غلام مصطفيٰ شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غلام مصطفيٰ شاھ سنڌ جو تعليمدان ھيو، سندس جنم 1918ع ۾ پيدا ٿيو. هن پنھنجي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھ، ڪنگز ڪاليج انگلنڊ ۽ ايسٽر ڪاليج آڪسفورڊ مان حاصل ڪئي.

ھن سنڌ مسلم ڪاليج جي عھدي تي 14 سال پرنسپال جي حيثيت سان ڪم ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر جي حيثيت سان 5 سال ڪم ڪيائين. ھن 1973ع ۾ ’سنڌ ڪوار ٽرلي‘ نالي سان ھڪ انگريزي تحقيقي رسالو پڌرو ڪيو ۽ ان جو ايڊيٽر ۽ پبلشر طور ڪم ڪيائين. سنڌ مدرسي بورڊ جو سموري ڄمار ميمبر ۽ 10 سالن تائين بورڊ جو صدر پڻ رهيو. ھي پاڪستان اسڪائوٽس ائسوسيئيشن جو نئشنل ڪمشنر رهيو.

وڌيڪ ھي جن ادارن ۾ ڪم ڪندو رھيو سي ھيٺئين ريت آھن

  • 12 سالن تائين انٽر يونيورسٽي بورڊ پاڪستان جو ميمبر رهيو.
  • 1988ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ وفاقي وزير تعليم بڻيو.
  • شهيد ذوالفقار ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽئڪنالاجي ڪراچيءَ جو وائيس چيئرمئن ۽ سيڪريٽري بورڊ آف گورنرز رهيو.
  • سنڌ سرونٽس سوسائٽيءَ جو صدر ۽ شاھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جو چيئرمئن رهيو.

ھن انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن ۾ هڪ ڪتاب ’انڊس فيلڊس ائنڊ ڪرپشنس ان پاڪستان‘ نالي اڪيڊمي آف ليٽرس يونيورسٽي آف انگلينڊ لاءِ شريڪ ايڊيٽر طور مرتب ڪيائين.

ھن جي ڪجهه ڪتابن ۾ ’انگريز هندستان ۾‘، ’انگريزن جو ورثو‘، ’هڪ پرنسپال جون يادون‘، ’سنڌ جا مسلمان‘ شامل آهن. ھن پاران ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ ”ٻہ ڪتاب“ آهن، جنهن ۾ هن ۽ سندس گهرواريءَ، عزيزه بيگم، مرحوم محمد اسماعيل عرساڻيءَ جا ٻہ ڪتاب ’سنڌي سٻاجهڙا‘ ۽ ’بدنصيب ٿري‘ گڏي ڇپايا آهن. ھن سنڌ يونيورسٽيءَ جي عمارتن ۽ سنڌالاجيءَ جي بلڊنگ جي اڏاوت ۾ ھم ڪردار نڀايو. ھن سنڌ بابت مختلف ڪانفرنسون پڻ ڪرايون.[1]

حوالا[سنواريو]