عربي سنڌي رسم الخط

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عربي سنڌي رسم الخط _(Arabic-Sindhi Script):

سنڌي زبان کي ھڪ معياري رسم الخط اھي، جنھن کي ”عربي ــ سنڌي رسم الخط“ چيو وڃي ٿو. سنڌي عربي الف-ب 16 صديءَ کان پنهنجا ارتقائي مرحلا طئه ڪندو رهيو ۽ 17 صديءَ ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (1661-1711ع) جي جوڙيل رسم الخط کان انگريزن جي دور تائين مختلف روپ اختيار ڪيا ۽ آخر ۾ 1853ع ۾ هڪ مڪمل ۽ جديد شڪل ۾ رائج ٿي ويو. عربي رسم الخط سنڌ ۾ صدين کان هلندڙ آهي. اھو رسم الخط پوري اسلامي دنيا جي ٻولين جي رسم الخطن کان تاريخي طور قديم اھي. سنڌي رسم الخط خالص عربي رسم الخط تان ورتو ويو اھي. ان جي ڀيٽ ۾ فارسي، اردو، پشتو ۽ بلوچي رسم الخط ۾ وڏو فرق اھي. فارسيءَ جو رسم الخط ”نستعليق“ اھي ۽ اھڙي طرح اڙدوءَ جو رسم الخط وري فارسيءَ جي رسم الخط تان ورتل اھي. گويا پوري اسلامي دنيا ۾ عربي رسم الخط وانگر ڪامل علمي رسم الخط فقط سنڌي زبان جو اھي. عربي تعليمي سرشتي جي ڪري عربي زبان جا يارھن (11) اکر (ث، ح، خ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق) سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا. سنڌي سُر آوازن لاءِ حروف علت جون ۽ اعرابن جون نشانيون متعارف ٿيون. اڳتي ھلي سنڌي ٻولي مستقل بنيادن تي عربي رسم الخط جي طرز تي لکجڻ لڳي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي