ريحام خان
| Reham Khan
ریحام خان | |
|---|---|
| پيدائش | ريحام نير خان [1][2][3] 3 April 1973 اجدابيا ، لبيا |
| تعليم | تعليم ۾ گريجوئيشن |
| مادر علمي | جناح ڪاليج فار وومين |
| پيشو | صحافي |
| سَرگَرمُ سالَ | 2007 ۽ ھاڻ تائين. |
| مذھب | اسلام |
| جيون ساٿي |
|
| ٻار ٻچا | 3 (سڀ پھرين مڙس مان ) |
| ماءُپيءُ | نير رمضان (پيء) |
| رشتيدار | عبدالحڪيم خان (,چاچو) |
| ويب سائيٽ | |
| http://www.rehamkhanofficial.com | |
ريحام خان: ھڪ پاڪستاني صحافي ۽ فلم پروڊيوسر جو نالو[4][5] جيڪا 3 اپريل 1973 ۾ لبيا ۾ پيدا ٿي . سندس والد ڊاڪٽر نير رمضان 1960 جي ڏھاڪي ۾ پاڪستان کان لبيا ھليو ويو هو.
تفصيلي تعارف
[سنواريو]ريحام شروعاتي تعليم لبيا م حاصل ڪئي پوء پشاور آئي جتان جناح ڪاليج فار وومين پشاور مان بي اي ڪيائين. 1993 م اڻوييھن سالن جي عمر ۾ ان جي شادي پنھنجي سؤٽ ڊاڪٽر اعجاز رحمان سان ٿي جنھن بعد لنڊن روانا ٿي ويا جتي کيس ٽي ٻار پيدا ٿيا. ھن شادي کان پوء ميڊيا ۽ براڊڪاسٽ جنرلزم ۾ ڊپلوما ڪئي انھن جي شادي 2005 تائين ھلي سگھي طلاق کانپوءِ ھن صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. 2006 ۾ ليگل ٽي وي تي پروگرام شروع ڪيو، پوء سن شائين ريڊيو تي ڪم ڪيائين.2008 ۾ بي بي سي ۾ ڪم ڪيائين 2007ء ۾ لنڊن ۾ شاہ رخ خان سان چند سيڪنڊن جو اشتھار پڻ ڪيو.پاڪستان م نيوز ون چينل ۾پروگرام شروع ڪيائين.پوءآج ٽي وي ۾ شامل ٿي جتي نعيم الحق جي مدد سان ھن عمران خان جو انٽرويو ڪيو جنھن م ھن عمران خان کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ بعد۾ٻنھي شادي ڪري ڇڏي جيڪا يارھن مھينا ھلي سگھي ۽ سندن طلاق ٿي وئي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Imran Khan Marries Reham Khan Despite Opposition by Family". Pakistan Tribune. 31 December 2015. اصل نسخو مان 31 December 2014 تي محفوظ ڪيل. 1 January 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Imran Khan Marries Reham Khan Despite Opposition by Family". Shafaqna. 31 December 2014. اصل نسخو مان 9 January 2015 تي محفوظ ڪيل. 1 January 2015 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Imran Khan 'secretly married BBC weather girl' despite concerns from family and political party about divorced mother". Mirror. 31 December 2014. 1 January 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Reham Khan: From Hazara to Bani Gala". The Express Tribune. 8 January 2015. 8 January 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Selby, Jenn (16 January 2015). "Reham Khan: Outrage in Pakistan as former BBC presenter who recently married Imran Khan is filmed cooking sausages". The Independent. 19 September 2016 تي حاصل ڪيل.