مواد ڏانھن هلو

غلام مصطفيٰ شاھ (سياستدان)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيد غلام مصطفيٰ شاھه
پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو 21ھون نائب اسپيڪر
عهدي ۾
1 مارچ 2024ع
اسپيڪراياز صادق
کان اڳزاھد اڪرم دراني
پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو رڪن
عهدي ۾
1 مارچ 2024ع
تڪاین اي-208 (نوابشاهه-2)
عهدي ۾
13 آگسٽ، 2018ع  10 آگسٽ، 2023ع
تڪاین اي-208 (نوابشاهه-2)
عهدي ۾
16 نومبر 2002ع  13 مئي 2018ع
تڪاین اي-214 (نوابشاهه-2)
ذاتي تفصيل
ڄائو (1959-10-27) 27 October 1959 (age 66)
خيرپور، سنڌ، پاڪستان
قوميتپاڪستاني
سياسي پارٽيپاڪستان پيپلز پارٽي

غلام مصطفيٰ شاھه (Syed Ghulam Mustafa Shah)، پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ جو سياستدان آھي، جيڪو هن وقت قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ھي 2024ع جي عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پهرين مارچ، 2024ع کان پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو رڪن آهي. ان کان اڳ 2002ع کان 2018ع تائين ۽ 2018ع کان 2023ع تائين قومي اسيمبليءَ جو رڪن پڻ رھي چڪو آھي.

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

ھي سنڌ جي خيرپور ضلعي ۾ 27 آڪٽوبر 1959ع تي پيدا ٿيو.[1]

سياسي زندگي

[سنواريو]

غلام مصطفيٰ شاھ 1 مارچ 2024 تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو 21 ھون نائب اسپيڪر چونڊيو ويو. 2002ع جي عام چونڊن ۾ ھي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽيڪٽ تي نوابشاھ جي قومي تڪ 214 تان سوڀارو ٿيو.[2] ھن 60267 ووٽ کڻي قومي اتحاد جي اميدوار ممتاز احمد راھو کي شڪست ڏني.[3]

ھي 2008ع جي عام چونڊن ۾ ٻيھر پ پ پ جي ٽڪيٽ تان قومي تڪ 214 نوابشاھ مان ڪامياب ٿيو.[4][5]ھن 2008ع جي چونڊن ۾ 81،194 ووٽ کڻي پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اميدوار خان محمد ڏاھري کي شڪست ڏني.[6] ھن ساڳي تڪ تان 2013ع جي عام چونڊ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار علي اصغر رند کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي،[7][8][9][10] ھن ان چونڊن ۾ 135502 ووٽ کنيا.[11]

ھن این اي-208 (نوابشاهه-2) جي تڪ تان 2018ع جي عام چونڊن ۾ پڻ پ پ پ جي اميدوار طور ڪاميابي حاصل ڪئي.[12]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Detail Information". 23 March 2011. اصل نسخي مان 23 March 2011 تي محفوظ ڪيل. 11 July 2017 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: bot: original URL status unknown (ڳنڍڻو)
  2. "NAWABSHAH: — secures all seats in Nawabshah". DAWN.COM (انگريزي ۾). 12 October 2002. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 10 April 2017 تي محفوظ ڪيل. 9 April 2017 تي حاصل ڪيل.
  3. "2002 election result" (PDF). ECP. اصل نسخو (PDF) مان 26 January 2018 تي محفوظ ڪيل. 12 May 2018 تي حاصل ڪيل.
  4. "brief..." www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 12 September 2017 تي محفوظ ڪيل. 9 April 2017 تي حاصل ڪيل.
  5. "Members-elect submit poll-expense details". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 9 April 2017 تي محفوظ ڪيل. 9 April 2017 تي حاصل ڪيل.
  6. "2008 election result" (PDF). ECP. اصل نسخو (PDF) مان 5 January 2018 تي محفوظ ڪيل. 12 May 2018 تي حاصل ڪيل.
  7. "National Assembly seats from Sindh". DAWN.COM (انگريزي ۾). 14 May 2013. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 7 March 2017 تي محفوظ ڪيل. 6 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  8. "PPPP retains majority in Sindh Assembly". The Nation. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 7 April 2017 تي محفوظ ڪيل. 6 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  9. "PML-N, PTI, JUI-F and AML chiefs win elections". The Nation. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 28 March 2017 تي محفوظ ڪيل. 6 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  10. "PPP old faces to contest Sindh constituencies". The Nation. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 7 March 2017 تي محفوظ ڪيل. 6 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  11. "2013 election result" (PDF). ECP. اصل نسخو (PDF) مان 1 February 2018 تي محفوظ ڪيل. 12 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  12. "Syed Ghulam Mustafa Shah PPP wins NA-214 election". Associated Press Of Pakistan. 27 February 2018. 3 August 2018 تي حاصل ڪيل.