شيما ڪرماني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شيما ڪرماڻي

سنڌ ۾ صوفي گڏجاڻي (ڪانفرنس) ۾ شيما ڪرماني پرفارمنگ ڏئي رھي آھي
رھائش پاڪستان
شھرت جو ڪارڻ ڪارڪن, ٿيٽر ڊائريڪٽر, ۽ ڊانسر

شيما ڪرماني، يا ڪرماني (انگريزي ٻولي: Sheema Kermani) (جنم سال 1951) ھڪ پاڪستاني سماجي ڪارڪن، تحريڪ نسوان سَڀا جي باني ۽ ڀراتناتيم ڊانس جي ماھر آھي.[1][2] ڪرماني پاڪستان جي شھر راولپنڊي ۾ ھڪ وچولو-درجو (مڊل-ڪلاس) پڙھيل لکيل ڪُٽنب ۾ جنم ورتو ھيو. ھيءَ ڪراچي ۾ جيزس ائنڊ ميئري جي ڪانوينٽ اسڪول ڏانھن وئي ھئي. تنھنکانپوءِ ھيءَ لنڊن ڏانھن آرٽس ۾ ڊگري ماڻڻ لاءِ وئي ھئي ۽ پوءِ پاڪستان موٽي آئي.

ھن ڀائنيو تہ پاڪستاني سماج ۾ عورتون معاشري ۾ برابري نٿيون ماڻي سگھن تنھنڪري ھن ھڪ جاکوڙي تحريڪ ”تحريڪ نسوان“ (نارين جي تحريڪ) شروع ڪئي ۽ انھن جي حَقن، صيحت تندرستي مسئلا، تعليم ۽ برابري لاءِ آواز اُٿاريو.

ڪرماني جو پيءُ پاڪستان آرمي کان ريٽائرڊ برگيڊيئر ۽ ڪي اليڪٽرڪ (ان مھل ڪي اي ايس سي يعني ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن) جو چيئرمين ھيو.[3] سندس تعليم ڪنوينٽ اسڪولن ۾ ٿي جتي سندس پيءُ کي مقرر (پوسٽ) ڪيو ويندو ھيو. شيما 1960 جي ڏھاڪو جي وچ واري زماني ۾ ڀرتناتيئم (ڊانس جو ھِڪ نمونو) سِکڻ شروع ڪئي.ڪرماني ھندستان جي دوري مھل الوڪا پانيڪر جي تربيت ھيٺ اوڊيسي ۽ ليئلا سيمسن جي استادي ۾ ڀرتناتيم سکيائين. سندس پھرئين اڪيلي ڪارڪردگي (سولو پرفارمنس) 1984 ۾ پاڪستان ۾ ٿي ھئي. ھيءَ ڪراچي ۾ ٿيٽر ڊائريڪٽر پراسانا راماسوامي جي رھنمائيءَ ۾ ٿيٽر ورڪشاپ پڻ ڪندي آھي ۽ ڪراچي ۾ تحريڪ ِِ نسوان جي سربراھي ڪندي آھي.[4] ھندستان ڏانھن پنھنجي سيرسپاٽي دوران ھن ليلا سيمسن جي اُستادي ۾ اوڊيسي ۽ الوڪا پينيڪر جي اُستادي ھيٺ ڀرتناتيئم ڊانس سکيون.[5][6]

2017۾ سيوھڻ تي ڌمال[سنواريو]

2017 ۾ سيھوڻ شريف ۾ قلندر شھباز جي درٻار تي مذھبي شدتپسندن پاران بربريت جھڙو خودڪش حملو ٿيڻ کانپوءِ شيما ڪرمانيءَ ڌمال (صوفي جھمر جو نمونو) ھنئي (پيش ڪئي) ھئي. ھن مست الستي ۾ پرفارمنس ڏئي ميڊيا کي ٻُڌايو تہ ڪير بہ راڳ ۽ ناچ کي روڪي نٿو سگھي.[7] ھن فيض امن ميلو، لاھور ۾ ناچ پرفارم ڪيو جتي ھن عاصمہ جھانگير کي ڀيٽا (ٽرائبيوٽ) پيش ڪئي. ھن چيو تہ اسان ھڪٻئي سان پريم (پيار) جو سنھيو (پيغام) ونڊڻ سان شانتي (امن)، سھپ (ھارمني)، ۽ برابري آڻي سگھئون ٿا.

حوالا[سنواريو]

  1. "What went down at Aurat March 2019 in Karachi". Something Haute. حاصل ڪيل 2019-04-09. 
  2. "Arts Council hosts 4th Women’s Peace Table Conference". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2019-04-09. 
  3. Magsi, Mariam. "I think Muslim men see my dancing as a challenge to them, says Sheema Kermani". Images. حاصل ڪيل 2019-04-09. 
  4. Qamar, Saadia (3 July 2011). "Tehrik-e-Niswan: Passage to India". The Express Tribune. https://tribune.com.pk/story/201704/tehrik-e-niswan-passage-to-india/. Retrieved 9 April 2019. 
  5. "Sheema Kermani". Wiki Peace Women. 
  6. "Sheema Kermani". The Hindu. 
  7. Ali, Z (21 February 2017). "Nobody Can Stop Music & Dance: Sheema Kermani". The Express Tribune). https://tribune.com.pk/story/1334059/nobody-can-stop-dance-music-says-sheema-kermani-dhamaal-sehwan-sharif/.