فرمان فتح پوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فرمان فتح پوري
 

معلومات شخصيت
ڄم 26 جنوري 1926  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
اتر پرديش،برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 3 آگسٽ 2013 (87 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
رهائش ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان[1]
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي ڪراچي يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
ڊاڪٽريءَ جو صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر ابوالليث صديقي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو doctoral advisor (P184) وڪي ڊيٽا تي
آجر ڪراچي يونيورسٽي،اردو ڊڪشنري بورڊ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
ويب سائٽ
ويب سائٽ باضابطہ ویب سائٹ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو official website (P856) وڪي ڊيٽا تي

ڊاڪٽر فرمان فتح پوري پاڪستان سان تعلق رکندڙ مصنف، محقق، ماهرِ لسانيات، نقاد، معلم ۽ مدير ھو.

زندگي جو حوال[سنواريو]

ڊاڪٽر فرمان فتح پوري جو حقيقي نالو سيد دلدار علي ھو.[2] ھن جي پيدائش 26 جنوري 1926ع تي ڀارت جي رياست اترپرديش ۾ فتح پور ۾ ٿي.

تعليم[سنواريو]

فرمان فتح پور مان ميٽرڪ پاس ڪئي. ان کان بعد هن 1948ع ۾ الله آباد مان انٽر مڪمل ڪئي. 1950ع ۾ آگره يونيورسٽي مان گريجويشن ڪئي ھئي.

پاڪستان اچڻ[سنواريو]

1950ع ۾ فرمان فتح پوري هجرت ڪري ڪراچي پاڪستان اچي ويو. هن ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي، ايل ايل بي ۽ بي ٽي ڪيا ۽ پوءِ 1965ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.

ملازمت[سنواريو]

ڪراچي يونيورسٽي سان لاڳاپو[سنواريو]

فرمان فتح پوري ڪراچي يونيورسٽي جي اردو شعبي سام لاڳاپيل رهيا ۽ اردو شعبي جي صدر طور ريٽائر ٿيا.

اردو ڊڪشنري بورڊ[سنواريو]

1985ع ۾ فرمان فتح پوري اردو ڊڪشنري بورڊ جو مدير اعلي ۽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ھن ڪي خدمتن جي وجھہ سان ان ئي سال پاڪستان حڪومت کيس ستاره امتياز سان نوازيو.

سنڌ حڪومت جي سول سروس بورڊ جو رڪن[سنواريو]

ڊاڪٽر فرمان فتح پوري 1996ع ۾ سنڌ حڪومت جي سول سروس بورڊ جو رڪن بڻيو.

ادبي خدمتون[سنواريو]

جريده نگار[سنواريو]

فرمان ادبي جريدي نگار جو مدير بہ رهيو جنھن جو باني نياز فتح پوري ھيو.

تصنيفون[سنواريو]

فرمان فتح پوري 60 کان وڌيڪ ڪتابن جي مصنف ھيو. ڪجهه معروف تصنيفون ھن طرح آھن:

  • اردو ربائي
  • تدريس اردو
  • اردو ڪي مضمون داستان
  • تحقيق و تنقيد
  • نيا اور پرانا ادب
  • قمر زماني بيگم
  • زبان اور اردو زبان
  • اردو ڪي نعتيه شاعري
  • اقبال سب ڪي ليي
  • نياز فتح پوري ديده شنيده
  • عورت اور فنون لطيفه [3]

وفات[سنواريو]

فرمان فتح پوري جي وفات 3 آگسٽ 2013ع تي ڪراچي ۾ ٿي. سندس جي پوئنيرن ۾ گھرواري، چار ڇوڪريون ۽ ٻہ ڇوڪرا آھن.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. BnF catalogue général — اخذ شدہ بتاریخ: 26 مارچ 2017 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — ناشر: Bibliothèque nationale de France
  2. Farman Fatehpuri - Rediff Pages
  3. کراچی: ممتاز محقق، اسکالر و نقاد ڈاکٹرفرمان فتح پوری انتقال کرگئے – Daily Sama Newspaper, وقت 2016-03-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-05-28 
  4. Farman Fatehpuri passes away at 87 - Newspaper - DAWN.COM

سانچو:لسانيات جا پاڪستاني ماھر