مواد ڏانھن هلو

شيما ڪرماني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شيما ڪرماڻي
سنڌ ۾ صوفي گڏجاڻي (ڪانفرنس) ۾ شيما ڪرماني پرفارمنگ ڏئي رھي آھي
رھائشپاڪستان
شھرت جو ڪارڻڪارڪن, ٿيٽر ڊائريڪٽر, ۽ ڊانسر

شيما ڪرماني، يا ڪرماني (انگريزي ٻولي: Sheema Kermani) (جنم سال 1951) ھڪ پاڪستاني سماجي ڪارڪن، تحريڪ نسوان سَڀا جي باني ۽ ڀراتناتيم ڊانس جي ماھر آھي.[1][2] ڪرماني پاڪستان جي شھر راولپنڊي ۾ ھڪ وچولو-درجو (مڊل-ڪلاس) پڙھيل لکيل ڪُٽنب ۾ جنم ورتو ھيو. ھيءَ ڪراچي ۾ جيزس ائنڊ ميئري جي ڪانوينٽ اسڪول ڏانھن وئي ھئي. تنھنکانپوءِ ھيءَ لنڊن ڏانھن آرٽس ۾ ڊگري ماڻڻ لاءِ وئي ھئي ۽ پوءِ پاڪستان موٽي آئي.

ھن ڀائنيو تہ پاڪستاني سماج ۾ عورتون معاشري ۾ برابري نٿيون ماڻي سگھن تنھنڪري ھن ھڪ جاکوڙي تحريڪ ”تحريڪ نسوان“ (نارين جي تحريڪ) شروع ڪئي ۽ انھن جي حَقن، صيحت تندرستي مسئلا، تعليم ۽ برابري لاءِ آواز اُٿاريو.

ڪرماني جو پيءُ پاڪستان آرمي کان ريٽائرڊ برگيڊيئر ۽ ڪي اليڪٽرڪ (ان مھل ڪي اي ايس سي يعني ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن) جو چيئرمين ھيو.[3] سندس تعليم ڪنوينٽ اسڪولن ۾ ٿي جتي سندس پيءُ کي مقرر (پوسٽ) ڪيو ويندو ھيو. شيما 1960 جي ڏھاڪو جي وچ واري زماني ۾ ڀرتناتيئم (ڊانس جو ھِڪ نمونو) سِکڻ شروع ڪئي.ڪرماني ھندستان جي دوري مھل الوڪا پانيڪر جي تربيت ھيٺ اوڊيسي ۽ ليئلا سيمسن جي استادي ۾ ڀرتناتيم سکيائين. سندس پھرئين اڪيلي ڪارڪردگي (سولو پرفارمنس) 1984 ۾ پاڪستان ۾ ٿي ھئي. ھيءَ ڪراچي ۾ ٿيٽر ڊائريڪٽر پراسانا راماسوامي جي رھنمائيءَ ۾ ٿيٽر ورڪشاپ پڻ ڪندي آھي ۽ ڪراچي ۾ تحريڪ ِِ نسوان جي سربراھي ڪندي آھي.[4] ھندستان ڏانھن پنھنجي سيرسپاٽي دوران ھن ليلا سيمسن جي اُستادي ۾ اوڊيسي ۽ الوڪا پينيڪر جي اُستادي ھيٺ ڀرتناتيئم ڊانس سکيون.[5][6]

2017۾ سيوھڻ تي ڌمال

[سنواريو]

2017 ۾ سيھوڻ شريف ۾ قلندر شھباز جي درٻار تي مذھبي شدتپسندن پاران بربريت جھڙو خودڪش حملو ٿيڻ کانپوءِ شيما ڪرمانيءَ ڌمال (صوفي جھمر جو نمونو) ھنئي (پيش ڪئي) ھئي. ھن مست الستي ۾ پرفارمنس ڏئي ميڊيا کي ٻُڌايو تہ ڪير بہ راڳ ۽ ناچ کي روڪي نٿو سگھي.[7] ھن فيض امن ميلو، لاھور ۾ ناچ پرفارم ڪيو جتي ھن عاصمہ جھانگير کي ڀيٽا (ٽرائبيوٽ) پيش ڪئي. ھن چيو تہ اسان ھڪٻئي سان پريم (پيار) جو سنھيو (پيغام) ونڊڻ سان شانتي (امن)، سھپ (ھارمني)، ۽ برابري آڻي سگھئون ٿا.

حوالا

[سنواريو]
  1. "What went down at Aurat March 2019 in Karachi". Something Haute (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-03-09. 2019-04-09 تي حاصل ڪيل.
  2. "Arts Council hosts 4th Women's Peace Table Conference". The Express Tribune (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-10-29. 2019-04-09 تي حاصل ڪيل.
  3. Magsi, Mariam (2016-01-12). "I think Muslim men see my dancing as a challenge to them, says Sheema Kermani". Images (انگريزي ۾). 2019-04-09 تي حاصل ڪيل.
  4. Qamar, Saadia (3 July 2011). "Tehrik-e-Niswan: Passage to India". The Express Tribune. 9 April 2019 تي حاصل ڪيل.
  5. "Sheema Kermani". Wiki Peace Women.
  6. "Sheema Kermani". The Hindu.
  7. Ali, Z (21 February 2017). "Nobody Can Stop Music & Dance: Sheema Kermani". The Express Tribune). 9 April 2019 تي حاصل ڪيل.