قلندر شهباز جي مزار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


سڀ کان پھريون، سلطان فيروز تغلق جي دؤر ۾، ملڪ اختيار الدين والي سيوستان، روضو مبارڪ، 7 رجب 757ھه جو ٺھرايو _ ھڪ ڪتبي مان اھو معلوم ٿئي ٿو. ٻئي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته روضي مٿان گنبذ، ملڪ جلال الدين، 7 صفر 757ھ جو جوڙايو. ديندار خان (سيد ڀورو عرف ديندار خان _ وفات 1045ھه) جي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته مرزا جاني بيگ به انھيءَ گنبذ جي مرمت ڪرائي، ۽ فيروزي دؤر جا اھي ڪتبا ھن لھرائي ھيٺ رکي ڇڏيا. شاھجھان جي زماني ۾، جڏھن ديندار خان مرمت ڪرائي، ان وقت ھن وري انھن ڪتبن کي ديوار ۾ ھڻائي ڇڏيو. ديندار خان، 1040ھه ۽ 1041ھه ۾، روضي ۾ ڪجھه ترميمون ڪيون؛ سڄي خانقاھه جي مرمت ڪرائي ۽ ايوان ۾ فرش ٻڌارايو؛ ٻه مسجديون به 1043ھه ۾ خانقاھه اندر تعمير ڪرايون. انھيءَ ساڳئيءَ ديندارخان، ڇٽي امراڻيءَ جو مقبرو به 1044ھه ۾ ٺھرايو. مرزا جانيءَ جي پٽ مرزا غازيءَ (1008_ 1021ھه)، والد جي اڌ رھيل مرمت کي تڪميل تي پھچايو. ميان غلام شاھه 1173ھه ۾ درگاھه کي ھڪ نشان پيش ڪيو، خانقاھه ۽ روضي جي نئين سر مرمت ڪرائي، ۽ ھن وقت جيڪا ڏيوڍي آھي؛ سا انھيءَ وقت ميان غلام شاھه ٺھرائي.ٽالپري عھد ۾، مير ڪرم علي خان درگاھه جي مرمت ڪرائي، ۽ درگاھه ۾ چانديءَ جو دروازو ھڻايو[1]سيوهڻ ۾ عارف ڪامل لعل شهباز قلندر جو مقبرو پهريائين سلطان فيروز شاه تغلق، پوءِ مرزا جاني بيگ تعمير ڪرايو هو. پوءِ شاهجهان صاحبقران ثانيءَ جي ڏينهن ۾ نواب سيد ديندار خان بخاريءَ مقبري جي صحن کي فرش هڻائي اتي ٻه مسجدون تعمير ڪرايون. ساڳئي نواب سنه 1042ھ ۾ شيخ ڇٽي امراني درويش جي مقبري تي گنبذ تعمير ڪرايو ۽ صحن ۽ ديوارن تي ڪاشيءَ جون سرون هڻايون. ساريءَ سنڌ اندر آثار قديمه جي نظرن ۾ ٺٽي کي جيڪا اهميت آهي، سا ٻئي ڪنهن به شهر کي حاصل ڪانه آهي. هتي جي جامع مسجد شاهجهانيءَ جو نمونو مغليه آهي. بنياد مضبوط پٿر جو رکيل اٿس، ان کان پوءِ مضبوط ۽ پڪين سرن سان عمارت آهي. مسجد جي ڍڪيل حصي ۾ هشت پهلو عمارت تي هڪ وڏو گنبذ اڏيل آهي، جنهن تي رنگين ڪاشيءَ جو خوشنما ڪم ڪيل آهي. ڇت ۾ ڪل 92 گنبذ ننڍا وڏا اٿس، جن ۾ ٽي اندريان گنبذ بلڪل اهم آهن. ’لب تاريخ‘ واري جو چوڻ آهي ته هن مسجد جو ڪم مير ابوالبقا امير خان ولد نواب ابوالقاسم بکريءَ شاهجهان جي حڪم سان سنه 1054ھ ۾ شروع ڪرايو ۽ ان کان پوءِ مسجد جي تڪميل سنه 1068ھ ۾ ٿي. آثار قديمه (اولهندي هندستان کاتي) جي رپورٽ ۾ ڏيکاريل آهي ته مسجد جو ڪم سنه 1052ھ ۾ ختم ٿيو. مٿس 9 لک رپيا خرچ ٿيو. ڪتبي تي سنه 1104ھ لکيل آهي، يعني عالمگيري دور ۾ به انهي مسجد جي تعمير ٿي آهي[2].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  2. جنت السنڌ ، از رحيمداد خان مولائي شيدائييڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي