مواد ڏانھن هلو

شيلا ڀاٽيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شيئلا ڀاٽيا
پيدائشمارچ 1، 1916
سيالڪوٽ، برطانوي هندستان
وفاتفيبروري 17، 2008
انڊيا
پيشوشاعرا، ڊرامو ليکڪ، ٿيٽر جي شخصيت
شھرت جو ڪارڻپنجابي اوپيرا
اعزازپدما شري
سنگيت ناٽڪ اڪادمي ايوارڊ
پنجابي اڪيڊمي ساهت سرڪار سنمان
دهلي ايڊمنسٽريشن ايوارڊ
مرزا غالب ايوارڊ
پنجابي آرٽس ڪائونسل سنمان (ايواڊ)
ڊي اي بهترين ڊائريڪٽر ايوارڊ
اردو اڪيڊمي ايوارڊ
ڪاليداس سمان
پرام ساهت سرڪار سنمان

شيلا ڀاٽيا (انگريزي ٻولي: Sheila Bhatia) هڪ هندستاني شاعرا ، ڊراما نگار،[1] ٿيٽر جي شخصيت[2] [3] ۽ دهلي آرٽ ٿيٽر جي باني هئي، جيڪو دهلي ۾ هندستاني فن جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ فورم آهي.[4] پنجابي اوپيرا، هندستاني انداز۾ آپريٽڪ تحريڪن کي شامل ڪندڙ ناچ ڊرامو جي هڪ شڪل آهي، جنهن جي شروعات شيلا ڀاٽيا ڪئي هئي. هن کي هندستان جي حڪومت 1971 ۾ چوٿون وڏو هندستاني سويلين ايوارڊ پدم شري سان نوازيو هيو،[5] هڪ ڏهاڪو کانپوءِ، هن کي 1982 ۾ ٿيٽر هدايتڪاري لاءِ سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ[6] جنهن کانپوءِ 1997 ۾ کيس ڪاليداس سمن ايوارڊ مليو.

سوانح عمري

[سنواريو]

شيلا ڀاٽيا اڄڪلهہ واري پاڪستان ۾1 مارچ 1916 [7] تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿي هئي.[8] بي اي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ، هن (بي ٽي) گريجويشن ڪئي ۽ لاهور ۾ رياضي جي ماسترياڻي جي حيثيت سان ملازمت ڪرڻ شروع ڪيائين، تنهنکانپوءِ هندستان جي آزادي واري جدوجهد ۾ شامل ٿي وئي. ان دوران هيءَ دهلي ڏانهن هلي وئي، جتي هن دهلي آرٽ ٿيٽر جو پايو وِڌو. کاتو جي اڳواڻ جي حيثيت سان نيشنل اسڪول آف ڊراما ۾ پڻ عيوضي طور ڪم ڪيائين.[8] ڀاٽيا جي پهرئين پروڊڪشن ڪال آف دي ويلي هئي،[7][4] جيڪو هڪ راڳ رنگ جو پروگرام هيو. جنهنکانپوءِ 60 کان وڌيڪ پروڊڪشنز[1]، جهڙوڪ هيئر رانجها (1957)، درد آئي گي دبي پائون (1979)، سلگڙا دريا (1982)، عمر خيام (1990)، نصيب (1997)، چن بادلا ڊا، لوهہ ڪٽ وغيرہ ڪيائين.[9]

ايوارڊ

[سنواريو]

ڀارت جي سرڪار هن کي 1971 ۾ پدم شري سولين ايوارڊ سان نوازيو هيو.[5] 1982 ۾ بهترين هدايت ڪاري تي سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ پڻ ماڻيائين.[6] مٿئين سال، هن کي غالب ايوارڊ (1983) ڏنو ويو، تنهنکانپوءِ پنجابي آرٽس ڪائونسل جو ايوارڊ ماڻيائين. کيس 1986 ۾ دهلي انتظاميا ۽ 1997 ۾ ڪاليداس سمن پاران بهترين هدايتڪار جو ايوارڊ مليس. هيءَ پنجابي اڪيڊمي (2000) جي ذريعي اردو اڪيڊمي ايوارڊ[9] جي پڻ مالڪياڻي بڻي هئي.

شيلا ڀاٽيا 17 فيبروري 2008 تي 91 سال جي ڄمار ۾ پرلوڪ پَڌاري وئي.[7]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Ananda Lal (ed.) (2004). The Oxford Companion to Indian Theatre. Oxford University Press. ISBN 9780195644463. {{cite book}}: |author= has generic name (مدد)
  2. "Aesthetics of Indian Feminist Theatre". Rup Katha. 2015. 30 May 2015 تي حاصل ڪيل.
  3. Susie J. Tharu, Ke Lalita (1993). Women Writing in India: The twentieth century. Feminist Press. ص. 688. ISBN 9781558610293.
  4. 1 2 "Rich tributes paid to Sheila Bhatia". The Hindu. 23 February 2008. 30 May 2015 تي حاصل ڪيل.
  5. 1 2 "Padma Shri" (PDF). Padma Shri. 2015. 11 November 2014 تي حاصل ڪيل.
  6. 1 2 "Sangeet Natak Akademi Award". Sangeet Natak Akademi. 2015. اصل نسخو مان 30 May 2015 تي محفوظ ڪيل. 30 May 2015 تي حاصل ڪيل.
  7. 1 2 3 "Shiela Bhatia – A legend of Indian Operas passes away". Stage Buzz. 2008. 30 May 2015 تي حاصل ڪيل.
  8. 1 2 Kartik Chandra Dutt (1999). Who's who of Indian Writers, 1999: A-M. Sahitya Akademi. ص. 1490. ISBN 9788126008735.
  9. 1 2 Habib Tanvir (2014). Memoirs. Penguin. ص. 400. ISBN 9789351182023.