سمن سرڪار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سيد سمن شاھ جو ساليانو عرس هر سال بدين ضلعي جي شهر پنگريو لڳ درويش جي درگاهه تي وڏي ڌام ڌوم سان لڳي ٿو. سمن سرڪار، ڪڪڙن جي پير ۽ ڪڪڙن جي سرڪار طور به مشهور آهي، ان لاءِ سندس عقيدتمند ميلي جي موقعي تي پاڻ سان گڏ نر ديسي ڪڪڙ (ٻانگو) پڻ گڏ کڻي ايندا آهن، هن سال پڻ سمن سرڪار جي درگاهه تي هزارين ڪڪڙ (ٻانگا) پهتل هئا، جن جي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ يڪ آواز ٻانگون ڏيندا آهن. کيس لاڙ جو لال پڻ چوندا آهن. سندس عقيدتمند درگاھ تي ڪڪڙن کي ڪھي چانورن ۾ رڌي درگاھ تي لنگر ھلائيندا آھن[1].

سالياني ميلي کان سواءِ هر چنڊ واري مهيني جي پهرين سومر جي رات جنهن کي لاڙ ۾ سائو سومر چيو ويندو آهي ان رات پڻ سمن شاھ جي درگاھ تي هزارين مريد نذراني وارا ٻانگا کڻي ايندا آهن. عقيدتمندن طرفان آندل اهي نر ديسي ڪڪڙ پنهنجي گهرن ۾ ئي پالي وڏا ڪندا آهن ۽ سُکا طور پاليل ان ڪڪڙ کي اهي عقيدتمند سمن شاهه جي ڪڪڙ جو نالو ڏيئي ان کي سٺي خوراڪ کارائي مچائي مواڙ ڪري پنهنجي هٿن سان درگاهه تي کڻي اچي باسيل سُکا جي پيروي ڪن ٿا. عقيدتمندن چواڻي ان سُکا جو نذرانو ڏيڻ سان سمن سرڪار خوش ٿي کين پٽ جو اولاد عطا ڪندو. ڪڪڙن واري سمن سرڪار کي ڪڪڙ جي بدلي پُٽ ڏيندڙ پير ۽ درويش پڻ سڏيو وڃي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سالياني ميلي کان سواءِ هر جمعي جي رات ۽ هر مهيني جي سائي سُومر تي درگاهه تي ايندڙ عقيدتمندن ۾ نوجوان عورتن جو پڻ وڏو انگ شامل آهي. عقيدتمندن ۽ زائرين طرفان درگاهه تي ڪڪڙ کڻي اچڻ واري ان روايت لاءِ مشهور آهي ته درويش بزرگ سائين سمن شاهه کي ڪڪڙ تمام گهڻا پسند هئا. سندن حياتي ۾ جيڪو به ماڻهو هن سان ملڻ ايندو هو ته هو سرائڪي ٻولي ۾ ان کي چوندو هو ته: “ڪڪڙ آندا هَئي؟ هُن جڏهن به آوين ڪڪڙ چائي آوين،” درويش جي ان ڪرت سبب سندس حياتي ۾ ئي هن وٽ گهڻا ڪڪڙ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ سندس لاڏاڻي کان پوءِ به عقيدتمندن طرفان سندس درگاهه تي ڪڪڙ کڻي اچڻ جي روايت قائم ٿي جيڪا اڃا تائين جاري آهي.

سمن شاهه لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو مجذوب هو. اهو بنان تن جي لباس ۽ ڪپڙن جي اگهاڙو گهمندو رهندو هو. اهو اڪثر سرائڪي زبان ۾ تمام ڳالهائيندو هو. ويهين صدي جي هن درويش کي مهراڻي، ونگي ۽ ولاسي جي وڏي ڄمار جي جهونڙن پڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، جن جو پڻ اهو چوڻ هو ته هو ڪپڙا نه پائيندو هو ۽ هر وقت عورتن جي اڳيان پڻ بنا ڪپڙن جي گهمندو رهندو هو.

ويجهي ماضي جي هن انوکي درويش جي پيدائش جي تاريخ، هنڌ ۽ والدين بابت معلومات پڻ جدا جدا ۽ بنهه اڻ مڪمل آهي، جيڪا ڳالهه پڻ تمام افسوسناڪ ۽ حيران ڪندڙ آهي. هيل تائين درويش جي وفات جا متضاد مختلف ٽي سن 1927ع، 1929ع ۽ 1935ع، ڪن ليکڪن طرفان لکيا ويا آهن. جڏهن ته درويش جي پيدائش واري ماڳ ۽ اصل جنم ڀومي واري ڳوٺ تي پڻ اختلاف آهن، بنا تحقيق ڪرڻ جي ڪن ليکڪن ڌُڪا هڻي سندس ڳوٺ پنگريو لڳ ديهه سانگي ڦرهو لکيو آهي ته ڪن همراهن درويش جي پيدائش جو اصل ماڳ تعلقي تلهار جي هڪ ڳوٺ بڙدو جمالي کي قرار ڏنو آهي. ڏاڍي افسوس جو مقام آهي ته ڪي مقامي صحافي ۽ ليکڪ جن درويش صفت هن بزرگ تي ڪا به حقيقي تحقيق ڪرڻ جي بجاءِ محض عقيدي جي بنياد تي پهرين سمن سرڪار ۽ بعد ۾ هاڻي تازو ڪجهه سالن کان ميلي جي رپورٽنگ ڪرڻ وقت لاڙ جو لال سمن سرڪار کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي لقبن سان گڏ لکڻ شروع ڪيو آهي. حقيقت اها آهي ته هن کان اڳ عظيم صوفي بزرگ حضرت خواجا محمد زمان صديقي کي لنواري جو لال ۽ حضرت مولوي احمد ملاح کي لاڙ جي لال جا لال جا اعزاز حاصل ٿيل آهن جن ٻنهي سنڌ جي بزرگ عظيم هستين جو علمي ادبي قد ڪاٺ تمام گهڻو مٿاهون آهي تنهن ڪري جذبات جي وهڪري ۾ وهڻ جي بدرآن حقيقت پسند هئڻ گهرجي.

سمن سرڪار جو هندو عقيدتمند[سنواريو]

سمن شاهه جي درگاهه لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها درگاهه سندس هڪ هندو عقيدتمند گلاب راءِ 1932 ۾ اڏائي، درويش جي مٿي ڄاڻايل وفات جي مختلف سنن مان پڻ ظاهر آهي ته اهو عرصو فقط 85-80 سال آڳاٽو آهي ته پوءِ ڇو ان بزرگ جي فقط 80 سالن جي آڳاٽي تاريخ عظيم درياهه پُراڻ جي پٽن ۾ گم ٿي ويئي آهي. [2] [3]

حوالا[سنواريو]