ٿئيٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
رايل ٿئيٽر،لنڊن 1821

ٿيئٽر __ناٽڪ گھر__(Theatre):

ٿيئٽر يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي ’ڏسڻ‘ يا ’نظارو پسڻ. ناٽڪ جي جاءِ يا ناٽڪ گهر. جيئن ته حقيقت ۾ ڊرامو اسٽيج تي عملي طور پيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويندو اھي، انھيءَ ڪري اھا جاءِ جتي ڊراما اسٽيج ٿيندو آهي، ان کي ”ٿئيٽر“ سڏيو ويندو آهي. پروفيسر منگھارام ملڪاڻي لکيو آهي ته ”ياد رکڻ گھرجي تھ ناٽڪي فن، ٻين فنن وانگر پاڻ ۾ ئي پورو نہ آھي، جنھن کي صرف ڪتب خاني ۾ ويھي مطالعو ڪجي. ناٽڪ جو اخري مقصد تڏھن پورو ٿيل سمجھبو، جڏھن ناٽڪ گھر (Theatre) ۾ اھو ڪري ڏيکاريو وڃي ۽ رنگ ڀوميءَ (Stage) تي اداڪاري (Acting)، چترڪاري (Painting)، وسترڪاري (Construing)، سنگيت (Music) ۽ ناچ (Dancing) جي ان کي پوري پوري واھر وٺڻي ٿي پوي.“ (وڌيڪ ڏسو پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ جو ”ادبي اصول“) [1]


ويانا ۾ ٿئيٽر جي اسٽيج

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي