عاصمه جھانگير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عاصمه جھانگير
(اردو ۾: عاصمہ جہانگیر‎ خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (انگريزي ۾: Asma Jilani خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 27 جنوري 1952[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
لاهور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 11 فيبروري 2018 (66 سال)[2][1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لاهور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
رهائش اسلام آباد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ٻارن جو تعداد
عملي زندگي
مادر علمي University of the Punjab  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
نوڪريون گڏيل قومون  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
ويب سائٽ
IMDB تي صفحات  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

عاصمه جهانگير جيلاني، نامور قانوندان ۽ انساني حقن جي اڳواڻ، 27 جنوري 1952ع تي لاهور ۾ پيدا ٿي.[5] ھن جي 11 فيبروري 2018 وفات ٿي.

تعليم[سنواريو]

هن گريجوئيشن لاهـور جـي ڪـائناد ڪاليج (Kinnaid College) مــان ڪـئـي. قـانون جي ڊگري پنجاب يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. عاصمه جهانگير کي سئزرلينڊ جــي سـيـنيـٽ گـئـلــن (Saint Gallan) يونيورسٽيءَ مان اعزازي ڊگري به ملي آهي.[5]

خانداني پس منظر[سنواريو]

عاصمه جهانگير پنجاب جي هڪ خوشحال خاندان جي چشم و چراغ ھئي. هن جو پيءُ ملڪ جيلاني پاڪستاني فوج ۾ عملدار رهيو ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ سياست ۾ داخل ٿيو. آمريت خلاف تقريرون ڪرڻ تي کيس ڪيترو عرصو جيل ۾ به رکيو ويو. عاصمه جهانگير ننڍي عمر ۾ ئي فوجي حڪومت خلاف احتجاج ڪيو، 2004ع ۾ هوءَ اقوام متحده جي خاص رپورٽر رهي، شروع ۾ هن اقوام متحده جي هڪ خاص رپورٽر جي حيثيت سان Extra Judicial Arbitary & Summary Executions تي ڪم ڪيو.[5]

جدوجهدون[سنواريو]

هوءَ 1998ع کان International Commission of Jurists (بين الاقوامي فقيهه ڪميشن) جي ميمبر رهي. هن پنهنجي ڪيريئر جو گهڻو عرصو عورتن جي حقن، مذهبي اقليتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ڪندي گذاريو. عورتن جو تحفظ ڪرڻ، گاريال ۽ وحشي مردن کان زالن کي طلاق ڏيارڻ، مذهب جي گستاخيءَ جي الزامن هيٺ بيگناهه گرفتار يا ڦاٿل ماڻهن کي انصاف وٺي ڏيڻ ۽ ٻارن کي جبري پورهئي تي مجبور ڪرڻ جهڙين سماجي براين کي روڪڻ لاءِ سرگرم رهي. سياسي پارٽين جي مسلسل تنقيد کيس فولادي شخصيت بنائي ڇڏيو. هوءَ پاڪستان جي انساني حقن واري جماعت جي سربراهه رهي چڪي ۽ ان جي سيڪريٽري جنرل ۽ چيئرپرسن به رهي چڪي. هن (WAF-Women Action Forum) جي پليٽ فارم تان عورتن جي حقن لاءِ ساڻن ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿاريو. محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي حڪومت ۾ عاصمه جهانگير کي هاءِ ڪورٽ جي عورت جج جي سيٽ لاءِ آڇ ڪئي، جيڪا هن قبول نه ڪئي. سندس عورتن کي بهتر مقام ڏيارڻ لاءِ ڪيل ڪوششون قابل تعريف آهن. 29 آڪٽوبر 2010ع ۾ عاصمه جهانگير سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي صدر چونڊجي وئي.[5]

نظربندي[سنواريو]

پرويز مشرف جي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ڪري جيڪي سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن نظربند ڪيا ويا، عاصمه جهانگير کي به انهن سان گڏ اقوام متحده جي ملازم هوندي به نظربند ڪيو ويو هو.[5]

ايوارڊ[سنواريو]

1995ع ڌاري عاصمه جهانگير کي انساني حقن وارين تنظيمن طرفان ’Maritin Ennal Award‘ ۽ ’Ramon Magsay Saya award ‘ به مليا. انٽرنيشنل بار ايسوسيئيشن طرفان کيس 2000ع ۾ ’Bernard Simons Memorial Award‘ سان نوازيو ويو. تازو 10 ڊسمبر 2010ع (انساني حقن جي عالمي ڏينهن) تي اقوام متحده طرفان کيس دنيا ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙڻ واري جذبي کي هَٿِي ڏيڻ عيوض هڪ ڪيش اوارڊ، ڊپلوما ۽ برونز ٽرافي ڏني وئي. جڏهن ته جنوري 2011ع ۾ هن صدر آصف زرداريءَ هٿان ’هلال امتياز‘ اوارڊ به حاصل ڪيو.[5] 26 آڪٽوبر 2018ع تي کيس گڏيل قومن جي انساني حقن واري ايوارڊ سان نوازيو ويو.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000030132 — subject named as: Asma Jahangir — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  2. Mort d’Asma Jahangir, militante pakistanaise des droits de l’homme — شائع شدہ از: Le Monde — شائع شدہ از: 11 فيبروري 2018
  3. https://www.thenews.com.pk/latest/292765-asma-jahangir-junaid-jamshed-afridi-misbah-among-141-conferred-with-civil-awards
  4. https://www.rightlivelihoodaward.org/laureates/asma-jahangir/
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011
  6. "Asma Jahangir wins 2018 UN Human Rights Prize". DAWN.COM. 26 October 2018. https://www.dawn.com/news/1441473.