ڌمال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڌمال __(Qalandri Dance):

”ڌمال“ جي لغوي معنيٰ آهي؛ ٽپ (ڪڏ) ڌم چوڪڙي ، هل (هنگامو) يا شور (غلغلو) .اصطلاحي محاوري ۾ دهل (نغاري) جي ڌن تي هڪ قسم جو راڳ آهي، جيڪو فقير باهه جي مچ آڏو بيهي ، پاڻ کي بيخوديءَ ۾ آڻي، مٿس نچندا ڪڏندا آهن. صوفين وٽ ڌمال جو رواج صدين کان هلندو پيو اچي. هو انهيءَ ناچ کي ذڪر جو طريقو ۽ عقيدت جو اظهار سمجهن ٿا. گهڻو ڪري الله لوڪ درويشن، بزرگن ۽ صوفي فقيرن جي درگاهن تي ڌمال لڳندي آهي. لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي پڻ ڌمال جو شغل صبح ۽ شام ٿيندو اچي ٿو.[1] ڌمال: ڌمال سنڌ ۾ اولياء الله جي ميڙن تي ڌمال ضرور وڄي. اهڙي ميڙا ٽي ڏينهن هلن ۽ ٽئي ڏينهن نوبت وڄڻ سان فقير اچي گڏ ٿين ۽ ڌمال تي وجداني ڪيفيت ۾ ناچ ڪن. ڪي فقير پاڻ ڇيريون، نقيلون ۽ گهڙيال به آڻين ۽ وقت سر انهن کي به وڄائين يا علي ۽ قلندر مست جا نعرا به لڳائين. جيڪو فقير ايندو سو پهرين نوبت جو سلام ڀريندو ۽ پوءِ نغارن ۽ دهلن جي اڳيان بيهي تار تي نچندو. هن ناچ ۾ ادائن جي ڪا خاص بندش ناهي.
ڌمال جنهن کي لئي ڪاريءَ ۾ ڌمار چون، اٺن ماترائن جو تال ٿئي. اهي ماترائون هي آهن. جها- ني- گِهنا- جهين تا- ڪتا- گهين مڱڻهار فقير شاديءَ مراديءَ دس ۾ پهرين ۽ آخر ۾ ڌمال ضرور وڄائين سنڌ ۾ ته ڌمال قلندر جي نوبت کي چون.
اولنگ: مڱڻهار فقير پنيءَ مراد دس ۾ ڌمال کان پوءِ اولنگ وڄائين. اولنگ ستن ماترائن جو تال ٿئي،جيڪي هي آهن:
گهنا- تيندا- ڪتيندا- جها
هن تال جو ذڪر لئي ڪاريءَ جي ڪتابن ۾ نٿو ملي، هي تال ناچ لئي ۾ ناهي، پر خاص سنڌ جي پيداوار آهي.
شادمانو: دس ۾ اولنگ کان پوءِ شادمانو وڄائين. هي تال چوڏهن ماترائين جو ٿئي جيڪي هي آهن:
جهين داتا- جهين جهان- گهنا- تين داتا- جهين جهان- گهنا
هي تال به خالص سنڌي تال آهي ۽ ناچ لئي ۾ ناهي. هن تال کي دهلن جي دس ۾ به وڄائين. ۽ نغارن تي به وڄائين.
چيڻيون: شادماني کان پوءِ دس ۾ چيڻيون وڄائين. چيڻون اٺن ماترائن جو تال آهي جيڪي هي آهن:
تين ته گيدي، تين ته گيدي، ٿان ته گيدڪ چيڻون هڪ ناچ ڌن آهي، جيڪا سنڌ کان ملتان تائين مشهور آهي. خود بلي شاه انهيءَ ڌن تي ٻول به ٻڌا آهن:
چيڻان ابن چڙهيسان يار!
هن مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته هيءُ ڌن يا اهي ٻول چيڻي ڇڙهڻ مهل ڳايا ويندا آهن.
سنڌ ۾ نچڻ وارا، پيرن ۾ ڇير ٻڌي، هٿن ۾ ڇير دار ڏونڪا کڻي نچيندا آهن، اڪيلا به نچن پر گهڻو ڪري ٻه-چار گڏ ٿي نچن ته وڌيڪ مزو اچي.
سنڌ ۾ مڱڻهار چيڻي کي ڄمائي بلمپت لئي ۾ آهستي وڄائين شاديءَ ۾ جي ڪنواريتي گهر ۾ پِڙو کڻي ويندا آهن ته دهلاري چيڻون وڄائيندا آهن، پوءِ انهيءَ تي ناچ به ٿئي ۽ زالون گهڻو ڪري هي لاڏو به چون.
آ لٿي ئي، آلٿي دروازي، لاڏي دي ڄڃ آ لٿي ئي! آ لٿي ئي دروازي
هيٺ ابل دي هرڻان مهري، گاشيءَ جوڙ بنايا....


ائين ڳائي پڙو ڪنواريتي گهر رسائين..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page17.html.  Missing or empty |title= (مدد)}