مواد ڏانھن هلو

غيبي ديرو قبرستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غيبي ديرو قبرستان انگريزي (Ghaibi Dero Graveyard) سنڌ جي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي قنبر علي خان تعلقي ۾ ڳوٺ غيبي ديرو[1] کان اتر-اولھ ۾ اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪاڇو ۾ هڪ تاريخي قبرستان آهي. تاريخي طور هيءُ قبرستان رانڪن وارا قبا طور گھڻو مشهور آهي. قبرستان تمام وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن قبرستان ۾ چانڊيه سردارن ، چانڊيه جرنيلن ۽ چانڊيه قبيلي جي ماڻهن کان علاوه ٻين قبيلن جا ماڻهو دفن ٿيل آهن. هن قبرستان ۾ مقبرا ڪلھوڙن جي دور جي تعمير جو نادر نمونو آهن. مقبرن جي اندرين توڙي ٻاهرين ديوارن تي بهترين چٽسالي ٿيل آهي جيڪا مغل، ڪلهوڙا، ٽالپور ۽ انگريز دور جي شاندار آرٽ جو يادگار آهي. گلن ٻُوٽن ۽ پنن جي ڊزائنن کانسواءِ پکين، جانورن، ماڻهن، گھوڙيسوارن، جنگين ۽ داستانن جون تصويرون نقش ٿيل آهن. [2]

حوالا

[سنواريو]
  1. آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 24 فيبروري 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 مئي 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 09 فيبروري 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 مئي 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)