مواد ڏانھن هلو

چمبل ندي

چمبل ندي
چمبل ندي
چمبل ندي جو ڍولپور، راجھستان وٽان ھڪ منظر
انڊيا جو دريائي نقشو
Lua error in ماڊيول:Location_map at line 526: Unable to find the specified location map definition: "Module:Location map/data/انڊيا" does not exist.
مقام
ملڪانڊيا
رياستمڌيا پرديش, راجھستان, اتر پرديش
طبعي وصفون
سرچشموجاناپاو جا پھاڙ
  مقامونڌياچل جبلن جون قطارون، مھائو، مڌيا پرديش، انڊيا
  جاگرافيائي بيهڪ22°27′N 75°31′E / 22.450°N 75.517°E / 22.450; 75.517
  اوچائي843 m (2,766 ft)
ڇوڙجمنا ندي
 -  مقامSahon, Bhind (M.P.) and Jalaun Etawah (U.P.), Madhya Pradesh, India
 - محل وقوع 26°29′20″N 79°15′10″E / 26.48889°N 79.25278°E / 26.48889; 79.25278
 - بلندي122 m (400 ft)}
ڊيگھ965 km (600 mi)}
طاس جي ماپ143,219 km2 (55,297 sq mi)
وهڪرو 
  سراسري456 m3/s (16,100 cu ft/s)[1]}
  گهٽ ۾ گهٽ58.53 m3/s (2,067 cu ft/s)}
  وڌ ۾ وڌ2,074.68 m3/s (73,267 cu ft/s)}
طاس جا تفصيل
شامل ٿيندڙ نديون 
 -  کاٻي پاسي Banas, Mej
 -  ساڄي پاسي Parbati, Kali Sindh, Shipra


چمبل ندي جو ڍولپور، راجھستان وٽان ھڪ منظر


چمبل ندي(انگريزي: Chambal River) وچ انڊيا ۾ جمنا نديءَ جي ھڪ شاخ جيڪا گنگا نديءَ جي نيڪال واري نظام جو حصو بڻجي ٿي. ھي ندي اتر ۽ اتر اوڀر کان شروع ٿي راجھستان کان ٿيندي مڌيا پرديش کان گذري اتر پرديش ۾ داخل ٿي جمنا نديءَ سان ملي ٿي. [2] ھن ندي جو ذڪر قديم ڪتابن ۾ بہ ٿيل آھي. ھن جي شروعات ڏکڻ ۾ مھائو (Mhow) شھر ، مني پور، اندور جي ڀرسان کان ٿئي ٿي جتي ونڌيا جبلن جي قطار جي ڏاکڻي لاھي آھي. ھي مدي مڌيا پرديش جي اتر اولھ ۾ مالوا واري خطي مان گذري ٿي جتان بناس ندي جي صورت ۾ ان جي ھڪ شاخ راجھستان جي اراوالي جبلن مان وھي ھن نديءَ سان ملي ٿي. چمبل ندي جو ڇوڙ اتر پرديش ۾ ڀاريھ ويجھو ڀنڊ (Bhind) ۽ اٽاوا (Etawah) ضلعن جي سرحدن تي پاچندا (Pachnada) جي مقام تي پنجن ندين جي سنگم تي ٿئي ٿو جن ۾ چمبل ندي، ڪواري ندي، جمنا ندي، سنڌ ندي ۽ پھوج ندي شامل آهن.چمبل ندي جو شمار گدلاڻ کان پاڪ ندين ۾ ٿئي ٿو.[3] ھن ۾ موجود دريائي جاندارن ۾ واڳن جا مختلف قسم جنھن ۾ مڱر، گھڙيال ، تازي پاڻيء وارين ڪمين جا اٺ قسم, لسي کل وارو لڌڙو (otter), گنگا نديءَ واري ڊالفن شامل آهن.

انڊيا جو دريائي نقشو

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Hussain, Syed; Sharma, R.K.; Dasgupta, Niladri; Raha, Anshuman (April 2011). "Assessment of minimum water flow requirements of Chambal River in the context of Gharial (Gavialis gangeticus) and Gangetic Dolphin (Platanista gangetica) conservation" (PDF). www.wii.gov.in. Wildlife Institute of India. 11 February 2014 تي حاصل ڪيل.
  2. Jain, Sharad K.; Pushpendra K. Agarwal; Vijay P. Singh (2007). Hydrology and water resources of India- Volume 57 of Water science and technology library - Tributaries of Yamuna river. Springer. ص. 350. ISBN 1-4020-5179-4.
  3. Saksena D.N., Garg R.K., Rao R.J. 2008. Water quality and pollution status of Chambal river in National Chambal sanctuary, Madhya Pradesh. Journal of Environmental Biology 29(5) 701-710.