علوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علوي:(انگريزي: Alavi ) جي معني آهي عليءَ وارا يا عليءَ مان . اھا ھڪ ذات ۽ مذھبي گروھن جو نالو آهي جن جي نسبت حضرت علي ڪرم الله وجهه سان آھي.

ذات[سنواريو]

حضرت عليءَ جو اولاد حضرت محمد صلي الله عليه وآله جن جي نياڻيءَ مان يعني امام حسن ۽ امام حسين جو اولاد سادات يا سيد سڏجي ٿو؛ مگر حضرت عليءَ جو اولاد ٻين زالن مان علوي سڏجي ٿو. سنڌ ۾ اھيشڪارپور جي پاسي آھن ۽ ڪن ٻين ھنڌن تي به[1]

مذھبي گروھ[سنواريو]

تاريخ ۾ اھڙن کوڙ گروھن جو ذڪر ملي ٿو جن کي علوي (انگريزي: Alawi ) سڏيو ويو. تاريخ ۾ حضرت عليءَ جي خلافت لاء شيعہ سياسي حمايت ڪندڙن کي بہ علوي سڏيو ويو[2].ٻہ اھڙا مذھبي گروھ بہ آھن جيڪي قدامت پسند سني عقيدي ھجڻ باوجود حضرتِ علي جا شيدائي آھن ۽ کيس ان جي تاريخي حيثيت سان نہ پر آفاقي ۽ الوھيت واري حيثيت ۾ مڃيندا آھن جنھن ڪري کين عتاب جو شڪار پڻ ڪيو ويندو آهي. انھن گروھن ۾ ھڪ گروھ شام ، لبنان ۽ ڏکڻ ترڪيءَ جا عرب علوي آھن جن کي نصيري پڻ چون ٿا. ٻيو گروھ وري ترڪيءَ جي ترڪ ۽ ڪرد علوين جو آھي جن کي قزلباش پڻ سڏيو ويندو ھو. اھي مختلف رسمون پڻ ادا ڪندا آهن جن ۾ صوفياڻہ ڪلام ڳائجن ٿا ۽ روحاني رقص ڪيا وڄن ٿا. انھن جو تعداد لکن ۾ آھي[2].

شاھي خاندان[سنواريو]

حضرت علي جي بيبي فاطمه رضه مان اولاد مان جيڪي شاھي خاندان طور حاڪم رھيا تن کي بہ علوي سڏيو ويو. انھن مان ھن وقت مراڪش جو علوي شاھي خاندان مثال آهي جيڪو سترھين صدي عيسويءَ کان وٺي مراڪش جو حاڪم خاندان آھي[2].

صوفي سلسلو[سنواريو]

قرآن جي باطني تشريح ڪندڙ صوفين جي سلسلن مان ڪجهه پاڻ کي حضرت ابوبڪر سان ڳنڍين ٿا جيڪي باڪري سڏجن ٿا جن ۾ نقشبندي سلسلو شامل آهي. اھڙي طرح ڪجهه صوفين جا سلسلا پاڻ کي روحانيت ۾ حضرت علي سان ڳنڍين ٿا انھن کي علوي سڏين ٿا انھن ۾ حضرموت يا يمن وارا علوي ۽ الجيريا جا دارقوي سلسلي وارا صوفي شامل آهن[2].

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages # 28 ,