عبدالسميع سالڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عبدالسميع سالڪ دائود پوٽو
مقامي ٻوليء ۾ نالو عبدالسميع سالڪ
پيدائش 27 مارچ 1940ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو شاعر
قوميت پاڪستاني

عبدالسميع سالڪ دائود پوٽو [1]ولد امام بخش دائود پوٽو جو جنم 27 مارچ 1940ع تي ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. عبدالسميع دائودپوٽو، شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود جو سڳو ڀائٽيو آهي. سندس شاعري ۾ استاد منصور دائود پوٽو هو.پاڻ ايس. آر. ٽي. سي ۾ نوڪري ڪيائين

لکيل ڪجهہ شاعري[سنواريو]

هن دل ناشاد کي ڪا دلبري ڏيندا وڃو، برهه جي بيمار کي ڪا دلبري ڏيندا وڃو. قرب جي قيديءَ مٿان ڪا ڦر ڪرڻ ناهي روا، پرت جي پارت اٿوَ جيڪا سري ڏيندا وڃو. دل اوهان جي ديد ۽ ديدار لئه دم دم سڪي، وصل جا ڪا هڪ گهڙي واري وري ڏيندا وڃو. حجر جانان کان اڳي غم ها جهان جا ڪيترا، غمزده انسان کي ناغم وري ڏيندا وڃو. آهه اوکو عشق جي اوڙاهه ۾ ڪا هي پوڻ، چاهه ۾ چريو ڪري، چاهت چري ڏيندا وڃو. مئه گري جي راهه ورتم دل بهلجڻ لاءِ اڄ، ساقيا، بحرِ خدا ڳاڙهي پري ڏيندا وڃو. غم گم ٿي اڄ وڃن سڀ، جام تي تون بس جام ڏي تون، هڪ صحرائي ڇا ڪندي ڀاڪر ڀري ڏيندا وڃو. هوش مند ڪو ئي نه آ مدهوش پڻ “سالڪ” ٿيو، ميڪدو جهومي پوي سا مئ زري ڏيندا وڃو

حوالا[سنواريو]

  1. "شيخ حسن علي “حيدري” (ولادت 1938ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-02.