اردو ڊڪشنري بورڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اردو ڊڪشنري بورڊ 1958ع ڌاري اردو زبان جي وڏي عالم، محسن ۽ اديب، باباءِ -اردو- مولوي عبدالحق، هڪ اداري طور ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو. هن جي جوڙجڪ ۾ اردوءَ جا ناميارا اديب شامل رهيا آهن، جڏهن ته سنڌي عالمن مان پير سيد حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- ۽ ٻيا پڻ هن اداري سان لاڳاپيل رهيا. هن بورڊ جي سربراهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر فرمان فتحپوري، پروفيسر ڊاڪٽر اسلم فرخي ۽ ڊاڪٽر جميل جالبي وغيره رهيا آهن ۽ هن وقت -ان- جي چيف -ايڊيٽر- -اردو- زبان جي مشهور شاعره فهميده رياض آهي. اردو ڊڪشنري بورڊ هن وقت تائين -اردو- لغت جا ايڪيهه جلد شايع ڪري چڪو آهي ۽ ٻاويهين جلد تي ڪم هلندڙ آهي. 27 -جنوري- 2007ع تي ڪيبينيٽ ڊويزن جي هڪ فيصلي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي -تعليم- واري وزارت کي -اردو- سائنس بورڊ ۽ نئشنل بڪ فائونڊيشن سان گڏي هڪ اداري بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. تازو 2 جون 2009ع تي نئشنل بڪ فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ -اردو- سائنس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل وزارت -تعليم- جي عملدارن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي ۽ -ان- فيصلي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي وزارت -تعليم- هڪ نوٽيفيڪيشن -جاري- ڪيو، جنهن مطابق -اردو- سائنس بورڊ، نئشنل بڪ فائونڊيشن ۽ -اردو ڊڪشنري بورڊ- کي ملائي هڪ ادارو بنايو ويندو، -ان- فيصلي جي -اردو ڊڪشنري بورڊ- جي ملازمن ۽ موجوده چيف -ايڊيٽر- فهميده رياض پاران پهرين -جولاءِ- 2009ع واري ڊان -اخبار- ۾ آيل هڪ خبر موجب مخالفت ڪئي وئي ۽ تصديق ڪرڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته اهڙو ساڳيو خط وفاقي حڪومت واري سيڪريٽري -تعليم- کي به لکيو ويو آهي. حڪومت طرفان اهڙي نوٽيفڪيشن ڪڍڻ جو پس منظر اهو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل هڪ پٽيشن جي جواب ۾ فيصلو ٿيو هو ته ٺهرائن/رزوليوشنن ذريعي قائم ڪيل ادارا -ان- وقت تائين حڪومت جا ذيلي ادارا رهندا، جيستائين انهن جي حيثيت قانون سازيءَ ذريعي خودمختيار نٿي ڪئي وڃي.[1]

حوالا[سنواريو]