مواد ڏانھن هلو

هوتچند مولچند گربخشاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھوتچند مولچند گربخشاڻي
ڊاڪٽر گربخشاڻي
پيدائش08 مارچ 1884(1884-03-08)
حيدرآباد), سنڌ, برطانوي هندستان
وفات11 فيبروري 1947(1947-02-11) (عمر 62 سال)
برطانوي هندستان
پيشومحقق، پروفيسر
سَرگَرمُ سالَ1884–1947

ڊاڪٽر هوتچند مولچند هربخشاڻي(انگريزي: Dr. Hotchand Molchand Gurbakhshani) تاريخ 8 مارچ 1884ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. [1]. ڊي_جي سنڌ ڪاليج مان 1905ع ۾ بي_اي ۽ ولسن ڪاليج بمبئي مان 1919ع ۾ ايم_اي پاس ڪيائين لنڊن ۾ يونيورسٽي ۾ ”انگريزي شاعري ۾ تصوف“ جي موضوع تي مقالولکيائين، جنهن تي کيس پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري ڏني ويئي. 1908ع ۾ ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب 11 فيبروري 1947ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت پاڻ ڊي - جي ڪاليج جو پرنسپال هو. آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي کي سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ گهڻو چاهه هو. پاڻ هڪ اعليٰ اديب هو ۽ جيتوڻيڪ سندس تصنيفون ٿوريون آهن. پر موضوع ۽ تحقيق جي لحاظ کان سنڌي ادب جو اهم ترين سرمايو آهن.

تفصيلي تعارف

[سنواريو]

مولانا گرامي مطابق سندس ابتدائي زندگي ھڪ اديب ۽ سنڌي زبان جي ڄاڻو جي حيثيت سان شروع ٿي ۽ پاڻ نحيف ۽نازڪ طبيعت جو ماڻهو ھيو. ابتدائي تعليم انتھائي امتياز سان حاصل ڪري 1900 ۾ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو جتان 1905 ۾ بي. اي پاس ڪيائين، پوء ايم اي لاءِ بمبئي جي ولسن ڪاليج ۾ داخل ٿيو جتي 1907 ۾ تعليم مڪمل ڪيائين ۽ ساڳي ڪاليج ۾ انگريزيء ۽ فارسي جو استاد مقرر ٿيو. 1928 م انگلينڊ روانو ٿيو ۽ لنڊن يونيورسٽي ۾ رھي ھڪ مقالو " انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف" تي لکي ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. آخري عمر تائين ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾جي مختلف منصبن تي فائز رهيو ۽ آخر ۾ پرنسپال ٿي رٽائر ٿيو.[2][3]

تصنيفون

[سنواريو]

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ناول ”نورجھان“، سنڌي تاريخي ناول نگاري ۾ اھم حيثيت رکي ٿو.رسالي جي شرح متعلق ڪن عالمن سخت تنقيدون لکيون پر ڊاڪٽر صاحب اٽل رھيو، ۽ شرح کي پنھنجي نقطہ نظر سان لکندو رهيو. ھن پنھنجي رسالي ۾ اڳين ڇپيل رسالن کا ھڪ ھزار بيت گھٽ شايع ڪيا ھئا. ھن شرح جي ابتدا ھڪ عالماڻي مقدمي سان ڪئي جنھن ۾ شاھ جي سوانح حيات جا مختلف پھلو پيش ڪيا آهن ۽ آخري ٻن بابن ۾ شاھ جي زبان ۽ ان جي گرامر جي بناوٽ تي عالماڻو بحث ڪيو آھي. روح رھاڻ ڪتاب ۾ شاھ جون آکاڻيون لکيون اٿائين. لواريء جا لال ۾ سنڌ جي بزرگن جي حالات تي ڪتاب لکيو اٿائين.[4].

حوالا

[سنواريو]
  1. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2017-08-04 تي محفوظ ڪيل, 2018-07-23 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  3. Sindhipeoples (2018-02-12). "سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي". سنڌي شخصيتون. 2020-09-16 تي حاصل ڪيل.
  4. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }