فرمان فتح پوري
| فرمان فتح پوري | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | اتر پرديش ،برطانوي راڄ |
| موت | |
| رهائش | |
| شھريت | |
| عملي زندگي | |
| مادر علمي | |
| ڊاڪٽريءَ جو صلاحڪار | |
| آجر | ڪراچي يونيورسٽي ،اردو ڊڪشنري بورڊ |
| اعزازات | |
| ويب سائٽ | |
| ويب سائٽ | باضابطہ ویب سائٹ |
| ترميم | |
ڊاڪٽر فرمان فتح پوري پاڪستان سان تعلق رکندڙ مصنف، محقق، ماهرِ لسانيات، نقاد، معلم ۽ مدير ھو.
زندگي جو حوال
[سنواريو]ڊاڪٽر فرمان فتح پوري جو حقيقي نالو سيد دلدار علي ھو.[1] ھن جي پيدائش 26 جنوري 1926ع تي ڀارت جي رياست اترپرديش ۾ فتح پور ۾ ٿي.
تعليم
[سنواريو]فرمان فتح پور مان ميٽرڪ پاس ڪئي. ان کان بعد هن 1948ع ۾ الله آباد مان انٽر مڪمل ڪئي. 1950ع ۾ آگره يونيورسٽي مان گريجويشن ڪئي ھئي.
پاڪستان اچڻ
[سنواريو]1950ع ۾ فرمان فتح پوري هجرت ڪري ڪراچي پاڪستان اچي ويو. هن ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي، ايل ايل بي ۽ بي ٽي ڪيا ۽ پوءِ 1965ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
ملازمت
[سنواريو]ڪراچي يونيورسٽي سان لاڳاپو
[سنواريو]فرمان فتح پوري ڪراچي يونيورسٽي جي اردو شعبي سام لاڳاپيل رهيا ۽ اردو شعبي جي صدر طور ريٽائر ٿيا.
اردو ڊڪشنري بورڊ
[سنواريو]1985ع ۾ فرمان فتح پوري اردو ڊڪشنري بورڊ جو مدير اعلي ۽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ھن ڪي خدمتن جي وجھہ سان ان ئي سال پاڪستان حڪومت کيس ستاره امتياز سان نوازيو.
سنڌ حڪومت جي سول سروس بورڊ جو رڪن
[سنواريو]ڊاڪٽر فرمان فتح پوري 1996ع ۾ سنڌ حڪومت جي سول سروس بورڊ جو رڪن بڻيو.
ادبي خدمتون
[سنواريو]جريده نگار
[سنواريو]فرمان ادبي جريدي نگار جو مدير بہ رهيو جنھن جو باني نياز فتح پوري ھيو.
تصنيفون
[سنواريو]فرمان فتح پوري 60 کان وڌيڪ ڪتابن جي مصنف ھيو. ڪجهه معروف تصنيفون ھن طرح آھن:
- اردو ربائي
- تدريس اردو
- اردو ڪي مضمون داستان
- تحقيق و تنقيد
- نيا اور پرانا ادب
- قمر زماني بيگم
- زبان اور اردو زبان
- اردو ڪي نعتيه شاعري
- اقبال سب ڪي ليي
- نياز فتح پوري ديده شنيده
- عورت اور فنون لطيفه [2]
وفات
[سنواريو]فرمان فتح پوري جي وفات 3 آگسٽ 2013ع تي ڪراچي ۾ ٿي. سندس جي پوئنيرن ۾ گھرواري، چار ڇوڪريون ۽ ٻہ ڇوڪرا آھن.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Farman Fatehpuri - Rediff Pages, اصل نسخو مان 2016-03-05 تي محفوظ ڪيل, 2017-05-28 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ کراچی: ممتاز محقق، اسکالر و نقاد ڈاکٹرفرمان فتح پوری انتقال کرگئے – Daily Sama Newspaper, اصل نسخو مان 2016-03-05 تي محفوظ ڪيل, 2017-05-28 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Farman Fatehpuri passes away at 87 - Newspaper - DAWN.COM
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- نوڪري وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- اعزاز وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- باضابطه ويب سائٽ وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- CS1 errors: unsupported parameter
- پاڪستاني عالم
- پاڪستاني ادبي نقاد
- ستارۂ امتياز
- اردو غير افسانه نگار
- ڪراچي جا ليکڪ
- اردو محقق
- پاڪستاني محقق
- اردو تنقيد نگار
- 1926ع جون پيدائشون
- 2013ع جون وفاتون
- مھاجر شخصيتون
- لسانيات جا پاڪستاني ماھر
- پاڪستاني ليکڪ
- اردو عالم
- ڪراچي يونيورسٽيءَ جون شخصيتون
- اردو مفڪر
- اردو مضمون نگار
- اردو ادبي ناقد
- ڪراچي جا ماڻھو