويھين صدي جو فلسفو
علائقو مغربي فلسفو
مڪتبه فڪر ڪانٽينينٽل فلسفو
مارڪسزم
جدلياتي ماديت
تاريخي ماديت
شعبه عمل
سياسي فلسفو, معاشيات, طبقاتي جدوجھد, سرمائيداري تي تنقيد
اهم نظريا
مارڪسسٽ ٿيوري آف ايلينيئيشن اينڊ اڪسپلائٽيشن آف ورڪر, تاريخي ماديت
سڃاڻپ نشان

فريڊرڪ اينگلس(انگريزي: Friedrich Engles) هڪ جرمن ڪارخانيدار جو وڏو پٽ هو، جيڪو 28 نومبر 1820ع تي ڄائو. جڏھن هو جوان ٿيو ته سندس والد انگلينڊ ۾ پنهنجي ڪاٽن فيڪٽري جي سنڀال لاءِ موڪلي ڏنو. اتي غريب پورهيتن جا هانءَ ڏاريندڙ لقاءَ ڏسي کيس ڏاڍو ڏک رسيو، جنهن تي هن ”انگلينڊ ۾ پورهيتن جو حالتون“ نالي ڪتاب لکيو. 1844ع ۾ ڪارل مارڪس جي ”فرينڪو جرمن تجزياتي رسالو“ سان واسطو وڙو پيو. ان کانپوءِ مارڪس سان ملاقات ڪري گڏيل مقصدن لاءِ سرگرم ٿيڻ جو واعدو ڪيائين. 1845ع ۾ جڏھن مارڪس کي فرانس مان نيڪالي ڏني وئي، تڏھن هو لڳاتار مارڪس ۽ سندس خاندان جي مالي سهائتا به ڪندو رهيو. 1846ع ۾ اينگلس ۽ مارڪس برسلس آيا، جتي هنن ” ڪميونسٽ رابطا ڪاميٽي جوڙي “ جنهن تحت پوءِ انهن هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي ”ڪميونسٽ ليگ“ جو بنياد وڌو. ڪميونسٽ تحريڪ ۾ ٻنهي جو هڪٻئي سان وڏو ساٿ رهيو. جيئن مارڪس جي ڪتاب ”داس ڪيپيٽل“ (Das Kapital) ڪميونسٽ سوچ کي سائنسي انداز ڏنو، تيئن اينگلس جي ڪتاب ” ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات “ ڪميونسٽ تحريڪ کي تاريخي استدلال فراهم ڪيو. فريڊرڪ اينگلس 5 آگسٽ 1895ع تي لنڊن ۾ ديهانت ڪري ويو.[1]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب؛ ڪامريڊ اينگلس