گنگا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

گنگا (Ganges or Ganga) ندي هندستان جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي، جيڪا اٽڪل 1570 ميل يا 2530 ڪلوميٽر آهي. هيءَ ندي اترکنڊ (Uttarakhand) رياست جي هماليا جبلن مان شروع ٿئي ٿي. هيءَ ندي ان هنڌ ڪيلاش پربت جي مانسرور ڍنڍ جي مور منهن (Peacock) مان نڪري ٿي. هندو ڌرم جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته ڪيلاش پربت تي شِو مهاديو رهي ٿو ۽ گنگا ان جي چتائن (وارن) مان وهي اچي هيٺ پهچي ٿي. هن کي آسمان جي ندي به چئجي ٿو. هن نديءَ جو جِتان جتان به وهڪرو آهي، اتي ڪيترا اشنان گهاٽ آهن، جِتي لکن جي تعداد ۾ هندو ياتري اچي شنان ڪري پنهنجا پاپ ڌوئين ٿا. بنارس يا ورانسي، هردوار ۽ الهه آباد جهڙن شهرن جو مانُ به گنگا ندي جي ڪري آهي، جنهن کي هندو ڌرم جا ماڻهو پوڄا جي حد تائين پيار ڪن ٿا.

Pilgrims sitting at the Asthi Pravaha Ghat, Har ki Pauri, Haridwar
Devprayag, confluence of Alaknanda (right) and Bhagirathi (left) rivers, beginning of the Ganges proper.

گنگا انڊيا جي اترئين رياست اترکنڊ کان شروع ٿئي ٿي. گنگا ندي ٻن ندين الاڪانندا (Alaknanda) ۽ ڀاڳراٿي (Bhagirathi) ندين جي ميلاپ جو نتيجو آهي. اهي نديون جتي ملن ٿيون ان هنڌ جو نالو ديو پرياگ (Devprayag) آهي. پرياگ هندي يا سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جي معنا ئي ”ميلاپ“ آهي. ان ڪري انڊيا جي حڪومت الهه آباد شهر جو نئون نالو پرياگ (Prayag) رکيو آهي، جِتي جمنا (Yamuna) ۽ گنگا (Ganga) ندين جو ميلاپ ٿئي ٿو. هماليا جبلن جي ڪجهه چوٽين، جهڙوڪ نندا ديوي، ترشول ۽ ڪميت وغيرهه تان جيڪا برف ڳري ٿي ته اها الاڪانندا ندي ٺاهي ٿي ۽ گائومُک وٽان جيڪا برف گنگوتري گليشئر ٺاهي ٿي، اهو گليشئر وٽڙي ڀاڳراٿي ندي ٺاهي ٿو. گائومک جبل جي چوٽي 13 هزار فٽن جي مٿاهئين تي آهي. ائين جبلن تي وسيل برف پاڻي ٿي ٻن ندين ذريعي ديو پرياگ شهر وٽ گڏ ٿي گنگا نالي هڪ اڪيلي ندي ٿي پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي. ديو پرياگ به ڪافي اتاهين يا مٿاهئين تي آهي جِتان گنگا ندي رفتارَ سان مختلف جبلن تان ڍرڪندي 250 کن ڪلوميٽرن (160 ميلن) جو سفر طي ڪري رشي ڪيش وٽ آخري جبلن ۽ اتاهين تان نڪري ميداني پٽن تي لهي ٿي. ان هنڌ تي هردوار شهر آهي، جيڪو پڻ هندو ڌرم جي ماڻهن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هردوار کانپوءِ هن نديءَ تي ڊئم ٺاهي، سندس ڪجهه پاڻيءَ کي ڪئنالن ذريعي اتر پرديش جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ٿو. هردوار، رشي ڪيش ۽ ديو پرياگ شهر رياست اترکنڊ ۾ آهن، هيءَ رياست اتر ۾ چين (China) سان مليل آهي. ٽئي شهر ڏسڻ وٽان آهن. اتاهين تي هجڻ ڪري ديو پرياگ ۽ رشي ڪيش ۾ اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. ٻنهي شهرن ۾ ساوڪ ۽ قدرتي خوبصورتيءَ کان کان سواءِ ڪيترائي مندر ۽ گهاٽ پڻ آهن. هِتي انگريزن جي ڏينهن يعني 1939ع جي هڪ 450 فٽ ڊگهي سسپينشن (suspension) برج پڻ آهي، جيڪا لڇمڻ جو پينگهو (لڇمڻ جھولا) پڻ سڏجي ٿي. هردوار کانپوءِ گنگا ندي 800 ڪلوميٽرن يا 500 کن ميلن جي فاصلي کان پوءِ هندستان جي اهم شهر الهه آباد يا پرياگ ۾ پهچي ٿي، جِتي هن نديءَ تي کمڀ ميلو (Kumbh Mela) به لڳي ٿو. هِتي انڊيا جي ٻي اهم ندي جمنا جيڪا هاڻ يمنا سڏجي ٿي، گنگا سان ملي ٿي ۽ گنگا جو پاڻي ٻيڻو ٿيو وڃي. الهه آباد پهچڻ کان اڳ گنگا ندي ڪجهه اهم شهرن فرخ آباد، قنوج ۽ ڪانپور وٽان به لنگهي ٿي. رستي تي ٻيون به ڪجهه ننڍيون ننڍيون نديون رام گنگا جهڙيون ملن ٿيون.

الهه آباد کان پوءِ گنگا ندي اوڀر جو رخ ڪري ٿي ۽ رستي تي تمسا ندي (Tamsa River) جيڪا ٽنس به سڏجي ٿي، گومٽي ندي، گهاگهرا ندي، سون ندي، گُندڪي ندي، ڪوسي ندي وغيره گنگا سان ملن ٿيون، تان جو اها مغربي بنگال جي شهر مالدا (Malda) ۾ اچيو پهچي. الهه آباد (Allahabad) ۽ مالدا جي وچ ۾ هيءَ ندي ڪيترن ئي مشهور شهرن مان گذري ٿي، جهڙوڪ: چنار، مرزاپور، ورانسي (بنارس/ڪاشي)، غازي پور (Ghazipur)، پٽنا (Patna)، ڀاڳل پور (Bhagalpur)، سلطان گنج ۽ سعيد پور وغيره. پڪور شاهر وٽ گنگا مان هڪ برانچ نڪري هُگلي ندي ٿئي ٿي. باقي گنگا نديءَ جو حصو بنگلاديش جو بارڊر ٽپي پدما ندي نالو اختيار ڪري ٿو. پدما سان اڳتي برهمپترا ۽ پوءِ ميگهنا نديون ملن ٿيون، جيڪي خليج بنگال ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن ۽ هوڏانهن هُگلي ندي به مرشد آباد، نابادوپ، ڪولڪتا ( Kolkata or Calcutta) ۽ هائوڙا شهرن مان ٿيندي انڊيا واري پاسي خليج بنگال ۾ وڃيو ڇوڙ ڪري ۽ چٽگانگ ۽ چالنا وٽ خليج بنگال واري سمنڊ ۾ جتي سندربنس جا گهاٽا ٻيلا آهن ڻ وڃيو ڇوڙ ڪري.

گنگا ندي جڏهن بنگلاديش (Bangladesh) جو بارڊر ٽپي ٿي ته ٻئي پاسي اها پدما (Padma) ٿيو وڃي ان هنڌ کان اڳ انڊيا جي حڪومت ان تي فرقا بئراج (Farakka Barrage) ٺـاهي اهي اها بئراج بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ 1975ع ۾ کولي وئي هئي. دنيا ۾ شايد ئي ٻي ڪا اهڙي ندي ناهي، جنهن جي ڀرپاسي ايترا ماڻهو رهندا هجن. هن نديءَ جي ڪناري اٽڪل 400 ملين ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جي گپاگيهه (Density) ڏٺي وڃي ته هڪ چورس ميل تي 1000 ماڻهو ٿين ٿا يا کڻي چئجي ته هڪ چورس ڪلوميٽر تي 400 ماڻهو ٿيا. گنگا جي ڪناري تي رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ هيءَ ندي جياپي جي تند (Life Line) آهي. جيڪا هنن جون روزآني جون گهُرجون، پيئڻ ۽ وهنجڻ کان رڌ پچاءَ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ کان وٺي معاشي ضرورتن تائين پوريون ڪري ٿي. [1] [2] [3]