تاريخي ماديت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Karl Marx (1818–1883)

تاريخي ماديت __(Historical Materialism):

تاريخي ماديت مان مراد، مارڪسيت جو اهو پهلو آهي، جيڪو تاريخ جي مادي ۽ معاشي تعبير سان تعلق رکي ٿو. مارڪس جي خيال ۾ انساني تاريخ هڪ داستان آهي، جنهن ۾ مفلس حال طبقو معاشي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪندو نظر آيو آهي. ان داستان ۾ استحصالي طبقو ۽ استحصال ٿيندڙ طبقو مسلسل هڪ قسم جي ڪشمڪش ۾ رهندو پيو اچي، جنهن کي “طبقاتي ڪشمڪش” چيو ويندو آهي.[1] تاريخي ماديت تاريخي ارتقا کي جانچڻ لاءِ ان تي مارڪسي سائنس جي لاڳو ڪرڻ جو نالو آھي. تاريخي ماديت جو بنيادي مقصد ھڪ جملي ۾ ائين بيان ڪري سگھجي ٿو ته : ” انسانن جو شعور انسانن جي وجود جو شمار ناھي ڪندو، پر ان جي اُبتڙ انسان جو سماجي وجود ان جي شعور جو شمار ڪندو آھي“ (مارڪس: سياسي معيشت جي تنقيد جي مراسلي جو ديباچو) ان ڳالھ جو مطلب ڇا آھي؟ روزنامه ”مرر“ جا ڏسندڙ ”پريشرز“ جي ڪارٽون اسٽرپ کان سٺيءَ ريت واقف ھوندا جنھن ۾ پوڙھو ڪتو ”ويلنگٽن“ گھمندي گھمندي ھڪ ڪيڪڙن سان ڀريل تلاءَ تي وڃي نڪرندو آھي. ڪيڪڙا ان کي ڏسي پر اسرار مخلوق جي باري ۾ اندازو لڳائيندا آھن، انھن کي ته اھو ئي ڏيکائجي پيو. ڳالھ اھا آھي ته اوھا جي سڄي ڪائنات جيڪڏھن ته ھڪ تلاءُ ئي آھي ته اوھان شين کي ڪئينءَ ڏسندا آھيو؟ اوھان جي شعور جو شمار اوھان جو وجود ئي ڪندو آھي. انساني سوچ تجربن جي دائري تائين محدود آھي. ھيءَ ڳالھ اسين تمام گھٽ ڄاڻيندا آھيون ته قديم انسان ڪئينءَ سوچيندو ھوندو؟ پر ھي ڄاڻون ٿا ته ڪھڙين شين جي باري ۾ ھو سوچي ئي ڪونه سگھندو ھو. ان کي اھا به پريشاني ڪونه رھي ھوندي ته فٽبال مئچ ڪير کٽيندو؟ ”فٽبال ليگ“ وارا پھريون ئي اندازو لڳائيندا آھن ته وڏن شھرن ۾ مئچ ڪرائڻ سان ايتري ڪمائي ٿي ويندي جو پيشه ور رانديگرن ۽ ڪلب جي سڄي عملي جي پگھار ٿي وڃي. صنعتي شھر رڳو انھيءَ وقت ئي ترقي ڪري سگھن ٿا جڏھن محنت جي طاقت جي واڌ ان نقطي تائين ارتقا ڪري وڃي ته سماج جي ھڪ حصي کي باقي رھيل معاشرو کارائي سگھي ۽ اھو حصو خوراڪ جي حصول بجائي ٻين گھربل شين جي پئداوار تي ڌيان ڏئي سگھي. ٻين لفظن ۾ ھڪ وڏي پئماني تي محنت جي ورھاست لازمي بيھندي آھي. انھيءَ شيءِ جو ٻيو رخ ھي ته ماڻڳو لازمي طور تي رڳو پئسو ڪمائڻ جي معمول ۾ ٻڌجي وڃن ۽ ضرورت جون شيون ٻين کان خريد ڪن، جنھن ۾ فٽبال ٽڪيٽون به شامل آھن.قديمي سماج ۾ لازماً ائين ڪونه ٿيندو ھو. ائين ھن سادي مثال سان ظاھر ٿيندو آھي ته ڪھڙيءَ ريت پيشه ور فٽبال جھڙيون معمولي شيون به سماج جي روزگار حاصل ڪرڻ جي طريقن سان جڙيل آھي يعني ماڻھن جي سماجي وجود تي دارومدار ڪن ٿيون. آخر انساني سوچ آھي ڇا؟ عظيم عينيت پرست فلسفي ھيگل چيو ھو ته ”انسان باشعور ھستي آھي“ حقيقت ۾ ھيگل عام مذھبي خيال کي ئي ھڪ خاص قسم جي ھٿ جي صفائي ڏيکائيندي ٿوريءَ نئينءَ شڪل ۾ پيش ڪري ڇڏيو ھو، جنھن مطابق خالق انسان کي دماغ پنھنجي ثنائيءَ، تعريف ۽ تحسين لاءِ عطا ڪيو ھو. ھي سچ آھي ته سوچڻ ھڪ اھڙو عمل آھي جيڪو اسان کي ڪيڙن ماڪوڙن کان الڳ ڪندو آھي. پر انسان سوچڻ جي صلاحيت ڇو ۽ ڇا لاءِ حاصل ڪئي؟ تقريباً سو سال اڳ اينگلز ان ڳالھ جي نشاندھي ڪئي ھئي ته ”سڌو ٿي بيھڻ “ ئي اھا تبديلي ھئي جنھن حضرت انسان کي بن مانس کان الڳ ڪيو، ھي سڌي مادي خاصيت ھئي، ان نظرئي جي وضاحت بشريات جي ماھرن جي جديد ترين تحقيقن ڪئي آھي، جئين ليڪيءَ جي کوجنائن....... سڌي ٿي بيھڻ مخالف آڱوٺن جي ذريعي پڪڙ بنائڻ لاءِ ھٿن کي آزاد ڪري ڇڏيو. انھيءَ سامانن ۽ انھن جو ارتقا ممڪن بڻايو. ان سڌي ٿي بيھڻ ئي شروعاتي انسان کي ان لائق به بڻائي ڇڏيو ته ھو چؤطرف جي دنيا کي ڄاڻڻ لاءِ ٻين احساسن بدران اکين تي وڌيڪ دارومدار ڪري. ھٿن جي استعمال دماغي صلاحيتن کي اکين جي وساطت کان ارتقا ڏني. اينگلز ھڪ جدلياتي ماديت پسند ھو. ھُن ڪڏھن به سوچ جي اھميت کي گھٽ نه ڪيو پر ان جي وضاحت ڪئي ھئي ته سوچ پيدا ڪئينءَ ٿي. اسان ھي به ڏسي سگھون ٿا ته اٺارھين صديءَ جي آمريڪي سياستدان ۽ ليکڪ بنجامن فرينڪلن جي سوچ ھيگل جي نسبت وڌيڪ ماديت پسند ھئي جڏھن اُن انسان جي تعريف ھڪ سامان بڻائڻ واري جانور طورڪئي. ڊارون سو سال اڳ ٻڌايو ھو ته بقا جي لاءِ ھڪ جدوجھد موجود آھي ۽ فطرتي نسلن جي چونڊ ذريعي بقا پذير رھنديون آھن. ظاھر ۾ ته انسان وٽ پنھنجي حفاظت جي لاءِ ڪجھ خاص نه ھو، نه ته اُن وٽ چيتي جھڙي رفتار ھئي، نه شينھن جھڙي طاقت ۽ نه ئي ھُو ھاٿيءَ جھڙو ڍيڄاريندڙ وزندار جسم رکندو ھو، ان جي باوجود انسان پوري ڌرتيءَ تي غالب آيو، ۽ موجوده دور ۾ ته انھن خوفناڪ جانورن کي خاتمي جي حد تائين پھچائي ڇڏيو اٿس. اھا ڪھڙي شيءِ آھي جيڪا انساني نسل جو ھيٺين درجي جي جانورن کان الڳ ڪندي آھي؟ ھي شڪ ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ جانور ته خود ڪفيل آھن، جئين شينھن.... پر آخري تجزئي ۾ انھن سڀني جانورن کي پنھنجي چؤ طرف جي فطرت اھڙيءَ ريت قبول ڪرڻي پوندي آھي، جھڙيءَ ريت انھن کي ملندي آھي.پر جيستائين انسان جو تعلق آھي، اھو فطرت تي آھستي آھستي قابو حاصل ڪندو ويندو آھي. اھو عمل جنھن جي ذريعي انسان فطرت کي قابو ڪيو، محنت آھي. مارڪس جي قبر تي بيھي ڪري، اينگلز چيو ھو ته ھن جي دوست جي عظيم کوجنا ھيءَ آھي ته ”انسان لازمي طور سڀ کان پھريون کائڻ، پيئڻ، رھائش ۽ لباس جي مسئلن کي حل ڪيو، انڪري سيايت، سائنس، آرٽ ۽ مذھب وغيره طرف اچڻ کان اڳ ان کي ڪم ڪرڻو پيو. ھڪ ٻي جاءِ تي جدلياتي اصول ٻڌائيندي اينگلز چوندو آھي ته ”ھٿ نه رڳو ھي ته محنت ڪرڻ جو عضوو آھي پر ھي پاڻ محنت جي پيداوار به آھي“. جڏھن ته اسين پنھنجي پراڻن انسانن جا ذھن پڙھي ته نٿا سگھون، پر اندازو سٺيءَ ريت لڳائي سگھون ٿا ته لڳ ڀڳ ھر وقت ان کي رڳو ھڪ ئي پريشاني رھندي ھئي، اھا ھئي غذا. انساني تاريخ جو وڏو حصو ان جدوجھد تي مشتمل آھي جيڪا ضريڌورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آھي. مارڪسين کي گھڻو ڪري ”معاشي جبريت پسند“ ( (Economic Deterministھئڻ جو ملزم بيھاريو ويندو آھي. حقيقت ۾ مارڪسي ماڻھو، تاريخ ۾ عام ماڻھن جي خيالن يا انھن جي عملي ڪردار جي اھميت جي انڪار کان گھڻو پري آھن. پر مختصر طور ھي ٻڌائي سگھجي ٿو ته اسين سرگرميون ڪندا آھيون ته انھن جي ذريعي ئي اسان کي ھڪ طرف ھي پتو پوندو آھي ته اسان جي انفرادي سرگرمين جي آزاديءَ جون حدون ڇا آھن ۽ ٻئي طرف ان حقيقت جو به پتو پتو پوندو آھي ته پنھنجن خيالن ۽ سرگرمين کي آخري منزل تائين پھچڻ لاءِ سازگار سماجي حالتن جو پھريون کان موجود ھئڻ ضروري آھي. اسان جا مڪتبي مخالف عمومي طور تي سست ۽ بري نظر جا ماڻھو آھن جيڪي نرم ۽ ملائم آرامده ڪرسين تي اڌ ليٽي ڪري سرخ شراب ۽ ٻين سامانن مان انفرادي سرگرمين کي حاصل ڪري رھيا آھن. اتي اسان مارڪس جي مدد سان سمجھي سگھون ٿا ته ماڻھو ”پنھنجي تاريخ“ پاڻ ٺاھيندا آھن، اھي ماضيءَ جي عطا ۽ ماضيءَ مان گذري آيل ھوندا آھن“. اسان کي ھي سمجھڻ جي ضرورت آھي ته ھن سڄي عمل ۾ سماج ڪئينءَ ترقي ڪري رھيو آھي؟ انھيءَ سبب تي اسين چئي سگھون ٿا ته مارڪسزم ھڪ تناظر جي سائنس آھي. زبان جيڪا خيالن جي ڪرنسي آھي پاڻ محنت جي تخليق آھي. اسين ان ڳالھ کي گدڙن ۽ ٻين شڪاري جانورن تائين ۾ ڏسي سگھون ٿا جيڪي پنھنجو شڪار مارڻ لاءِ رڳو وحشياڻي طاقت تا رفتار بجائي گروھي عمل تي ڀاڙيندا آھن. انھن وٽ ڀؤنڪندڙ حڪمن ۽ نشانين جو ھڪ سلسلو آھي جيڪي زبان جي شروعات جا مرحلا آھن. ان طرح سان ماڻھن جي ملي ڪري محنت ڪرڻ جي نتيجي ۾ انھن جي وچ ۾ زبان پنھنجي ارتقا جا مرحلا طئي ڪيا. مٿين درجي جي بن مانسن ۾ منطقي سوچ جي جيوڙن ۽ جانورن ۾ سامانن جو محدود استعمال اڄ به شروعاتي مرحلي تي آھي. جڏھن ته ڪاميابي رڳو حضرت انسان جي ئي ھٿ لڳي. اسين ڏسي چڪا آھيون ته انساني نسل کي جيڪا ٻين جانورن کان الڳ ڪندي آھي يعني محنت جي ذريعي انسان فطرت کي آھستي آھستي تبديل ڪندو آھي ۽ ائين ڪندي ھي پاڻ کي تبديل ڪندو آھي. ان سان پتو پوندو آھي ته انساني تاريخ جي سڀني بد بختين ۽ غلطين جي اندر ئي ترقيءَ جو ھڪ حقيقي معيار موجود آھي. مردن ۽ عورتن جي اھا وڌندڙ صلاحيت، جنھن ذريعي اھي فطرت تي اختيار حاصل ڪندا آھن ۽ انھن جو واڌارو ضرورتن مطابق ڪندا آھن : ٻين لفظن ۾ ”محنت جي وڌندڙ اضافت“ پيداواري قوتن جي ارتقا جو ھر مرحلو پيداواري رشتن جي ھڪ مخصوص مجموعي سان مطابقت ۾ ھوندو آھي. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {{Tanveerhaidar (ڳالهہ) 07:49, 10 مارچ 2016 (UTC)}}