مواد ڏانھن هلو

پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو نائب اسپيڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو نائب اسپيڪر
موجوده عهديدار
غلام مصطفيٰ شاھ

کان وٺي 1 مارچ 2024ع
پاڪستان جي قومي اسيمبلي
رڪنپاڪستان جي قومي اسيمبلي
سيٽاسلام آباد
مقرر ڪندڙقومي اسيمبلي جي چونڊ ذريعي
مدتِ عهديجيسيتائين قومي اسيمبلي پنھنجو مدو پورو ڪري
بنيادي قانوني دستاويزپاڪستان جو آئين، باب 2 آرٽيل 53 جي 3 شق
پهريون عهديدارمولوي تميز الدين

پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو نائب اسپيڪر (انگريزي: Deputy Speaker of the National Assembly of Pakistan)، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي غيرموجودگي ۾ اسيمبلي جي ڪاروائي ھلائيندو آھي. ھي عھدو پاڪستان ٺھڻ کان موجود آھي، جڏھن پھرين آئين ساز اسيمبلي ۾ نائب اسپيڪر قانون ساز اسيمبلي جي نائب صدر طور تقرير ڪئي ھئي، 1973ع جي آئين ذريعي ھن عھدي کي برقرار رکيو ويو.

ذميداريون

[سنواريو]

قومي اسيمبلي جي نائب اسپيڪر جي آفيس پاڪستان جي آئين جي باب 2 حصي III ۽ شق 53 جي اختيار ذريعي ٺاهي وئي آهي. جيڪڏھن قومي اسيمبلي جو اسپيڪر موجود نہ ھجي يا اھو ڪن سبنن جي ڪري پنھنجا فرض سرانجام نہ ڏئي سگهي، تہ نائب اسپيڪر ان موقعي تي اسپيڪر طور ڪم ڪندو آهي، جيڪڏھن اسپيڪر ۽ نائب اسپيڪر موجود نہ ھجن، يا پنھنجا فرض ڪن سبب جي ڪري سرانجام نہ ڏئي سگهن تہ ان وقت اسيمبلي مان ڪنھن رڪن کي عارضي طور ڪاروائي ھلائڻ لاءِ نامزد ڪيو ويندو آھي.[1]


وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "The Constitution of the Islamic Republic of Pakistan" (PDF) (انگريزي ۾). National Assembly of Pakistan. 2012-02-28. 2019-05-07 تي حاصل ڪيل.