مواد ڏانھن هلو

عاجز ميرواھي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عاجز ميرواھي
Aajiz Mirwahi

عاجز ميرواھي
ڄم آيت الله
01 جنوري 1980 (عمر 46 سال)
ٺري ميرواهه، خيرپور ضلعو، سنڌ
قلمي نالو عاجز ميرواھي
ڌنڌو پروفيسر
ٻولي سنڌي
شهريت پاڪستاني
تعليم ایم اي سنڌي ادب
مادرِ علمي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
صنف غزل، وائي، نظم، گيت
موضوع شاعري
مُکيه ڪم ھوا جو ڏينهن
ٻول انمول
سور سانڀر سندا
ايوارڊ احمد ٽالپر ايوارڊ - سنڌي ادبي سنگت، سنڌ


"عاجز ميرواھي"، ھڪ سنڌي شاعر، اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان آھي. سندس پورو نالو آيت الله لغاري آھي. سندس جنم جنوري 1، 1980 ڳوٺ شاھ محمد لغاري، لڳ ٺري ميرواهه ، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو .


ادبي پورھيو

[سنواريو]

عاجز ميرواھي جي ادبي پورهيي ۾ شعري مجموعو جي ڇپيل ڪل ڪتابن جو تعداد 7 آھي. جن ۾ سور سانڀر سندا، ڪٺورتا جو احساس، ھوا جو ڏينھن[1][2]، درد جون شڪليون[2] [3] ٻول انمول، پنھنجا گيت پيارا، سڀ رنگ سھڻا سھڻا شامل آهن. سندس نثر ۾ ٻه ڪتاب اڻ ڇپيل آھن.

ادبي وابستگي

[سنواريو]

عاجز ميرواھي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺري ميرواهه جو اڳوڻو سيڪريٽري آھي. نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري کانس ادبي رهنمائي وٺندو رهيو آهي.


حوالا

[سنواريو]
  1. "ھوا جو ڏينھن - عاجز ميرواھي | سنڌسلامت ڪتاب گهر", SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 29 ڊسمبر 2022۔
  2. 1 2 "عاجز ميرواھي جا ڪِتاب", SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 29 ڊسمبر 2022۔
  3. "درد جون شڪليون - عاجز ميرواھي | سنڌسلامت ڪتاب گهر", SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 29 ڊسمبر 2022۔